Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 32:43 - Sindhi Bible

43 ۽ هن زمين ۾ ٻنيون خريد ڪيون وينديون جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ اها ويران آهي، ۽ ڪسدين جي حوالي ڪئي وئي آهي، ۽ منجهس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 جيتوڻيڪ هن ملڪ بابت چيو وڃي ٿو تہ ’اهو ويران ٿي ويو آهي، منجھس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونهي، بلڪ اهو بابلين جي حوالي ڪيو ويو آهي،‘ تنهن هوندي بہ هن ملڪ ۾ هڪ دفعو وري ٻنين جي خريد وَ فروخت ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 32:43
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ گهر ۽ ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ اڃا بہ وري هن ملڪ ۾ خريد ڪيا ويندا.


۽ اي خداوند خدا، تو مون کي چيو آهي تہ پئسا ڏيئي هي ٻني خريد ڪر ۽ شاهد سڏ؛ جڏهن شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي!


۽ تنهن ڪري هاڻي جنهن شهر بابت اوهين چئو ٿا، تہ اُهو ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مرض سان بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، تنهن جي بہ نسبت خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي هنڌ، جنهن جي نسبت ۾ اوهين چئو ٿا تہ اهو ويران آهي، ۽ منجهس ماڻهو يا جانور ڪونهي، يعني يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ جي ويران آهن، ۽ جنهن ۾ نڪو ماڻهو آهي ۽ نڪو جانور،


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي هنڌ، جو ويران آهي ۽ منجهس ڪوبہ ماڻهو ۽ جانور ڪونهي، اُتي ۽ اُن جي سڀني شهرن ۾ وري بہ ڌنارن جي رهڻ جي جاءِ ٿيندي، جي پنهنجن ڌڻن کي اُتي سمهاريندا.


پوءِ هو انهيءَ ۾ سلامتيءَ سان رهندا، بلڪ هو گهر جوڙيندا ۽ ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ سلامتيءَ سان پيا گهمندا؛ اُهي سڀ جي هن جي چوڌاري هن تي نفرت ٿا ڪن، تن تي آءٌ فتوائن جي تعميل ڪندس؛ تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ