Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 32:5 - Sindhi Bible

5 ۽ اهو صدقياہ کي بابل ڏي وٺي ويندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هو اُتي هوندو جيسين ڪ آءٌ هن جي خبر لهان: جيتوڻيڪ اوهين ڪسدين سان وڙهندا تہ بہ اوهين فتحياب نہ ٿيندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ هو صدقياہ کي بابل ڏانهن وٺي ويندو، جتي اهو تيستائين رهندو جيستائين آءٌ هن بابت ڪو فيصلو ڪريان. سو جيڪڏهن صدقياہ بابلين سان وڙهندو بہ تہ ڪامياب نہ ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 32:5
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏسو، خدا اسان ساڻ آهي، ۽ اسان جو سردار آهي، ۽ هن جا ڪاهن اوهان جي برخلاف زور سان قرنائون وڄائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. اي بني اسرائيليو، خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو؛ ڇالاءِ جو اوهين فتحياب نہ ٿيندا.


پوءِ خدا جو روح زڪرياہ بن يهويدع ڪاهن تي نازل ٿيو؛ ۽ هو ماڻهن کان مٿي بيهي چوڻ لڳو تہ خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين ڇو خداوند جي حڪم عدولي ٿا ڪريو، جو سکيا گذاري نٿا سگهو، ۽ ڇالاءِ جو اوهان خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري هن بہ اوهان کي ڇڏي ڏنو آهي.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


انهيءَ مان بہ تون پنهنجا هٿ مٿي تي رکي نڪري ويندينءَ: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو ڀروسو رد ڪيو آهي، ۽ انهي جي ڪري تون ڪامياب نہ ٿيندينءَ.


اُهي بابل ڏي کڄي ويندا ۽ اُهي انهي ڏينهن تائين اُتي رهندا، جنهن ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي خبر لهندس، پوءِ آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس ۽ هن هنڌ رکندس.


ڏس، شهر جي وٺڻ لاءِ اُن تائين بند ٻڌجي ويا آهن؛ ۽ شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، جي انهي سان وڙهن ٿا، ڇالاءِ جو ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض اچي پيا آهن: ۽ جيڪي تو چيو آهي سو اچي ظاهر ٿيو آهي؛ ۽ ڏس، تون اُهو ڏسين ٿو.


تڏهن يرمياہ چيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، جنهن چيو تہ


هو ڪسدين سان وڙهڻ لاءِ آيا آهن پر فقط پاڻ پنهنجن ماڻهن جي لاشن سان ڀرجي ويندا، جن کي مون پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ ماريو آهي، ۽ جن جي سموري شرارت ڪري مون هن شهر کان پنهنجو منهن لڪايو آهي.


هن ڪري جو جيتوڻيڪ ڪسدين جو لشڪر جو اوهان سان جنگ ٿو ڪري، تنهن کي اوهين کڻي ماريو ها، ۽ انهن ۾ رڳا زخمي ماڻهو وڃي بچن ٿا، تہ بہ اُهي سڀ پنهنجن تنبن ۾ اُٿي هن شهر کي باهہ سان ساڙين ها.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سڀني جنگي ماڻهن انهن کي ڏٺو تڏهن اُٿي ڀڳا ۽ رات جي وقت، بادشاهہ جي باغ واري رستي کان، ٻن ڀتين جي وچ واري در مان ٻاهر نڪري شهر ڇڏي هليا ويا: ۽ هو عرباہ جو رستو ڏئي نڪري ويو.


پر ڪسدين جو لشڪر هنن جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي ميدان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو: ۽ جڏهن هنن پڪڙيس تڏهن حمات جي ملڪ ۾ ربلاہ منجهہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر وٽ هن کي وٺي آيا، ۽ هن مٿس فتويٰ جاري ڪئي.


تنهن کان سواءِ هن صدقياہ جون اکيون بہ ڪڍي ڇڏيون ۽ زنجيرن ۾ ٻڌايائينس انهيءَ لاءِ تہ بابل ڏي وٺي وڃيس.


منهنجن گناهن جي پاڃاري هن جي هٿ جي ٻڌل آهي؛ اُهي پاڻ ۾ ڳنڍيا ويا آهن، اُهي منهنجي گردن تي چڙهي آيا آهن؛ هن منهنجو زور گهٽائي ڇڏيو آهي: خداوند مون کي انهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، جن جي سامهون آءٌ بيهي نٿي سگهان.


۽ هنن ۾ جو سردار اونداهيءَ ۾ ڪلهي تي سامان کڻي هليو ويندو: هو ڀت کوٽي ٽُنگ ڪري اُنهي مان اُهو کڻي ويندو: هو پنهنجو منهن ڍڪيندو، ڇالاءِ جو پنهنجين اکين سان زمين نہ ڏسندو.


آءٌ پنهنجو ڄار بہ هن تي پکيڙيندس، ۽ هو منهنجي دام ۾ ڦاسي پوندو: ۽ آءٌ هن کي بابل ۾ ۽ ڪسدين جي ملڪ ۾ وٺي ايندس، تہ بہ هو انهي کي نہ ڏسندو، جيتوڻيڪ هو اُتي مرندو.


پر هو کانئس باغي ٿيو، جو پنهنجا ايلچي مصر ڏانهن موڪليائين تہ کيس گهوڙا ۽ لشڪر ڏين. اُهو ڪو ڪامياب ٿيندو ڇا؟ جيڪو اهڙا ڪم ٿو ڪري سو ڀڄي ڇُٽندو ڇا؟ عهد اقرار ڀڃي پوءِ بہ هو بچندو ڇا؟


تڏهن موسيٰ چيو تہ اوهين خداوند جي حڪم عدولي ڇو ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ ڏسو ٿا تہ انهي مان ڪو فائدو نہ ٿيندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ