Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:9 - Sindhi Bible

9 هو رئندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، ۽ آءٌ سندن رهبري ڪندس: آءٌ هنن کي پاڻيءَ جي ندين جي ڪنارن سان اهڙي سنئين رستي تي هلائيندس، جنهن تي هو ٿاٻو نہ کائيندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جو پيءُ آهيان، ۽ افرائيم منهنجو پهريون ڄاول ٻار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 هو ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، تڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندس. آءٌ کين مٺي پاڻيءَ وارين نهرن وٽان هموار رستي تان آڻيندس، جتي هو ڪو ٿاٻو نہ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن جو ابو آهيان، هائو، بني افرائيم منهنجو پهريتو ٻار آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:9
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري دائود ساريءَ جماعت جي اڳيان خداوند کي دعا ڏني: ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، اسان جي پيءُ اسرائيل جا خدا، تون هميشہ لاءِ مبارڪ آهين.


هن انهن کي سنئين واٽ ۾ هلايو، تہ اهي رهڻ لاءِ ڪنهن شهر ۾ وڃن.


هو مون کي ساين ويئن ۾ ويهاري ٿو: هو مون کي راحت جي چشمن وٽ وٺي وڃي ٿو.


آءٌ هن کي پنهنجو پهريتو ڪندس، ۽ زمين جي بادشاهن ۾ سڀني کان اعليٰ ڪندوسانس.


تڏهن تون فرعون کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل منهنجو پٽ آهي، بلڪ منهنجو پهريتو پٽ آهي.


آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.


جهنگلي جانور، گدڙ ۽ اٺ پکي بہ منهنجي عزت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي اُمت، پنهنجي چونڊيلن کي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ پاڻي ۽ رڻ پٽ ۾ نديون ٿو ڏيان.


خداوند اسرائيل جو پاڪ خدا، ۽ ان جو خالق ائين ٿو فرمائي: تہ ايندڙ ڳالهين بابت اوهين مون کان پڇو يعني منهنجن پٽن بابت، ۽ منهنجي هٿ جي ڪمن بابت مون کي حڪم ڏيو.


۽ ائين چيو ويندو، تہ مٿانهون ڪريو، مٿانهون ڪريو، رستو تيار ڪريو، منهنجي اُمت جي رستي تان ٿاٻي کائڻ جي شيءِ پاسي ڪري ڇڏيو.


جو انهن کي اونهن پاڻين مان ائين وٺي هليو جيئن ڪو گهوڙو بيابان ۾ هلي، جنهن ڪري انهن کي ٿاٻو ئي نہ آيو؟


تون اسان جو پيءُ آهين، جيتوڻيڪ ابرهام اسان کي نٿو سڃاڻي، ۽ اسرائيل اسان کي قبول نٿو ڪري: تون اي خداوند اسان جو پيءُ آهين؛ ازل کان تنهنجو نالو آهي اسان جو ڇڏائيندڙ.


پر هاڻي، اي خداوند، تون اسان جو ابو آهين؛ اسين مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين؛ ۽ اسين سڀ تنهنجي دستڪاري آهيون.


پر مون چيو تہ ڪيئن آءٌ توکي پنهنجي اولاد ۾ داخل ڪريان، ۽ توکي هڪڙي سٺي ملڪ ۾، يعني قومن جو چڱي ۾ چڱو حصو ورثو ڪري ڏيان؟ ۽ مون چيو تہ اوهين مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندا؛ ۽ منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦري نہ ويندا.


هن وقت کان وٺي اڳتي تون پڪاري مون کي نہ چوندينءَ ڇا تہ اي منهنجا پيءُ تون منهنجي جوانيءَ جو رهبر آهين؟


افرائيم منهنجو پيارو پٽ آهي ڇا؟ جيترا ڀيرا آءٌ هن جي برخلاف ٿو ڳالهايان، اوترا ڀيرا آءٌ هن کي زيادہ شوق سان ياد ٿو ڪريان: تنهن ڪري هن جي لاءِ منهنجن آنڊن کي سيڪ ٿو اچي؛ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ضرور هن تي رحم ڪندس.


انهن ڏينهن ۾ ۽ انهي وقت خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل ايندا، اُهي ۽ بني يهوداہ ٻئي گڏجي؛ ۽ اُهي روئندي پنهنجو رستو ڏيو ويندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا.


هائو، هن فرشتي سان زور آزمايو، ۽ انهي تي غالب آيو: هن رنو، ۽ عرض ڪيائينس: هن انهي کي بيت ايل ۾ لڌو، ۽ اُتي اسان سان ڳالهايائين؛


تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.


۽ آءٌ دائود جي گهراڻي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، فضل ۽ دعا جو روح نازل ڪندس؛ ۽ هو انهيءَ تي جنهن کي هنن گهايل ڪيو، نگاهہ ڪندا: ۽ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي لاءِ ڪندو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ سخت ڏک ڪندا، جيئن ڪو پهريتي لاءِ ڪندو آهي.


اسان سڀني جو هڪڙو ئي ابو ناهي ڇا؟ هڪڙي ئي خدا اسان سڀني کي نہ خلقيو آهي ڇا؟ پوءِ ڇو سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ سان دغا ٿو ڪري، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي عهد اقرار جي بي ادبي ٿو ڪري؟


الهندي واري پاسي افرائيم جي منزلگاهہ جو جهنڊو، سندن لشڪرن موجب هجي: ۽ عميهود جو پٽ اليسمع بني افرائيم جو سردار ٿئي:


هيءُ اُهو آهي جنهن جي بابت يسعياهہ نبيءَ ذڪر ڪيو هو، تہ ”رڻ پٽ ۾ هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ اوهين خداوند جو رستو تيار ڪريو، ۽ سندس واٽون سنئيون ڪريو“.


مبارڪ آهن اُهي جي غمگين آهن، ڇالاءِ جو اُنهن کي تسلي ملندي.


تنهنڪري اوهين هن طرح دعا گهرو تہ اي اسان جا بابا، تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ ڪري ڄاڻجي،


مبارڪ آهيو اوهين، جي هاڻي بکون ٿا ڪڍو: ڇالاءِ جو اوهين ڍائبا. مبارڪ آهيو اوهين، جي هاڻي روئو ٿا، ڇالاءِ جو اوهين کِلندا.


۽ ساڳيءَ طرح روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري: ڇوتہ اسان کي خبر نہ آهي تہ ڇا جي لاءِ، ۽ ڪهڙيءَ طرح دعا گهُرون؛ پر روح پاڻ اندر جي اُڌمن سان اسان جي شفاعت پيو ڪري.


۽ آئون اوهان جو پيءُ ٿيندس، ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادر مطلق ائين ٿو فرمائي.“


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو: اوهين مئلن جي لاءِ پنهنجي بت تي وڍ نہ وجهجو، نڪي پنهنجي پنبڻين جي وچ جا وار ڪوڙائجو.


اڙي بي عقل ۽ نادان قوم، اوهين خداوند کي اهو عيوضو ٿا ڏيو ڇا؟ هو اوهان جو ابو ناهي ڇا جنهن اوهان کي خريد ڪيو آهي؟ هن توکي جوڙيو، ۽ قائم ڪيائين.


۽ پنهنجي پيرن جي لاءِ رستا سنوان ڪريو، تہ جيڪو منڊو آهي سو ٿاٻو نہ کائي، بلڪ ڇُٽي چڱو ڀلو ٿئي.


۽ پهريتن جي عام جماعت، يعني ڪليسيا وٽ، جن جا نالا آسمان جي ياداشت ۾ داخل آهن. ۽ سڀني جي منصف خدا وٽ، ۽ ڪامل ڪيل راستبازن جي روحن وٽ،


پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ يسوع زار زار روئي دانهون ڪري انهي کان دعائون گهُريون، جو کيس موت کان بچائي ٿي سگهيو، ۽ سندس خدا ترسيءَ جي ڪري اهي دعائون قبول پيون.


ڇالاءِ جو گهيٽو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار ٿيندو، ۽ کين آبِ حيات جي چشمن تي وٺي ويندو: ۽ خدا سندن اکين مان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ