Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 32:28 - Sindhi Bible

28 تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هي شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ۽ بابل جي بادشاهہ نبوڪد رضر جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيندس ۽ هو وٺندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر جي هٿ ۾ ڏيڻ وارو آهيان، جيڪو هن تي قبضو ڪري وٺندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 32:28
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي جيڪي ماڻهو شهر ۾ بچيا، ۽ جيڪي نڪري وڃي بابل جي بادشاهہ سان شامل ٿيا، تن کان سواءِ ٻيا سڀ پهري وارن جو سردار نبوزرادان قيد ڪري وٺي ويو.


تنهنڪري هن انهن جي مٿان ڪسدين جو بادشاهہ آندو، جنهن سندس پاڪ مڪان وارو گهر، ۽ سندن جوان ماڻهو ترار سان ڪُٺا، ۽ نہ ڪنهن جوان مرد تي رحم ڪيائين، ۽ نہ جوان زال تي، ۽ نہ پير مرد تي، نہ تمام ڪراڙي تي: سڀني کي هن انهي جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


پوءِ آءٌ اريئيل کي ڏک ڏيندس، ۽ اتي ماتم ۽ نوحو ٿيندو: پوءِ هو منهنجي لاءِ اريئيل جهڙو ٿيندو.


تنهن کان سواءِ هن شهر جي سڄي دولت، ۽ ان جون سڀ پيدائشون، ۽ ان جون سڀ قيمتي شيون، هائو، يهوداہ جي بادشاهن جا سڀ خزانا، آءٌ هنن جي دشمنن جي هٿن ۾ ڏيندس، ۽ اُهي انهن کي لٽي بابل ڏي کڻي ويندا.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجو منهن هن شهر ڏي انهي لاءِ ڪيو آهي تہ اُن سان برائي ڪريان نہ ڀلائي؛ اهو بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو ان کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيندو.


ڏس، شهر جي وٺڻ لاءِ اُن تائين بند ٻڌجي ويا آهن؛ ۽ شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، جي انهي سان وڙهن ٿا، ڇالاءِ جو ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض اچي پيا آهن: ۽ جيڪي تو چيو آهي سو اچي ظاهر ٿيو آهي؛ ۽ ڏس، تون اُهو ڏسين ٿو.


ڇالاءِ جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ هن کي بند ڪري ڇڏيو هو، جو چيائين تہ ڇو تون نبوت ڪري ٿو چوين، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندس ۽ هو اُنهي کي وٺندو؛


۽ تنهن ڪري هاڻي جنهن شهر بابت اوهين چئو ٿا، تہ اُهو ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مرض سان بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، تنهن جي بہ نسبت خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ


خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ وڃي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اهو انهي کي باهہ سان ساڙيندو:


۽ تون انهي جي هٿان ڀڄي نہ ويندين، پر ضرور گرفتار ٿيندين، ۽ انهي جي هٿ ۾ ڏنو ويندين؛ ۽ تنهنجون اکيون بابل جي بادشاهہ جون اکيون ڏسنديون، ۽ هو تو سان روبرو ڳالهائيندو ۽ تون بابل ڏي ويندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ