Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 33:13 - Sindhi Bible

13 ڪوهستان جي شهرن ۾، ۽ نشيب واري زمين ۾، ۽ ڏکڻ جي شهرن ۾، ۽ بنيمين جي زمين ۽ يروشلم جي آس پاس وارين جاين ۾، ۽ يهوداہ جي شهر ۾، خداوند ٿو فرمائي، تہ ڳڻڻ واري جي هٿن هيٺان وري ڌڻ لنگهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هائو، جابلو علائقي جي شهرن، اولهہ وارين هيٺاهين زمينن، ڏکڻ وارن شهرن ۽ بنيامين جي علائقي ۾ توڙي يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن وٽ ڌنار پنهنجا ڍور پيا ڳڻيندا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 33:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو يهوداہ جي شهرن مان، ۽ يروشلم جي آس پاس وارن هنڌن مان، ۽ بنيمين جي زمين مان، ميدان ۽ جبلن مان، ۽ ڏکڻ مان ايندا، ۽ سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون، ۽ نذرانا ۽ لوبان آڻيندا ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون بہ خداوند جي گهر ۾ آڻيندا.


۽ هو ايندا ۽ صيون جي چوٽيءَ تي ڳائيندا، ۽ گڏجي خداوند جي چڱائيءَ ڏي اُٿي هلندا، يعني اناج ڏي ۽ مئي ڏي، ۽ تيل ڏي، ۽ ڌڻ ڏي، ۽ ڌڻ ۽ گلي جي ٻچن ڏي: ۽ هنن جو روح پاڻي ڏنل باغ جهڙو ٿيندو، ۽ هو وري ڪڏهن بہ ڏک نہ ڪندا،


ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ گهر ۽ ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ اڃا بہ وري هن ملڪ ۾ خريد ڪيا ويندا.


ماڻهو پئسن تي ٻنيون خريد ڪندا، ۽ دستاويزن تي صحيح ڪندا، ۽ اُنهن تي مهرون هڻندا ۽ شاهدي ڏيندا؛ جهڙو بنيمين جي زمين ۾، تهڙو يروشلم جي آس پاس ۽ يهوداہ جي شهر ۾: جهڙو ڪوهستان جي شهرن ۾، تهڙو نشيب واري زمين ۽ ڏکڻ جي شهرن ۾: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس.


۽ آءٌ اوهان کي لٺ جي هيٺان لنگهائيندس، ۽ اوهان کي عهد جي قبضي ۾ آڻيندس.


۽ ڍورن ۽ ڌڻن منجهان بہ، سڀ جيڪي ڌنار جي لٺ هيٺان ٿا لنگهن، تن جو ڏهون حصو خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندو.


۽ بني اسرائيل جي لشڪر جا قيدي جي ڪنعانين منجهہ آهن، سي صارپت تائين ملڪ جا وارث ٿيندا، ۽ يروشلم جا قيدي جي سفاراد ۾ آهن، سي ڏکڻ جا شهر هٿ ڪندا.


اوهان مان اُهو ڪير آهي، جنهن کي هڪ سؤ رڍون هجن، ۽ اُنهن مان هڪڙي گم ٿي وڃيس، تہ نوانوي جهنگ ۾ ڇڏي اُنهيءَ وڃايل جي پٺيان نہ رُلي، جيسين ڪ اُها لڀيس؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ