Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 32:34 - Sindhi Bible

34 ۽ هنن پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون انهي گهر ۾ رکيون، جو منهنجي نالي سان ٿو سڏجي، انهي لاءِ تہ انهي کي پليت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 هيڪل، جيڪا منهنجي نالي سان ٿي سڏجي، تنهن ۾ هنن پنهنجا ڪراهت جهڙا بت کوڙي ان کي پليت ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 32:34
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن منسي بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو ٻارهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ پنجونجاهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو حفصي باہ هو.


۽ هن خداوند جي گهر مان يسيرت ڪڍي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي نهر وٽ آڻي، انهي کي قدرون جي نهر تي ساڙيو ۽ لتاڙي خاڪ ڪيائين، ۽ اُها خاڪ عام ماڻهن جي قبرن تي اُڇلايائين.


هن ڌاريا معبود ۽ مورت خداوند جي گهر مان ڪڍي ڇڏيا، ۽ سڀ قربانگاهون جي خداوند جي گهر جي جبل تي، ۽ يروشلم ۾ جوڙايون هئائين، سي سڀ ڪڍي شهر جي ٻاهران اُڇلائي ڇڏيائين.


تنهن کانسواءِ ڪاهنن جي سڀني سردارن ۽ ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي وڏا وڏا گناهہ ڪيا؛ ۽ جيڪو خداوند جو گهر يروشلم ۾ هو، ۽ هن پاڪ ڪيو هو، سو هنن پليت ڪري ڇڏيو.


ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هن جاءِ کي ناپاڪ ڪيو اٿن، ۽ انهي ۾ انهن ٻين معبودن جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي جن معبودن جي نہ کين، نہ سندن ابن ڏاڏن کي ۽ نہ يهوداہ جي بادشاهن کي خبر هئي؛ ۽ هن جاءِ کي بي گناهہ ماڻهن جي رت سان ڀري ڇڏيو اٿن؛


ڇالاءِ جو نبي توڙي ڪاهن ٻئي ناپاڪ آهن؛ هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي گهر ۾ هنن جي شرارت ڏٺي آهي.


تنهنجي سڀني عاشقن توکي وساري ڇڏيو آهي؛ اُهي توکي نٿا ڳولين: تنهنجي بيشمار گناهن جي سبب تنهنجو قصور وڏو آهي، انهي ڪري مون توکي دشمن وانگي زخم رسايو آهي، ۽ ظالم وانگي سيکت ڏني اٿم،


۽ آخر اوهين ڦريا ۽ اهو ڪم ڪيو اٿوَ جو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ اوهان مان هر ڪنهن پڌريءَ طرح پنهنجي پاڙيسريءَ کي آزاد ڪري ڇڏيو؛ ۽ جيڪو گهر منهنجي نالي سان ٿو سڏجي تنهن ۾ اوهان منهنجي اڳيان عهد اقرار ڪيو:


انهيءَ هوندي بہ مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي، صبح جو سوير اُٿي موڪليا، ۽ چيم تہ اڙي اهو ڪراهت جهڙو ڪم جو آءٌ ڌڪاريان ٿو سو نہ ڪريو.


۽ هي گهر جو منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ منهنجي اڳيان بيهي ائين چوندا ڇا تہ اسان کي خلاصي ملي آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهين اهي سڀ نفرت جهڙا ڪم ڪريو؟


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ بني يهوداہ اُهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب آهن: ۽ جيڪو گهر منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ هنن پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون رکيون آهن، ۽ انهي کي پليت ڪيو اٿن.


۽ هنن توفت، جو هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ آهي، تنهن تي مٿانهان مڪان اڏيا آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئن کي باهہ ۾ ساڙين؛ پر مون اهڙو حڪم نہ ڪيو، ۽ نہ اهڙي ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ