Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 32:9 - Sindhi Bible

9 مون اُها ٻني خريد ڪئي، جا عنتوت ۾ منهنجي چاچي جي پٽ حنم ايل جي هئي، ۽ پئسا توري هن کي ڏنم، جي چانديءَ جا سترهن شيڪل ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سو مون عنتوت شهر واري اها ٻني پنهنجي سؤٽ کان چانديءَ جي سترهن سڪن ۾ خريد ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 32:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُٺن پاڻي پي بس ڪئي، تڏهن هن ماڻهوءَ هڪڙي اڌ سڪي تور جي سوني نٿ، ۽ ڏهن سڪن تور جا ٻہ سونا ڪنگڻ هن جي هٿ لاءِ ڪڍيا،


پوءِ اُتان مدياني سوداگر اچي لنگهيا؛ ۽ هنن يوسف کي کڏ مان ڪڍي ٻاهر ڪيو، ۽ کيس اسماعيلين جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي وڪڻي ڇڏيائون. ۽ اهي يوسف کي مصر ۾ وٺي ويا.


۽ جڏهن بادشاهہ اچي لنگهيو تڏهن هن سڏ ڪيس: ۽ چيائينس تہ تنهنجو ٻانهو جنگ جي وچ ۾ گهڙي ويو؛ ۽ ڏس، هڪڙو ماڻهو پاسي تي وڃي هڪڙي ماڻهوءَ کي مون وٽ وٺي آيو ۽ چيائين تہ هن ماڻهوءَ کي قابو ڪر: جيڪڏهن ڪنهن بہ طرح هو گم ٿي ويندو تہ تنهنجي حياتي هن جي حياتيءَ جي عيوض ورتي ويندي، نہ تہ تون هڪڙو چانديءَ جو قنطار ڀري ڏجانءِ.


پر اڳيان حاڪم، جي مون کان اڳي هئا، تن کي ماڻهن کان ڪجهہ ملندو هو، ۽ انهن کان هو شراب، ۽ ماني وٺندا هئا، ۽ انهيءَ کانسواءِ چانديءَ جا چاليهہ شيڪل؛ هائو، انهن جا نوڪر بہ ماڻهن تي حڪم هلائيندا هئا: پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو.


جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ انهن کي ناس ڪري ڇڏجي: ۽ آءٌ چانديءَ جا ڏهہ قنطار انهن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيندس، جي بادشاهہ جو ڪم ڪار ٿا ڪن، تہ اُهي بادشاهہ جي خزانن ۾ پهچائي ڏين.


جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن غلام يا ٻانهيءَ کي سڱ هڻي تہ هو انهي جي مالڪ کي چانديءَ جا ٽيهہ مشڪال ڀري ڏئي، ۽ ڏاند سنگسار ڪيو وڃي.


جا شيءِ ماني ٺاهي تنهن لاءِ پئسو ڇو ٿا خرچيو؟ جنهن شيءِ مان ڍءُ نٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌو، ۽ جيڪي چڱو آهي سو کائو، ۽ ڀلي تہ اوهان جي جان سڻڀ سان خوش ٿئي.


۽ جيڪو کاڌو کائين سو توري کائج، يعني روز ويهہ شيڪل: وقت بوقت اُهو پيو کائج.


تڏهن مون اهڙي زال چانديءَ جا پندرهن سڪا، ۽ جَوَن جو ڏيڍ خومر ڏئي خريد ڪئي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ