آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾، انهن جي سڀني پيڙهين لاءِ ابدي عهد ڪندس؛ آءٌ تنهنجو ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جو خدا ٿيندس.
۽ آءٌ انهن کي اهڙي دل ڏيندس جنهن سان هو مون کي سڃاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ سندن خدا ٿيندس: ڇالاءِ جو هو پنهنجي سڄيءَ ساريءَ دل سان مون ڏي موٽي ايندا.
پر خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد اقرار آهي جو آءٌ انهن ڏينهن کان پوءِ اسرائيل جي گهراڻي سان ڪندس؛ آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي اندر ۾ رکندس ۽ هنن جي دل ۾ لکندس؛ ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا:
۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، جو مون هنن کي قومن ۾ قيد ڪري موڪليو، ۽ وري هنن کي خود پنهنجي زمين ۾ آڻي گڏ ڪيو؛ آءٌ انهن مان اڳتي وري ڪنهن کي بہ اُتي نہ ڇڏيندس؛
پر هاڻي هو بهتر ملڪ يعني آسماني ملڪ جي لاءِ خواهشمند آهن: جنهنڪري خدا هنن جو، يعني سندن خدا سڏجڻ کان، شرمندو نٿو ٿئي: ڇالاءِ جو هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.
ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد آهي جو آئون اسرائيل جي گهراڻي سان انهن ڏينهن کانپوءِ ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس. ۽ آئون سندن خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي اُمت ٿيندا: