Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 33:10 - Sindhi Bible

10 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي هنڌ، جنهن جي نسبت ۾ اوهين چئو ٿا تہ اهو ويران آهي، ۽ منجهس ماڻهو يا جانور ڪونهي، يعني يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ جي ويران آهن، ۽ جنهن ۾ نڪو ماڻهو آهي ۽ نڪو جانور،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10-11 خداوند فرمائي ٿو تہ ”هن ملڪ بابت چيو وڃي ٿو تہ ’اهو ويران ٿي ويو آهي، منجھس ڪوبہ انسان يا جانور ڪونهي.‘ جيتوڻيڪ يروشلم جون گھٽيون ۽ يهوداہ جا ٻيا شهر ويران آهن ۽ منجھن نہ ڪو ماڻهو آهي ۽ نہ وري ڪو جانور، تنهن هوندي بہ انهن مان هڪ دفعو وري خوشي ۽ سرهائيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. هائو، اتي گھوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ۽ انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو جيڪي منهنجي هيڪل ڏانهن شڪرگذاريءَ جا نذرانا هي ڳائيندي آڻيندا آهن تہ ’قادرِمطلق خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ڀلو آهي. سندس شفقت لافاني آهي.‘ آءٌ هن ملڪ جي خوشحالي اڳي وانگر بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 33:10
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو جو هن تنهنجي دروازن جون تاڙيون مضبوط ڪيون آهن، ۽ تو منجهہ تنهنجي اولاد کي برڪت ڏني اٿس.


اي خداوند پنهنجو رحم اسان کي ڏيکار، ۽ پنهنجي نجات اسان کي بخش.


ڇالاءِ تو خداوند جي نالي سان نبوت ڪري چيو آهي تہ هي گهر سيلا جهڙو ٿيندو، ۽ هي شهر اهڙو ويران ٿيندو جو ڪوبہ منجهس رهڻ وارو ڪونہ هوندو؟ پوءِ سڀ ماڻهو يرمياہ وٽ خدا جي گهر ۾ اچي گڏ ٿيا.


۽ تنهن ڪري هاڻي جنهن شهر بابت اوهين چئو ٿا، تہ اُهو ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مرض سان بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، تنهن جي بہ نسبت خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ


۽ هن زمين ۾ ٻنيون خريد ڪيون وينديون جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ اها ويران آهي، ۽ ڪسدين جي حوالي ڪئي وئي آهي، ۽ منجهس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونهي.


ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ حڪم ڏئي هنن کي هن شهر ڏي آڻيندس؛ ۽ اُهي انهي سان وڙهندا، ۽ انهي کي وٺندا، ۽ باهہ سان ساڙيندا: ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ منجهن رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


تڏهن هن مون کي فرمايو، تہ اي آدمزاد، هي هڏيون اسرائيل جو سڄو گهراڻو آهي: ڏس، هو چون ٿا تہ اسان جون هڏيون سُڪي ويون آهن، ۽ اسان جي اُميد ويندي رهي آهي؛ اسين بلڪل وڍجي ويا آهيون.


۽ آءٌ ملڪ کي ويران ڪندس: ۽ جيڪي اوهان جا دشمن انهي ۾ رهندا هوندا سي انهي ڪري عجب ۾ پوندا.


اهو ڪو وقت آهي ڇا تہ اوهين پاڻ پنهنجين ڇتين پيل گهرن ۾ رهو، ۽ هي گهر ويران پيو هجي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ