Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 33:2 - Sindhi Bible

2 خداوند، جو خلقي ٿو، ۽ قائم ڪرڻ لاءِ بنائي ٿو، ۽ جنهن جو نالو خداوند آهي، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خداوند جيڪو ڌرتيءَ جو خلقيندڙ، ان کي پنهنجي هٿن سان بڻائيندڙ ۽ ان جو قائم ڪندڙ آهي ۽ جنهن جو نالو خداوند آهي، سو فرمائي ٿو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 33:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو جو خداوند صيون کي اڏايو آهي، ۽ هو پنهنجي جلال ۾ ظاهر ٿيو آهي.


۽ صيون بابت چيو ويندو تہ هي ۽ هو ماڻهو اتي ڄائو هو؛ ۽ خدا تعاليٰ پاڻ انهي کي قائم ڪندو.


خداوند جنگي پهلوان آهي، انهيءَ جو نالو خداوند آهي.


جڏهن مون ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تڏهن اهي مون کي خدا قادر مطلق ڪري ڄاڻندا هئا، پر هنن کي خبر ڪانہ هئي تہ منهنجو نالو خداوند آهي.


تڏهن قوم جي قاصدن کي ڪهڙو جواب ڏيندا؟ هيءُ تہ خداوند صيون جو بنياد وڌو آهي، ۽ انهيءَ ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.


تو ٻڌو نہ آهي ڇا تہ اڳوڻي وقت ۾ مون ڇا ڪيو، ۽ قديم زماني ۾ انهي جي رٿ ڪري ڇڏي اٿم؟ هاڻي مون اها پوري ڪئي آهي، تہ تون ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويرانيءَ جا ڍڳ ڪرين.


آءٌ خداوند آهيان؛ اهو منهنجو نالو آهي: آءٌ پنهنجو جلال ڪنهن ٻئي کي ڪين ڏيندس، نڪي پنهنجي تعريف اُڪريل مورتن کي ڏيندس.


پر هاڻي اي يعقوب، خداوند جنهن توکي پيدا ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جنهن توکي جوڙيو آهي، سو هيئن ٿو فرمائي: تہ ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي؛ مون تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيو آهي، تون منهنجو آهين.


اها اُمت جا مون پنهنجي لاءِ جوڙي، تہ اُهي منهنجي تعريف ڪن.


۽ جيسين هو يروشلم کي قائم نہ ڪري، ۽ انهي کي زمين تي تعريف جي لائق نہ ڪري، تيسين هن کي آرام نہ ڏيو.


يعقوب جو حصو انهن جهڙو ناهي؛ ڇالاءِ جو خداوند سڀني شين جو خالق آهي، ۽ اسرائيل انهي جي موروثي قوم آهي: لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي.


تنهن ڪري ڏس، آءٌ هنن کي ڄاڻائيندس، هن ڀيري پنهنجو هٿ ۽ پنهنجو زور هنن کي ڄاڻائيندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ منهنجو ئي نالو يهوواہ آهي.


تون هزارن کي رحم ڏيکارين ٿو، ۽ ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ سندن اولاد کان وٺين ٿو: تنهنجو نالو وڏو قادر خدا، لشڪرن جو خداوند آهي:


يعقوب جو حصو انهن جهڙو نہ آهي، ڇالاءِ جو هو سڀني شين جو جوڙيندڙ آهي؛ ۽ اسرائيل هن جي ورثي وارو فرقو آهي: انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


انهي کي ڳوليو جو ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙي ٿو، ۽ گُگهہ اونداهي کي ڦيرائي صبح ڪري ٿو؛ ۽ ڏينهن کي رات وانگر اوندهہ ڪري ٿو؛ جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو ۽ انهي کي زمين تي اُڇلائي وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي.


اُهو ئي آهي جو آسمان ۾ پنهنجون ڪوٺيون ٺاهي ٿو، ۽ جنهن زمين تي پنهنجو محراب جوڙيو آهي؛ اُهو جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو، ۽ زمين تي هاري وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي.


ڇالاءِ جو هو انهي شهر جو اُميدوار هو جنهن جو بنياد پيل آهي، ۽ جنهن جو معمار ۽ اڏيندڙ خدا آهي.


پر هاڻي هو بهتر ملڪ يعني آسماني ملڪ جي لاءِ خواهشمند آهن: جنهنڪري خدا هنن جو، يعني سندن خدا سڏجڻ کان، شرمندو نٿو ٿئي: ڇالاءِ جو هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.


۽ هو مون کي روح ۾ هڪڙي وڏي ۽ اُتانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ پاڪ شهر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏيکاريائين،


۽ مون پاڪ شهر يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏٺو، جو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جا پنهنجي گهوٽ لاءِ سينگاربي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ