Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:8 - Sindhi Bible

8 ڏس، آءٌ هنن کي اُتر واري ملڪ مان آڻيندس ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هنن کي گڏ ڪندس، ۽ انهن سان گڏ انڌا ۽ منڊا هوندا، ۽ پيٽ واري زال ۽ ويم جي سورن واري زال هوندي: هو وڏي جماعت ٿي هيڏي موٽي ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ڏسو، آءٌ هنن کي اتر طرف کان موٽائي آڻيندس، بلڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان آڻي کين گڏ ڪندس. انهن منجھہ انڌا ۽ منڊا هوندا، پيٽ واريون ۽ ويم جي سورن واريون عورتون پڻ شامل هونديون. هائو، هڪ وڏو هجوم موٽي ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:8
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن کي ملڪ ملڪ مان، يعني اُڀرندي مان، ۽ اُلهندي مان، ۽ اُتر مان، ۽ ڏکڻ مان آڻي گڏ ڪيو اٿس.


اي اسان جي نجات جا خدا، تون زمين جي سڀني حدن جو، ۽ جيڪي پري سمنڊ تي آهن تن جو آسرو آهين: تون اسان کي خوفناڪ ڳالهيون ڏيکاري سچائيءَ سان جواب ٿو ڏين.


هن اسرائيل جي گهراڻي لاءِ پنهنجو رحم ۽ پنهنجي وفاداري ياد ڪئي آهي: ۽ زمين جي سڀني ڇيڙن اسان جي خدا جي نجات ڏٺي آهي.


هو پنهنجو ڌڻ ڌنار وانگي چاريندو، ۽ هو گهيٽن کي پنهنجين ٻانهن هيٺ گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو، ۽ جيڪي کير پيارين ٿيون تن کي آهستي آهستي وٺي ويندو.


آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.


آءٌ اُتر کي چوندس تہ ڇڏي ڏي؛ ۽ ڏکڻ کي چوندس تہ رکي نہ ڇڏ؛ منهنجا پٽ پري کان آڻ ۽ منهنجون ڌيئر زمين جي ڇيڙي کان.


اي زمين جا رهاڪو اوهين سڀ مون ڏانهن نهاريو ۽ نجات حاصل ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي.


خداوند سڀني قومن جي ڏسندي پنهنجي پاڪ ٻانهن اُگهاڙي ڪئي آهي؛ ۽ زمين جا سڀ ڪنارا اسان جي خدا جي نجات ڏسندا.


پر هيئن چوڻ ۾ ايندو تہ انهيءَ جيئري خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي اُتر واري زمين مان، ۽ جن جن ملڪن ۾ هن انهن کي هڪالي موڪليو هو انهن مان، کين ڪڍي آندو: ۽ آءٌ انهن کي وري بہ سندن انهي ملڪ ۾ آڻيندس جو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.


۽ جن جن ملڪن ۾ مون پنهنجي ڌڻ مان باقي بچيلن کي هڪالي ڇڏيو آهي، اُتان انهن کي اُڻي گڏ ڪندس، ۽ سندن واڙي ۾ موٽائي آڻيندس؛ ۽ هو ڦردار ٿيندا ۽ وڌندا ويجهندا.


پر چوندا تہ انهيءَ خداوند جو قسم، جنهن اسرائيل جي گهراڻي جي نسل کي اُتر واري ملڪ مان، ۽ جن جن ملڪن ۾ مون هنن کي هڪالي ڇڏيو هو، اُتان هنن کي ڪڍي وٺي آيو؛ پوءِ هو خود پنهنجي ملڪ ۾ رهندا.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کان لڀندس ۽ اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان کي انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن مان آڻي گڏ ڪندس، جن ڏي مون اوهان کي هڪالي ڪڍيو آهي؛ ۽ جنهن هنڌان اوهان کي مون قيد ڪرائي ڪڍيو آهي انهيءَ هنڌ اوهان کي موٽائي آڻيندس.


وڃ ۽ اهي ڳالهيون اُتر ڏانهن پڌريون ڪر، ۽ چئُہ تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ اي بي وفا اسرائيل موٽي اچ، آءٌ ڪاوڙ ۾ اوهان تي نظر نہ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ رحم وارو آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙ نہ ڌاريندس.


انهن ڏينهن ۾ يهوداہ جو گهراڻو اسرائيل جي گهراڻي سان هلندو، ۽ اهي گڏجي اُتر واري ملڪ مان نڪري انهي ملڪ ۾ ايندا، جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ورثو ڪري ڏنو آهي.


۽ آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍي ٻاهر ڪندس، ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا آهيو تن مان اوهان کي آڻي گڏ ڪندس، سو بہ زور واري هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان ۽ جاري ڪيل غضب سان:


جڏهن آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍي آڻيندس، ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا آهيو، تن مان آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ اوهان کي خوشبوءِ وانگر قبول ڪندس ۽ ٻين قومن جي نظر ۾ اوهان منجهہ سڳورو ٿيندس.


جيئن ڪو ڌنار انهي ڏينهن پنهنجو ڌڻ ڳولي لهي، جنهن ڏينهن هو پنهنجين رلي ويل رڍن ۾ هجي، تيئن آءٌ بہ پنهنجون رڍون ڳولي لهندس؛ ۽ جن جن جاين تي هو بادل ۽ اونداهيءَ واري ڏينهن پکڙي ويون آهن اُتان آءٌ انهن کي ڇڏائيندس.


۽ آءٌ انهن کي قومن منجهان ڪڍندس، ۽ ملڪن مان آڻي گڏ ڪندس، ۽ انهن کي سندن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ۽ انهن کي اسرائيل جي جبلن تي پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنارن تي ۽ ملڪ جي سڀني آباد جاين تي چاريندس.


جيڪا گم ٿي ويئي هوندي تنهن کي ڳولي لهندس، ۽ جيڪا ڪاهجي ويئي هوندي تنهن کي ورائيندس، ۽ جنهن جو ڪو عضوو ڀڄي پيو هوندو تنهن جو اُهو عضوو ٻڌندس، ۽ جيڪا بيمار هوندي تنهن کي زور وٺائيندس: ۽ ٿلهن ۽ زور وارن کي آءٌ ناس ڪري ڇڏيندس؛ انهن کي آءٌ عدالت جي رستي چاريندس.


خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن آءٌ اُنهن کي گڏ ڪندس جي منڊڪائين ٿا، ۽ انهن کي ميڙيندس جي هڪالجي ويا آهن، ۽ انهن کي جي مون ڏکي ڪيا آهن؛


ڏس، انهيءَ وقت آءٌ انهن کي سزا ڏيندس، جي توکي ستائين ٿا: ۽ جيڪا منڊڪائي ٿي تنهن کي بچائيندس؛ ۽ جيڪا هڪالي ڪڍي ويئي هئي، تنهن کي گڏ ڪندس؛ ۽ جن جي سڄي دنيا ۾ خواري هئي، تن کي تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس.


ٻڌو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُتر واريءَ زمين کان ڀڄي وڃو، ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان کي آسمان جي چئن هوائن وانگر ڪشادو پکيڙي ڇڏيو آهي.


ڦٿل ڪانو بہ هو ڪين ڀڃندو، ۽ دکندي سڻيءَ کي بہ هو ڪين وسائيندو، جيسين ڪ اُهو عدالت جي فتح نہ ڪرائي.


پوءِ جڏهن ناشتو ڪري چڪا، تہ يسوع شمعون پطرس کي چيو تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي هنن کان وڌيڪ پيار ٿو ڪرين؟ هن چيو تہ هائو، اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. هن چيس تہ منهنجن گهيٽن کي چارج.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪو، تو علم واري کي بُتن جي مندر ۾ ويهي بُتن تي چاڙهيل قربانيءَ جون شيون کائيندو ڏسي، تہ جي هن جو ايمان ڪمزور هوندو تہ هن جي دل ڪانہ ٿيندي تہ جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور چاڙهيل آهن سي هو بہ کائي؟


۽ اوهان جي جلاوطن ڪيلن مان جيڪڏهن ڪو زمين جي ڇيڙي تائين هوندو، تہ اتان بہ خداوند تنهنجو خدا توکي آڻي گڏ ڪندو:


اي ڀائرو، اسين اوهان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ بي قاعدي هلڻ وارن کي سمجهايو، ۽ جيڪي بي همت آهن، تن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو، سڀني سان ڏاڍي صبر سان گذاريو.


تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا سڌا ڪريو،


ڇالاءِ جو اسان جو سردار ڪاهن اهڙو ناهي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان سان همدردي ڪري نہ سگهي، پر اهڙو آهي جو سڀني ڳالهين ۾ اسان وانگر آزمايو ويو، تہ بہ بيگناهہ رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ