Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 32:20 - Sindhi Bible

20 جنهن مصر جي ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين، اسرائيل منجهہ توڙي ٻين ماڻهن منجهہ نشانيون ۽ عجيب غريب ڳالهيون مقرر ڪيون؛ ۽ پنهنجي لاءِ نالو ڪڍيو، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تو مصر ۾ هيبتناڪ ڪم ۽ معجزا ڏيکاريا، بلڪ اڄ ڏينهن تائين تو بني اسرائيل ۾ توڙي سڄي انسانذات ۾ معجزا ۽ هيبتناڪ ڪم جاري رکيا آهن. تو نالو ڪمايو آهي جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 32:20
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دنيا ۾ تنهنجي قوم جهڙي، يعني اسرائيل جهڙي، ٻي ڪهڙي قوم آهي، جنهن کي خداوند وڃي ڇڏائي پنهنجي قوم ڪيو، ۽ پنهنجو نالو ڪڍيائين؛ ۽ هن اوهان جي لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا، ۽ تنهنجي ملڪ جي لاءِ ۽ تنهنجي قوم جي لاءِ خوفناڪ ڪم ڪيا؛ ۽ انهن کي پنهنجي لاءِ مصر منجهان اتي جي قومن، ۽ سندن معبودن کان ڇڏائي ڪڍي آندو؟


۽ دنيا ۾ تنهنجي قوم اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، جنهن کي خداوند وڃي ڇڏائي پنهنجي قوم ڪيو، تہ تون پنهنجيءَ قوم جي سامهون، جنهن کي تو مصر مان ڇڏايو، غير قومن کي پري ڪري، وڏن ۽ خوفناڪ ڪمن سان پنهنجو نالو ڪڍين؟


۽ فرعون تي، ۽ سندس سڀني نوڪرن تي، ۽ سندس ملڪ جي سڀني ماڻهن تي تو نشان ۽ عجيب ڪم ڏيکاريا؛ ڇالاءِ جو توکي خبر هئي تہ هو انهن سان مغروريءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ تو پنهنجو نالو مشهور ڪيو، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


۽ تو اُنهن جي اڳيان سمنڊ چيريو، جنهنڪري هو سمنڊ جي وچان سڪي زمين تان لنگهيا؛ ۽ هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي تو ائين اونهي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي پاڻيءَ ۾ اُڇلائبو آهي.


اي مصر، هن تو منجهہ فرعون تي، ۽ سندس سڀني نوڪرن تي، نشان ۽ عجيب ڪم پڌرا ڪيا.


تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌاءِ تہ مون مصر ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن، ۽ اُتي جي ماڻهن کي ڪهڙيون نشانيون ڏيکاريون اٿم: انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند آهيان.


پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيريندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي عجيب ڪم ڪندس، تن سان انهيءَ کي ماريندس، تنهن کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو.


۽ آءٌ فرعون جي دل سخت ڪندس، ۽ پنهنجا معجزا، ۽ عجيب ڪم مصر جي ملڪ ۾ وڌائيندس.


پر حقيقت ڪري مون توکي انهيءَ لاءِ ڇڏيو آهي، تہ توکي پنهنجي قدرت ڏيکاريان، تہ منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿئي.


جنهن پنهنجيءَ جلال واريءَ ٻانهن سان موسيٰ جي ساڄي هٿ جي مدد ڪئي؟ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ، انهن جي اڳيان پاڻيءَ جا ٻہ ڀاڱا ڪيا.


خداوند جي روح انهن کي اهڙو آرام ڏنو جهڙو واديءَ ۾ چوپائي مال کي ملندو آهي: اهڙيءَ طرح تو پنهنجيءَ اُمت جي سونهپ ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ تون پنهنجو نالو جلال وارو ڪرين.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن ڪمربند ماڻهوءَ جي چيلهہ کي ٻڌل ٿو رهي، تيئن مون اسرائيل جي سڄي گهراڻي کي، ۽ يهوداہ جي سڄي گهراڻي کي پاڻ سان ٻڌو آهي؛ تہ اُهي منهنجي لاءِ هڪڙي قوم ٿين، ۽ انهي ڪري منهنجو نالو ۽ منهنجي تعريف، ۽ منهنجو جلال ظاهر ٿئي: پر هنن ٻڌڻ نہ گهريو.


انهي طرح داني ايل دارا، ۽ خورس فارسيءَ جي بادشاهت ۾ خوش گذاريندو هو.


۽ هاڻي، اي خداوند اسان جا خدا، تو پنهنجي قوم کي زوراور هٿ سان مصر جي زمين مان ڪڍي آندو آهي، ۽ پنهنجي ناموس ڪڍي اٿيئي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي؛ اسين گنهگار آهيون، اسان شرارت جا ڪم ڪيا آهن.


اهوئي شخص هنن کي ڪڍي آيو؛ ۽ مصر ۾، ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾، ۽ رڻ پٽ ۾، چاليهہ ورهيہ عجب جهڙا ڪم ڪيائين، ۽ نشان ڏيکاريائين.


۽ هن جون نشانيون ۽ ڪم، جي هن مصر ۾، مصر جي بادشاهہ فرعون سان، ۽ سندس ساري ملڪ سان ڪيا:


يا ڪڏهن خدا ڪنهن قوم کي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍڻ جي لاءِ، آزمائش سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان، ۽ زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان، ۽ جنگ سان، اهڙي قدرت ڏيکاري آهي، جهڙي خداوند اوهان جي خدا اوهانجين اکين اڳيان مصر ۾ اوهان جي لاءِ ڏيکاري؟


۽ خداوند اسان جي سامهون مصر تي، ۽ فرعون تي، ۽ هن جي سڄي خاندان تي، وڏا وڏا ۽ ڏکوئيندڙ ڪم، ۽ نشان ڪري ڏيکاريا:


يعني جيڪي وڏيون وڏيون آزمائشون تو پنهنجين اکين ڏٺيون، ۽ اهي نشان، ۽ معجزا، ۽ زوراور هٿ، ۽ ڊگهيريل ٻانهن، جن سان خداوند تنهنجو خدا توکي ٻاهر ڪڍي آيو: ۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن سان بہ ائين ئي ڪندو، جن کان تون ڊڄين ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ