Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 32:17 - Sindhi Bible

17 اي خداوند خدا، ڏس، تو پنهنجي وڏي قدرت سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان آسمان ۽ زمين ٻئي جوڙيا آهن؛ تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ”آہ! اي خداوند منهنجا خدا! تو پنهنجي وڏي قدرت ۽ زورآور هٿ سان زمين ۽ آسمان ٻيئي بڻايا آهن! تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 32:17
49 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي لاءِ ڪابہ ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ وري هيءَ ساڳي مند ايندي، تڏهن ٺهرايل وقت تي آءٌ تو وٽ موٽي ايندس، ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.


۽ حزقياہ خداوند جي حضور مان دعا گهري، ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند اسرائيل جا خدا، تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين سو ئي فقط زمين جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين؛ تو آسمان ۽ زمين جوڙيا آهن.


۽ اها خداوند جي نظر ۾ هڪڙي خسيس ڳالهہ آهي: هو موآبين کي بہ اوهانجن هٿن ۾ ڏيندو.


تون ئي تون خدا آهين: تو آسمان، ۽ آسمانن جو آسمان، اُن جي سڄي لشڪر سميت، ۽ زمين ۽ ٻيون جيڪي شيون اُتي آهن، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي، سو سڀ تو پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن سڀني کي تون ئي قائم رکين ٿو؛ ۽ آسمان جو لشڪر توکي سجدو ڪري ٿو.


مون کي خبر آهي تہ تون سڀ ڪجهہ ڪري سگهين ٿو، ۽ تنهنجو ڪو بہ ارادو روڪجي نٿو سگهي.


تو قديم زماني ۾ زمين جو بنياد وڌو ۽ آسمان تنهنجي هٿ جي ڪاريگري آهن.


هائو، پنهنجي زوراور هٿ، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


ڇالاءِ جو ڇهن ڏينهن ۾ خداوند آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ ۽ ٻيو سڀڪي، جو انهن ۾ آهي، سو جوڙيو ۽ ستين ڏينهن آرام ڪيائين؛ انهيءَ ڪري خداوند سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين.


خداوند خدا جنهن آسمان پيدا ڪيا ۽ انهن کي پکيڙيو آهي؛ جنهن زمين ۽ جيڪي منجهس نڪري ٿو سڀ پري پکيڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ جيڪو انسان کي ساهہ، ۽ جيڪي ڌرتيءَ تي هلن چلن ٿا، تن کي روح ٿو ڏئي، سو فرمائي ٿو تہ،


خداوند تنهنجو نجات ڏيندڙ، ۽ جنهن توکي تنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ جوڙيو، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ خداوند آهيان جو سڀ شيون ٿو جوڙيان؛ جو اڪيلو آسمان کي تاڻيان ٿو ۽ زمين کي پري پکيڙي ٿو ڇڏيان: ڪير منهنجو شريڪ آهي؟


مون زمين جوڙي آهي، ۽ انهيءَ تي انسان پيدا ڪيو اٿم: مون، يعني منهنجي هٿن، آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ انهي جي سموري لشڪر تي حڪم هلايو اٿم.


ڏسو، خداوند جو هٿ ننڍو نہ ٿيو آهي، جو هو بچائي نہ سگهي؛ نڪي هن جو ڪن گهٻرو ٿيو آهي، جو هو ٻڌي نہ سگهي:


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا! ڏس آءٌ ڳالهائي نٿو سگهان: ڇالاءِ جو آءٌ ٻار آهيان.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس، نبي هنن کي چون ٿا تہ اوهين ترار نہ ڏسندا، نڪي اوهان ۾ ڏڪار پوندو! پر آءٌ اوهان کي هن هنڌ يقيناً خير سلامتي ڏيندس.


آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اسان جي نسبت ۾ خداوند کان پڇ: ڇالاءِ جو نبوڪدنضر، بابل جو بادشاهہ اسان سان جنگ ٿو ڪري: من خداوند اسان سان پنهنجن سڀني عجيب ڪمن موجب اهڙو سلوڪ ڪري، جو هو اسان وٽان نڪري هليو وڃي.


مون زمين، ۽ ماڻهن، ۽ جانورن کي جي زمين جي سطح تي آهن، پنهنجي قدرت سان ۽ پنهنجي ڊگهيريل ٻانهن سان جوڙيو آهي؛ ۽ اُها زمين آءٌ جنهن کي مناسب ٿو سمجهان تنهن کي ٿو ڏيان.


ڏس، آءٌ خداوند، سڀني انسانن جو خدا آهيان: منهنجي لاءِ ڪو ڪم مشڪل آهي ڇا؟


مون کي سڏ ڪر تہ آءٌ توکي جواب ڏيان، ۽ وڏيون ۽ ڳجهيون شيون ڏيکاريان، جي تون نٿو ڄاڻين.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ اي خداوند خدا! يقيناً تو هن قوم سان ۽ يروشلم سان ڏاڍي دغا ڪئي آهي جو چيو اٿيئي تہ اوهين سلامت رهندا؛ پر حقيقت ڪري ترار اچي جان تائين پهتي آهي.


هن زمين پنهنجي قدرت سان جوڙي آهي، هن دنيا پنهنجي حڪمت سان قائم ڪئي آهي، ۽ هن آسمان پنهنجي سمجهہ سان ڇڪي بيهاريا آهن:


يعقوب جو حصو انهن جهڙو نہ آهي، ڇالاءِ جو هو سڀني شين جو جوڙيندڙ آهي؛ ۽ اسرائيل هن جي ورثي وارو فرقو آهي: انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون نبوت پئي ڪئي، تڏهن فلطياہ بن بناياہ ڪِري پيو ۽ مري ويو. تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس ۽ وڏي آواز سان دانهون ڪري چيم، تہ هاءِ، خداوند خدا! تون اسرائيل جي باقي بچيلن جي اصل پڄاڻي ڪري ڇڏيندين ڇا؟


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن پئي ماڻهو ماريا، ۽ مون کي ڇڏي ڏنائون، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ هاءِ، اي خداوند خدا، يروشلم تي پنهنجي ڪاوڙ ڇنڊڻ ۾ تون اسرائيل جا باقي رهيل سڀ ماڻهو ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟


هو اونهيون ۽ ڳجهيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو: هن کي خبر آهي تہ اونداهي ۾ ڇا آهي، ۽ روشنائي انهيءَ وٽ رهي ٿي.


۽ جڏهن هو غار وٽ پهتو تڏهن داني ايل کي پڪاري، ڏک جهڙي آواز سان چيائينس، تہ اي داني ايل، جيئري خدا جا ٻانها، جنهن پنهنجي خدا جي تون هميشہ عبادت ڪندو آهين، سو توکي شينهن کان ڇڏائي سگهيو آهي يا نہ؟


اسرائيل جي بابت خداوند جي طرفان نبوت جو ڪلام. خداوند جنهن آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ زمين جو بنياد وڌو اٿس، ۽ اسان جي اندر پنهنجو روح پيدا ڪيو اٿس، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن اها ڳالهہ قوم جي باقي بچيلن جي نظر ۾ اُنهن ڏينهن ۾ عجيب ڏسڻ ۾ ٿي اچي، تہ بہ اها منهنجي نظر ۾ ڪا عجيب ڳالهہ آهي ڇا؟ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي ڇا؟ هاڻي تون ڏسندين تہ منهنجو چوڻ تنهنجي نسبت ۾ پورو ٿئي ٿو يا نہ.


۽ يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ماڻهن کان اها ڳالهہ اڻ ٿيڻي آهي، پر خدا کان سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.


يسوع انهن ڏي نهاري چيو، تہ ماڻهن لاءِ اها ڳالهہ اڻ ٿيڻي آهي، پر خدا لاءِ نہ، ڇالاءِ جو خدا کان سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.


ڇو جو خدا جو ڪوبہ ڪلام بي تاثير ڪين ٿيندو.


پر هن چيو تہ جي ڳالهيون ماڻهن کان ٿي نہ ٿيون سگهن، سي خدا کان ٿي سگهنديون.


اي صاحبو، اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جا هم جنس انسان آهيون، ۽ اوهان کي خوشخبري ٿا ٻُڌايون، تہ اوهين هنن ڪوڙين شين کان پاسو ڪري، انهي جيئري خدا ڏانهن ڦري اچو، جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ، ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو پيدا ڪيو آهي:


خداوند ائين ٿو فرمائي، جو دنيا جي شروع کان وٺي اهي ڳالهيون ٻُڌائيندو آيو آهي.“


جنهن خدا دنيا ۽ جيڪي شيون منجهس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو آسمان ۽ زمين جو خدا ٿي ڪري، هٿن جي جوڙيلن مندرن ۾ نٿو رهي؛


اي اسان جا خداوند ۽ اسان جا خدا، تون تعظيم ۽ عزت ۽ قدرت جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تو سڀ شيون پيدا ڪيون، ۽ تنهنجي مرضيءَ ڪري اُهي پيدا ٿيون ۽ هستيءَ ۾ آيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ