Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 32:15 - Sindhi Bible

15 ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ گهر ۽ ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ اڃا بہ وري هن ملڪ ۾ خريد ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 انهيءَ سبب جو قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو آهي تہ ’اڳتي هلي هن ملڪ ۾ گھرن، ٻنين ۽ انگورن جي باغن جي وري خريد وَ فروخت ڪئي ويندي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 32:15
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جو پنهنجي بندي جو ڪلام ثابت ٿو ڪري، ۽ پنهنجي قاصدن جي مصلحت پوري ٿو ڪري؛ جو يروشلم بابت چوي ٿو تہ اهو آباد ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي شهرن بابت تہ اهي اڏبا، آءٌ هن جا ويران هنڌ آباد ڪندس:


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ يعقوب جي تنبن کي قيد مان موٽائي آڻيندس، ۽ ان جي رهڻ جي جاين تي رحم ڪندس؛ ۽ اهو شهر پنهنجي ڦٽل ڍڳ تي اڏيو ويندو، ۽ محلات دستور موجب قائم رهندا.


۽ هو ايندا ۽ صيون جي چوٽيءَ تي ڳائيندا، ۽ گڏجي خداوند جي چڱائيءَ ڏي اُٿي هلندا، يعني اناج ڏي ۽ مئي ڏي، ۽ تيل ڏي، ۽ ڌڻ ڏي، ۽ ڌڻ ۽ گلي جي ٻچن ڏي: ۽ هنن جو روح پاڻي ڏنل باغ جهڙو ٿيندو، ۽ هو وري ڪڏهن بہ ڏک نہ ڪندا،


۽ يهوداہ ۽ ان جا سڀ شهر انهي ۾ گڏ رهندا، يعني هاري ۽ ڌنار جي ڌڻ وٺي نڪرن ٿا.


وري تون سامريہ جي جبلن تي ڊاک جا منهہ پوکينديئن، پوکڻ وارا پوکيندا ۽ ان جو ڦر کائيندا.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هي ٻئي دستاويز وٺ، هي جو مهر ڪيل آهي ۽ هي دستاويز جو کليل آهي، ۽ انهن کي هڪڙي ٺڪر جي ٿانوَ ۾ وجهہ؛ تہ گهڻن ڏينهن تائين قائم رهن.


۽ اي خداوند خدا، تو مون کي چيو آهي تہ پئسا ڏيئي هي ٻني خريد ڪر ۽ شاهد سڏ؛ جڏهن شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي!


ڏس، تہ جن ملڪن ۾ مون هنن کي پنهنجي غصي ۽ پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجي غضب ۾ هڪالي ڪڍيو آهي، تن سڀني مان آءٌ هنن کي گڏ ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي وري بہ هن هنڌ آڻيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان رهائيندس:


پوءِ هو انهيءَ ۾ سلامتيءَ سان رهندا، بلڪ هو گهر جوڙيندا ۽ ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ سلامتيءَ سان پيا گهمندا؛ اُهي سڀ جي هن جي چوڌاري هن تي نفرت ٿا ڪن، تن تي آءٌ فتوائن جي تعميل ڪندس؛ تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان.


انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڊاک ۽ انجير جي وڻ هيٺان سڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ