Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 32:41 - Sindhi Bible

41 هائو هنن سان چڱائيءَ ڪرڻ لاءِ آءٌ هنن تي راضي رهندس، ۽ يقيناً آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل ۽ پنهنجي سموري روح سان هنن کي هن زمين تي ڄمائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 هنن سان چڱائي ڪري آءٌ خوشي محسوس ڪندس ۽ يقيناً آءٌ هنن کي هن ملڪ ۾ پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان ڄمائي ڇڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 32:41
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو مصر مان هڪڙو ڊاک جو تاڪ آندو: تو ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ انهيءَ کي لڳايو.


تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي.


تون اڳتي ڇڏيل نہ سڏبينءَ؛ نڪي تنهنجي زمين اڳتي سڃي سڏبي: پر تون حفضيباہ (منهنجي سرهائي) سڏبينءَ ۽ تنهنجي زمين بعولاہ (وريتي) سڏبي: ڇالاءِ جو خداوند تو مان خوش آهي، ۽ تنهنجي زمين پرڻجندي.


جيئن ڪو جوان ماڻهو ڪنواريءَ سان پرڻبو آهي، تيئن تنهنجا پٽ تو سان پرڻبا: ۽ جيئن گهوٽ ڪنوار مان خوش ٿيندو آهي، تيئن تنهنجو خدا تو مان خوش ٿيندو.


آءٌ يروشلم جي ڪري خوش ٿيندس، ۽ پنهنجي اُمت جي ڪري سرهو ٿيندس: ۽ انهي ۾ روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ جو آواز وري اڳتي ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


۽ جنهن وقت آءٌ ڪنهن قوم جي نسبت ۾، ۽ ڪنهن بادشاهت جي نسبت ۾، ان جي اڏڻ ۽ ڄمائڻ جي لاءِ ڪي ڳالهائيندس؛


ڇالاءِ جو آءٌ هنن تي چڱائي لاءِ پنهنجي نظر رکندس ۽ انهن کي موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس: ۽ آءٌ انهن کي اڏيندس ۽ ڊاهي ڪين ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي ڄمائيندس ۽ پٽي ڪين ڇڏيندس.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون هنن تي نگهباني ڪري هنن کي پٽي ڪڍيو ۽ ڀڃي ڇڏيو، ۽ اونڌو ڪري ناس ڪيو ۽ ڏکويو؛ تيئن آءٌ هنن تي نگهباني ڪري هنن کي اڏيندس ۽ پوکيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.


تڏهن جيڪي قومون اوهان جي چوڌاري بچيون هونديون سي ڄاڻنديون تہ مون خداوند، ڦٽل جاين کي اڏايو آهي، ۽ جيڪا زمين ويران هئي تنهن کي آباد ڪرايو آهي: مون خداوند ائين فرمايو آهي ۽ ضرور ائين ڪندس.


آءٌ اسرائيل جي لاءِ ماڪ جهڙو ٿيندس: هو سوسن وانگر گل ڪندو، ۽ لبنان وانگر پنهنجون پاڙون هڻندو.


۽ خداوند تنهنجو خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي وري سندن ملڪ ۾ ڄمائيندس، ۽ جو ملڪ مون کين ڏنو آهي، تنهن مان اڳتي ڪڏهن بہ هو اُکيڙيا نہ ويندا.


تو جهڙو ٻيو ڪهڙو خدا آهي جو گناهہ معاف ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ميراث جي باقي رهيلن جي ڏوهہ کان گذر ڪري ٿو؟ هو هميشہ لاءِ ڪاوڙيل نٿو رهي، ڇالاءِ جو هن کي رحم ڪرڻ پسند آهي.


خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، جو طاقت وارو آهي ۽ بچائيندو: اُهو خوشيءَ سان تو تي خوشي ڪندو: هو پنهنجي محبت ۾ آرام ڪندو، ۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيئن خداوند اوهان مان خوش ٿي اوهان سان ڀلائي ڪندو هو، ۽ اوهان کي وڌائيندو هو؛ تيئن خداوند اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ خوش ٿيندو؛ ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن مان اوهين ڪڍيا ويندا.


۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي هٿ جي ڪمن کي، ۽ تنهنجي اولاد کي، ۽ تنهنجي چوپائي مال کي، ۽ تنهنجي ٻنيءَ جي پيداوار کي گهڻو وڌائي، توکي سکي ڪندو: ڇالاءِ تہ جيئن خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن تي خوش هو، تيئن هو وري توتي خوش ٿيندو، ۽ توسان ڀلائي ڪندو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ