Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 32:18 - Sindhi Bible

18 تون هزارن کي رحم ڏيکارين ٿو، ۽ ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ سندن اولاد کان وٺين ٿو: تنهنجو نالو وڏو قادر خدا، لشڪرن جو خداوند آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تون هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪندو آهين، پر ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ تون سندن اولاد کان وٺندو آهين. تنهنجو نالو عظيم ۽ قادر خدا آهي، تون قادرِمطلق خداوند آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 32:18
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن جي ڪمان زور جهلي بيٺي، ۽ هن جي هٿن ۽ ٻانهن کي يعقوب جي قادر جي هٿن کان طاقت ملي. انهيءَ مان اهو ڌنار نڪرندو، جو اسرائيل جو ٽڪر آهي.


يقيناً خداوند ٿو فرمائي تہ ڪالهہ مون نبوت جو خون ۽ سندس پٽن جو خون ڏٺو آهي؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هن ئي ٻنيءَ ۾ آءٌ توکان بدلو وٺندس. تنهنڪري هاڻي هن کي کڻي خداوند جي ڪلام موجب زمين جي اُنهيءَ حصي ۾ اُڇلائي ڇڏ.


۽ مون چيو تہ اي خداوند، آسمان جا خدا، عظيم ۽ هيبت وارا خدا، تون جو انهن سان عهد پورو ڪرين ٿو، ۽ انهن تي رحم ڪرين ٿو، جي تو سان محبت ٿا رکن، ۽ تنهنجا حڪم بجاءِ ٿا آڻين، سو تون منهنجو عرض ٻڌ:


خدا، هائو، خداوند خدا فرمايو آهي، ۽ اُڀرندي کان اُلهندي تائين دنيا کي سڏيو اٿس.


سمنڊ جي گجگوڙ تي تنهنجو حڪم ٿو هلي: جڏهن هن جون لهرون چڙهن ٿيون تڏهن تون ئي انهن کي ماٺ ٿو ڪرائين.


۽ خداوند هن جي اڳيان هيئن چوندو لنگهيو تہ ”خداوند، رحمان ۽ رحيم خدا، ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو، رحم ۽ سچ سان ڀرپور،


هزارن تي رحم ڪندڙ، بڇڙائي، خطا ۽ گناهہ جو بخشيندڙ آهي، پر هو ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڪين ڇڏيندو؛ ابن ڏاڏن جي بڇڙائين جي سزا سندن اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي، ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو.“


باقي رهيل، يعني يعقوب جا باقي رهيل، قادر خدا ڏي موٽندا.


ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.


ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.


يعقوب جو حصو انهن جهڙو ناهي؛ ڇالاءِ جو خداوند سڀني شين جو خالق آهي، ۽ اسرائيل انهي جي موروثي قوم آهي: لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي.


اي خداوند، تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ تون وڏو آهين، ۽ تنهنجو نالو بہ قدرت جي ڪري وڏو آهي.


پر خداوند هڪڙي زبردست ۽ خوفناڪ شخص وانگي مون سان آهي: تنهن ڪري مون کي ستائڻ وارا آٿڙندا، ۽ اُهي غالب نہ پوندا: هو تمام گهڻو شرمندا ٿيندا ڇالاءِ جو هنن ڏاهپ جي هلت نہ ڪئي آهي، بلڪ اهڙي خواري ڪئي آهي جا هميشہ تائين هلندي، ۽ ڪڏهن بہ وسري نہ ويندي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، يعني اُهو جو ڏينهن جي روشنائيءَ لاءِ سج ڏئي ٿو، ۽ رات جي روشنائيءَ لاءِ چنڊ، ۽ تارن جا قانون ٿو ڏئي، ۽ جو سمنڊ کي ولوڙي ٿو تہ انهي جون لهرون گجگار ڪن؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي:


خداوند، جو خلقي ٿو، ۽ قائم ڪرڻ لاءِ بنائي ٿو، ۽ جنهن جو نالو خداوند آهي، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ


انهن جو ڇڏائيندڙ زور وارو آهي؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي: هو انهن جي پاران پوري طرح حجت دليل ڪندو، تہ زمين کي آرام ڏئي، ۽ بابل جي رهاڪن کي بي آرام ڪري.


جيئن تو ڏٺو تہ هڪڙو پهڻ هٿن کانسواءِ جبل مان وڍجي نڪري آيو ۽ انهي لوهہ، پتل، مٽي، چاندي ۽ سون کي ڀڃي پرزا پرزا ڪيو؛ تيئن عظيم خدا، بادشاهہ کي اُهو ڪجهہ ڏيکاريو آهي جو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي: ۽ اهو خواب سچو آهي، ۽ اُن جو تعبير بہ يقيني آهي.


اي خداوند منهنجا خدا، اي منهنجا پاڪ خدا، تون هميشہ کان ناهين ڇا؟ اسين ڪين مرنداسين. اي خداوند تو هن کي عدالت لاءِ مقرر ڪيو آهي، ۽ تو، يعني اسان جي پناهہ، هن کي سيکت لاءِ قائم ڪيو آهي.


خداوند غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم سان ڀرپور آهي؛ هو بڇڙاين ۽ خطائن جو معاف ڪندڙ آهي؛ پر ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڏيڻ وارو نہ آهي. ابن ڏاڏن جي بڇڙاين جي سزا سندن اولاد کي ٽين ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهي.


۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ ڀلي تہ هن جو خون اسان تي، ۽ اسان جي اولاد تي هجي.


ڏيندا رهو تہ اوهان کي بہ ٽمٽار ملندو، چڱو ماڻ دٻي دٻي، لوڏي لوڏي، وهندڙ ڪري اوهان جي جهول ۾ ڏيندا. ڇوتہ جنهن ماڻ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن ئي ماڻ سان موٽي اوهان کي مئجي ملندو.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا، جو خدائن جو خدا، ۽ خداوندن جو خدا آهي، جو عظيم، قادر، ۽ خوفناڪ خدا آهي، هو ماڻهن جي طرفداري نٿو ڪري، ۽ نڪي رشوت ٿو وٺي.


تون انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، هو عظيم ۽ خوفناڪ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ