Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 33:18 - Sindhi Bible

18 نڪا ڪاهنن يعني لاوين کي، سوختني قربانين چاڙهڻ لاءِ، ۽ نذرانن ساڙڻ لاءِ، ۽ هميشہ قرباني ڪرڻ لاءِ منهنجي اڳيان ڪنهن ماڻهوءَ جي کوٽ ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 نہ ئي وري لاوي قبيلي ۾ ڪاهنن جي ڪا کوٽ ٿيندي جيڪي هميشہ منهنجي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ ٻيا نذرانا پيش ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 33:18
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تنهن کانپوءِ ساندهہ سوختنيون قربانيون ۽ نئين چنڊ جون قربانيون، ۽ اهي سڀ خداوند جون مقرر ڪيل عيدون، جي پاڪ ڪيل هيون، ۽ جن خوشيءَ سان خداوند جي قرباني ڪرڻ ٿي گهري، تن جون قربانيون چاڙهيون.


تن کي بہ آءٌ پنهنجي پاڪ جبل تي آڻيندس، ۽ پنهنجي عبادتخاني ۾ خوش رکندس؛ انهن جون سوختني قربانيون، ۽ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پونديون: ڇالاءِ جو منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ عبادتگاهہ سڏبو.


پر اوهين خداوند جا ڪاهن سڏبا: ماڻهو اوهان کي اسان جي خدا جا خادم سڏيندا: اوهين قومن جي دولت کائيندا، ۽ انهن جو شان حاصل ڪري اوهين فخر ڪندا.


۽ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


جيئن آسمان جو لشڪر شمار ڪري سگهڻ جو ناهي، نڪي سمنڊ جي واري ماپي سگهڻ جي آهي؛ تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي، ۽ پنهنجن خدمتگارن لاوين کي وڌائيندس.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ يوناداب بن ريڪاب کي ڪڏهن بہ اهڙي ماڻهوءَ جي کوٽ نہ ٿيندي جو منهنجي اڳيان بيهي.


پر لاوي ڪاهن صدوق جا پٽ، جي منهنجي پاڪ مڪان جي تڏهن بہ سنڀال ڪندا هئا جڏهن بني اسرائيل مون کان ڦري ويا هئا، سي منهنجي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ ڀلي منهنجي اڳيان بيهن.


۽ پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾ ٻہ هزار ويڪر ۾، لاوين، يعني گهر جي خدمتگارن جي لاءِ ٿيندا، جي هنن جو خاص حصو ٿيندا؛ ۽ اُها ويهن ڪوٺين جي لاءِ جاءِ ٿيندي.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ


ڇالاءِ جو خدا کي سڃاڻي، هنن سندس خدائيءَ جي لائق وڏائي نہ ڪئي، ۽ نڪي سندس شڪرگذاري ڪئي، پر پنهنجن اجاين خيالن ڪري مُنجهي پيا، ۽ سندن بي سمجهہ دلين تي اوندهہ ڇانئجي ويئي.


تہ آئون غير قومن لاءِ مسيح يسوع جو خادم ٿيان، ۽ ڪاهنت وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي خدمت ڪريان، انهي لاءِ تہ غير قومون نذر جي طور پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي قبول پون.


لاوي ڪاهنن کي، يعني لاوين جي سڄي قبيلي کي، اسرائيل سان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ ملندو: اهي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيون، ۽ انهن جو مقرر حصو کائيندا.


تون ڪوڙهہ جي بيماريءَ کان سنڀاليندو رهج، ۽ جيڪي لاوي ڪاهن اوهان کي سيکارين، انهي موجب خبرداريءَ سان عمل ڪج: جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين خبرداريءَ سان ڪندا رهجو.


ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهدنامي جي صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندو ڏسو، تڏهن اوهين پنهنجي جاءِ تان ڪوچ ڪجو، ۽ انهيءَ جي پٺيان اُٿي هلجو.


۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


۽ اسان کي هڪڙي بادشاهت بنايو، ۽ پنهنجي خدا يعني پيءُ لاءِ ڪاهن ڪيو؛ انهي جي وڏائي ۽ بادشاهي شل هميشہ تائين قائم هجي، آمين.


۽ انهن کي اسان جي خدا جي لاءِ هڪڙي بادشاهت ۽ ڪاهن ڪيو اٿيئي؛ ۽ اُهي زمين تي بادشاهي ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ