Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 32:31 - Sindhi Bible

31 جنهن ڏينهن اهو شهر بنايو ويو هو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين منهنجي ڪاوڙ ۽ جوش پيدا ڪرڻ جو سبب پي ٿيو آهي؛ اُنهي لاءِ تہ آءٌ هنن کي پنهنجي منهن تان ٽاري ڇڏيان:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 ڇاڪاڻ تہ جنهن ڏينهن يروشلم شهر بڻايو ويو هو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن شهر منهنجي ڪاوڙ کي ايترو تہ پئي اڀاريو آهي جو هاڻ ضروري آهي تہ آءٌ انهيءَ شهر کي مِٽائي ڇڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 32:31
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان سواءِ منسيءَ گهڻوئي رت بي گناهہ هاريو، جيسين ڪ هن يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڀري ڇڏيو؛ انهيءَ کان سواءِ اهو گناهہ ڪيائين جو يهوداہ کان گناهہ جا ڪم ڪرايائين، اهڙا ڪم جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


تنهن کان سواءِ جيڪا قربانگاهہ بيت ايل ۾ هئي ۽ جيڪا مٿانهين جاءِ يربعام بن نباط جوڙائي هئي، جنهن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا، سا قربانگاهہ ۽ مٿانهين جاءِ هن ڊهرائي ڇڏي؛ ۽ اُها مٿانهين جاءِ هن ساڙي لتاڙي خاڪ ڪري ڇڏي، ۽ يسيرت بہ ساڙي ڇڏيائين.


۽ خداوند چيو تہ جيئن مون اسرائيل کي پنهنجي اڳيان ٽاري ڇڏيو آهي، تيئن يهوداہ کي بہ ٽاري ڇڏيندس، ۽ هي شهر جو مون پسند ڪيو آهي، يعني يروشلم، ۽ جنهن گهر بابت مون چيو هو تہ منهنجو نالو انهيءَ تي قائم رهندو، سو رد ڪري ڇڏيندس.


تنهن ڪري ڏسو، آءٌ اوهان کي بلڪل وساري ڇڏيندس، ۽ اوهان کي پنهنجي حضور مان اُڇلائي ڇڏيندس، ۽ انهيءَ شهر کي بہ جو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.


ڇالاءِ جو هو اوهان کي هڪڙي ڪوڙي نبوت ٿا ٻڌائين، انهي لاءِ تہ اوهان کي پنهنجي ملڪ مان پري ڪڍي موڪلين؛ ۽ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍان ۽ اوهين چٽ ٿي وڃو.


يروشلم جي ڌيءَ وڏا گناهہ ڪيا آهن؛ تنهن ڪري هوءَ هڪڙي ناپاڪ شيءِ جهڙي ٿي پئي آهي: جيڪي اڳي عزت ڏيندا هئس سي سڀ هاڻي ڌڪارينس ٿا، ڇالاءِ جو انهن سندس اوگهڙ ڏٺي آهي: هائو؛ هوءَ ٿڌا ساهہ کڻي ٿي، ۽ پٺتي موٽي ٿي.


اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان، تہ پنهنجي سچائيءَ موجب، پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان ٽار، جو تنهنجو پاڪ جبل آهي: ڇالاءِ جو اسانجن گناهن، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين ڪري، يروشلم ۽ تنهنجي قوم، پنهنجن سڀني آس پاس وارن لاءِ طعني جو سبب ٿي آهي.


اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، تن کي سنگسار ٿو ڪرين ۽ جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن ڪيترا نہ ڀيرا مون تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ