Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 32:19 - Sindhi Bible

19 صلاح مصلحت ۾ وڏو ۽ ڪم ڪرڻ ۾ طاقت وارو: جنهن جون اکيون بني آدم جي سڀني رستن تي کليل آهن؛ انهيءَ لاءِ تہ سڀ ڪنهن کي سندس رستن موجب ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تنهنجا مقصد اعليٰ آهن ۽ تنهنجا ڪم عظيم آهن. انسان جون سڀيئي واٽون تنهنجين نظرن اڳيان آهن. تون هر ڪنهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو آهين، جنهن جا هو مستحق هوندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 32:19
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن جي عدالت ڪج، ۽ شرير کي ڏوهاري ٺهرائج، سندس رستو سندس سر تي آڻج؛ ۽ سچار جي سچائي ظاهر ڪري اُنهيءَ کي سندس سچائيءَ موجب بدلو ڏج.


ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.


ڇالاءِ جو هو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي عمل موافق بدلو ٿو ڏئي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن جو نتيجو ٿو رسائي.


ڇالاءِ جو هن جون اکيون ماڻهوءَ جي واٽن تي آهن، ۽ هو انهيءَ جو اچڻ وڃڻ ڏسي ٿو.


خداوند جا ڪم عظيم آهن، ۽ جن کي اُهي پسند آهن سي انهن جي ڳولا ۾ ٿا رهن:


خداوند جون اکيون راستبازن تي آهن، ۽ سندس ڪن اُنهن دانهن جي لاءِ کليل آهن.


اي خداوند رحم بہ تنهنجي اختيار آهي: ڇالاءِ جو تون هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن موجب بدلو ٿو ڏين.


وحشي ماڻهوءَ کي انهن جي سڌ ڪانهي؛ نڪي بيوقوف اهي سمجهي ٿو.


اي خداوند معبودن ۾ تو جهڙو ڪوبہ ڪونهي: تو وانگر پاڪيزگيءَ ۾ جلال وارو، صفتن ۾ هيبت وارو، ۽ معجزا ڪندڙ، ٻيو ڪير آهي؟


ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جا رستا خداوند جي اکين اڳيان آهن، ۽ هو انهيءَ جون سڀ واٽون سڌيون ٿو ڪري.


مصلحت ۽ پوري ڄاڻپ منهنجي آهي؛ آءٌ سمجهہ آهيان؛ مون کي طاقت آهي.


ڇالاءِ جو خدا سڀڪو ڪم، سڀ ڪنهن چڱي يا بڇڙي لڪل ڳالهہ سان گڏ عدالت ۾ آڻيندو.


اهو بہ لشڪرن جي خداوند وٽان ٿو اچي، جو مصلحت ۾ عجيب، ۽ ڏاهپ ۾ عظيم آهي.


ڪنهن خداوند جي روح جي هدايت ڪئي آهي، يا ان جو مشير ٿي کيس تعليم ڏني آهي؟


هو انهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو، پنهنجن مخالفن تي غضب نازل ڪندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو؛ ٻيٽن کي هو پورو بدلو ڏيندو.


ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.


ڇالاءِ جو منهنجون اکيون هنن جي سڀني رستن تي آهن: هو منهنجي منهن کان لڪل نہ آهن، نڪي هنن جي بدڪاري منهنجي اکين کان لڪل آهي.


آءٌ خداوند دلين کي ٿو چڪاسيان، ۽ گردن جي آزمائش ٿو وٺان، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال موجب، ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي اوهان جن ڪمن موجب سزا ڏيندس: ۽ آءٌ انهي جي ٻيلي ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس جو جيڪي بہ ان جي آس پاس آهي تنهن سڀ کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪو پاڻ کي ڳجهين جاين ۾ اهڙو لڪائي سگهندو ڇا جو آءٌ ڏسي نہ سگهانس؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ آسمان ۽ زمين ڀري نہ بيٺو آهيان ڇا؟


ڇالاءِ جو گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ انهن کان، هائو، انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري وٺندا: ۽ آءٌ انهن کي سندن ڪمن موجب ۽ سندن دستڪاريءَ موجب بدلو ڏيندس.


جيئن تو ڏٺو تہ هڪڙو پهڻ هٿن کانسواءِ جبل مان وڍجي نڪري آيو ۽ انهي لوهہ، پتل، مٽي، چاندي ۽ سون کي ڀڃي پرزا پرزا ڪيو؛ تيئن عظيم خدا، بادشاهہ کي اُهو ڪجهہ ڏيکاريو آهي جو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي: ۽ اهو خواب سچو آهي، ۽ اُن جو تعبير بہ يقيني آهي.


۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.


بني آدم ۽ اسرائيل جي سڀني گهراڻن جي اک خداوند ڏانهن لڳل آهي: خداوند وٽان، حدراڪ جي ملڪ ۽ انهيءَ جي آرامگاهہ دمشق جي برخلاف نبوت،


ڇالاءِ جو جڏهن ابن آدم پنهنجي پيءُ جي جلال ۾ پنهنجن ملائڪن سان گڏ ايندو، تڏهن هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


۽ نڪري ايندا؛ جن نيڪي ڪئي آهي، سي زندگيءَ جي قيامت لاءِ ۽ جن بدي ڪئي آهي، سي عدالت جي قيامت لاءِ.


ڇالاءِ جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت جي تخت جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي؛ انهي لاءِ تہ هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي جي هن بدن ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛


اهڙي ڪابہ مخلوق ڪانهي جا هن کان ڳجهي آهي؛ بلڪ جنهن سان اسان جو واسطو آهي، انهي جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


۽ آئون انهي جي ٻارن کي ماري وجهندس؛ ۽ سڀني ڪليسيائن کي معلوم ٿيندو تہ آئون اُهو آهيان جو اندر جا خيال ۽ دليون جاچيندو آهيان؛ ۽ آئون اوهان مان هرهڪ کي سندس ڪمن موجب بدلو ڏيندس.


ڏس، آئون جلد ٿو اچان؛ ۽ منهنجو اجر مون سان آهي، جو هر ڪنهن کي سندس ڪم موجب ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ