Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 33:4 - Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هن شهر جي گهرن بابت، ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي گهرن بابت، جي گهيري ۽ ترار کان بچاءُ جي لاءِ ڀڃي ڇڏيا ويا هئا، هيئن ٿو فرمائي، تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ڏسو، هن شهر جي گھرن ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي محلاتن، جيڪي ڊاهي ڍير ڪيل آهن تن بابت آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ انهن جي بچاءَ لاءِ دِڪا ڊاهڻ ۽ جنگ ڪندڙن سان وڙهڻ فضول آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 33:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اوهان يروشلم جي گهرن جو شمار ڪيو، ۽ ڀت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اوهان مڪان ڀڃي ڊاهي وڌا.


منهنجيءَ اُمت جي زمين تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا؛ هائو، خوش وقت شهر جي سڀني خوشيءَ سان ڀريل گهرن ۾ بہ اهي نڪرندا.


ڇالاءِ جو محلات سڃيو ڪيو ويندو؛ آباد شهر ويران ٿي ويندو؛ ٽڪر ۽ پهري وارو ٺلهہ هميشہ غارن وانگي ڪم ايندو، ۽ گورخرن جي خوشي ۽ ڌڻن جو چراگاهہ ٿيندو؛


ڏس، شهر جي وٺڻ لاءِ اُن تائين بند ٻڌجي ويا آهن؛ ۽ شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، جي انهي سان وڙهن ٿا، ڇالاءِ جو ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض اچي پيا آهن: ۽ جيڪي تو چيو آهي سو اچي ظاهر ٿيو آهي؛ ۽ ڏس، تون اُهو ڏسين ٿو.


ڇالاءِ تہ لشڪرن جي خداوند هيئن فرمايو آهي، تہ اوهين وڻ وڍي ڇڏيو ۽ يروشلم جي اڳيان هڪڙو بند ٻڌو: اهو ئي شهر آهي جنهن تي آفت اچڻي آهي؛ اُهو اندر ۾ سمورو ظلم آهي.


خداوند پنهنجي قربانگاهہ رد ڪري ڇڏي آهي، هن پنهنجي پاڪ مڪان کي ڌڪاريو آهي، هن انهيءَ جي محلاتن جون ڀتيون دشمن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون آهن: هنن خداوند جي گهر ۾ اهڙو گوڙ مچايو آهي جهڙو سڳوري جماعت گڏ ٿيڻ جي ڏينهن ٿيندو آهي.


هن جي ساڄي هٿ ۾ يروشلم لاءِ فال هئي تہ ڀتين ڀڃڻ جون ڪَلون بيهاري، ۽ ڪوس جي لاءِ وات کولي، رڙيون ڪري، ۽ نعرا هڻي، دروازن تي ڪَلون رکي، بند ٻڌي ۽ دمدما جوڙي.


هو جهنگ ۾ تنهنجين ڌيئرن کي ترار سان قتل ڪندو: ۽ هو توسان وڙهڻ لاءِ قلعا جوڙائيندو، ۽ تنهنجي سامهون بند ٻڌائيندو، ۽ تنهنجي برخلاف سپر کڻندو.


۽ انهي کي گهيرو ڪر ۽ انهي جي سامهون دمدما جوڙ، ۽ انهي جي سامهون هڪڙو بند ٻڌ؛ ۽ انهي جي سامهون لشڪرگاهہ جا تنبو کڙا ڪر، ۽ انهي جي چوڌاري ڀتين ڀڃڻ واريون ڪَلون بيهار.


هو بادشاهن تي ٺٺوليون ٿا ڪن. ۽ شهزادا هنن جي اڳيان کل چرچو آهن: هو سڀ ڪنهن مضبوط قلعي تي کلن ٿا؛ ڇالاءِ جو هو دمدما ٻڌي انهي کي فتح ٿا ڪن.


رڳو اهي وڻ جي تون سمجهين تہ کاڌي جي ڪم جا نہ آهن، سي تون وڍي برباد ڪري ڇڏج؛ جيڪو شهر تو سان جنگ ڪري، تنهن جي سامهون تون مورچا ٻڌج، جيسين ڪ اهو هٿ اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ