Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 33:24 - Sindhi Bible

24 جيڪي هن قوم ڳالهايو آهي تنهن تي تو ويچار نہ ڪيو ڇا، جو چون ٿا تہ جن ٻن فرقن کي خداوند پسند ڪيو، تن کي هن رد ڪري اُڇلائي ڇڏيو آهي؟ انهي طرح هو منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا، انهي لاءِ تہ اُهي سندن اڳيان وري ڪڏهن بہ قوم ٿي نہ رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ”ڇا تو هن ڳالهہ ڏانهن ڌيان نہ ڏنو آهي جو ماڻهو چون ٿا تہ ’خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن کي چونڊي پنهنجي قوم بڻايو هئائين‘؟ هو ائين چوندي منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا ۽ کيس قوم ئي نہ ٿا سمجھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 33:24
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي چون ٿا تہ خدا هن کي ڇڏي ڏنو آهي: هن جي پٺيان پئو؛ ۽ جهليوس؛ ڇو تہ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونهيس.


انهن چيو آهي تہ اچو تہ هنن کي تباهہ ڪريون تہ هو هڪڙي قوم نہ سڏجن؛ ۽ اڳتي اسرائيل جو نالو ياد نہ رهي.


ڇو جو انهن يڪمشت ٿي صلاح ڪئي آهي؛ ۽ تنهنجي برخلاف پاڻ ۾ عهد ڪيو اٿن:


ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي اُمت کي ڪڍي ڪين ڇڏيندو، نڪي پنهنجي ميراث کي ڇڏي ڏيندو.


تڏهن افرائيم جو حسد بہ هليو ويندو، ۽ جيڪي يهوداہ کي ستائيندا سي بہ وڍجي ويندا: افرائيم يهوداہ تي حسد نہ ڪندو، ۽ يهوداہ افرائيم کي نہ ستائيندو.


خداوند توتي، ۽ تنهنجي قوم تي، ۽ تنهنجي پيءُ جي گهراڻي تي اهڙا ڏينهن آڻيندو جهڙا افرائيم جي يهوداہ مان نڪرڻ واري ڏينهن کان وٺي هيستائين نہ آيا آهن، يعني اسور جي بادشاهہ جا ڏينهن.


۽ هوءَ اُهي سڀ ڪم ڪري چڪي تنهن کان پوءِ مون چيو تہ هوءَ موٽي مون ڏي ايندي؛ پر نہ موٽي: ۽ سندس دغاباز ڀيڻ يهوداہ اهو حال ڏٺو.


۽ جڏهن هن ڏٺو تہ بي وفا اسرائيل جي زنا ڪرڻ تي مون هن کي ڪڍي ڇڏيو هو ۽ طلاق نامو ڏنو هومانس، انهي هوندي بہ سندس ڀيڻ دغاباز يهوداہ ڊني ڪين؛ پر پاڻ بہ وڃي ڪسب ڪرڻ لڳي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ توکي وري تندرست ڪندس ۽ تنهنجا ڦٽ ڇُٽائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن توکي رد ڪيل سڏيو آهي، ۽ چيو اٿن تہ اهو صيون آهي جنهن جي ڪوبہ ڳولا ڪانہ ٿو ڪري.


تہ جيڪڏهن اهي قانون منهنجي اڳيان ٽري ويندا، تہ پوءِ خداوند فرمائي ٿو تہ اسرائيل جو نسل بہ منهنجي اڳيان هميشہ جي لاءِ اُمت ٿيڻ کان ٽري ويندو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪڏهن مٿي آسمان ماپي سگهبو ۽ هيٺ زمين جو بنياد جانچي معلوم ڪري سگهبو، تہ پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اسرائيل جو سمورو نسل بہ سندن سڀني ڪمن جي ڪري ڦٽو ڪري ڇڏيندس.


۽ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


تڏهن آءٌ يعقوب جو، ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جو اولاد بہ رد ڪري ڇڏيندس، تہ انهن مان ڪنهن کي بہ نہ وٺان تہ ابرهام، اسحاق ۽ يعقوب جي نسل تي حڪم هلائين: بلڪ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس، ۽ هنن تي رحم ڪندس.


ڇالاءِ جو نڪي اسرائيل کي نڪي يهوداہ کي سندن خدا، لشڪرن جي خداوند، ڇڏي ڏنو آهي؛ جيتوڻيڪ هنن جو ملڪ اسرائيل جي پاڪ خدا جي ڏوهہ سان ڀريل آهي.


هن انهن کي رڙ ڪري چيو تہ نڪري وڃو، اي پليت نڪري وڃو، هٿ نہ لايو. جڏهن هو ڀڄي ويا ۽ وڃي رلڻ لڳا، تڏهن قومن ۾ ماڻهن چيو تہ هو وري اڳتي هتي اچي نہ رهندا.


۽ بني عمون کي چئُہ تہ خداوند خدا جو ڪلام ٻڌو؛ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن منهنجو پاڪ مڪان ناپاڪ ٿيو، ۽ جڏهن اسرائيل جي زمين ويران ڪئي ويئي، ۽ جڏهن يهوداہ جو گهراڻو قيد ٿي ويو، تڏهن اوهان خوشي ڪئي:


اي آدمزاد، صور يروشلم جي بابت چيو آهي تہ واهہ واهہ، جيڪو قومن جو دروازو هو سو ڀڄي پيو آهي؛ هاڻي هن مون ڏانهن رخ رکيو آهي، هاڻي جڏهن هو پاڻ ويران ٿي ويو آهي تڏهن آءٌ ڀرجي ويندس.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ دشمن اوهان جي نسبت ۾ هيئن چيو آهي، تہ واهہ، قديم مٿانهان مڪان اسان جي ملڪيت آهن:


۽ جڏهن هو انهن قومن ۾ ويا جن ڏانهن هو ويا ٿي، تڏهن هنن منهنجي پاڪ نالي جي بي ادبي ڪئي؛ جو ماڻهن انهن جي نسبت ۾ چيو تہ هيءَ خداوند جي قوم آهي ۽ هن جي زمين کان ٻاهر نڪري ويئي آهي.


تڏهن هن مون کي فرمايو، تہ اي آدمزاد، هي هڏيون اسرائيل جو سڄو گهراڻو آهي: ڏس، هو چون ٿا تہ اسان جون هڏيون سُڪي ويون آهن، ۽ اسان جي اُميد ويندي رهي آهي؛ اسين بلڪل وڍجي ويا آهيون.


آءٌ انهي زمين ۾ اسرائيل جي جبلن تي هنن کي هڪڙي قوم ڪندس؛ ۽ هڪڙو ئي بادشاهہ هنن سڀني جو بادشاهہ ٿيندو: ۽ هو اڳتي ٻہ قومون ٿي نہ رهندا، نڪي وري ڪڏهن بہ ٻن بادشاهتن ۾ ورهائجي ويندا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ