6 تڏهن يرمياہ چيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، جنهن چيو تہ
6 خداوند جو فرمان هي هو تہ
۽ اروناہ چوڻ لڳو تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ڇالاءِ پنهنجي ٻانهي وٽ آيو آهي. تڏهن دائود چيو تہ انهيءَ لاءِ تہ توکان اَن ڳاهڻ جو پڙ خريد ڪري خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيان، تہ وبا خلق تان ٽري.
۽ اهو صدقياہ کي بابل ڏي وٺي ويندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هو اُتي هوندو جيسين ڪ آءٌ هن جي خبر لهان: جيتوڻيڪ اوهين ڪسدين سان وڙهندا تہ بہ اوهين فتحياب نہ ٿيندا؟
ڏس تنهنجي چاچي سلوم جو پٽ حنم ايل تو وٽ ايندو، ۽ چوندو تہ منهنجي ٻني، جا عنتوت ۾ آهي، سا پنهنجي لاءِ خريد ڪر. ڇالاءِ جو ان جي لاءِ پئسا ڏئي وري ڇڏائي وٺڻ جو حق تنهنجو آهي.