Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:5 - Sindhi Bible

5 وري تون سامريہ جي جبلن تي ڊاک جا منهہ پوکينديئن، پوکڻ وارا پوکيندا ۽ ان جو ڦر کائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اوهين وري سامريہ جي جبلن تي انگورن جا باغ لڳائيندا. هائو، هاري انهن کي پوکيندا ۽ انهن جو ميوو کائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٻنيون پوکين، ۽ ڊاک جا منهہ لڳائين تہ ججهو ڦل ملين.


ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ گهر ۽ ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ اڃا بہ وري هن ملڪ ۾ خريد ڪيا ويندا.


پوءِ هو انهيءَ ۾ سلامتيءَ سان رهندا، بلڪ هو گهر جوڙيندا ۽ ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ سلامتيءَ سان پيا گهمندا؛ اُهي سڀ جي هن جي چوڌاري هن تي نفرت ٿا ڪن، تن تي آءٌ فتوائن جي تعميل ڪندس؛ تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان.


پر اي اسرائيل جا جبل، اوهين پنهنجون ٽاريون ڪڍي منهنجي قوم اسرائيل کي پنهنجو ڦر ڏيندا؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهچڻ تي آهن.


۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جا قيدي موٽائي آڻيندس، ۽ اُهي غير آباد شهر وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا؛ ۽ اُهي ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ انهن جو شراب پيئندا؛ اُهي باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جو ڦر بہ کائيندا.


۽ ڏکڻ وارا عيسو جو جبل هٿ ڪندا؛ ۽ هيٺانهين ملڪ وارا فلستين هٿ ڪندا: ۽ هو افرائيم جي ٻني ۽ سامريہ جي ٻني هٿ ڪندا: ۽ بنيمين جلعاد جو مالڪ ٿيندو.


تنهنڪري آءٌ سامريہ کي ڀترن جو ڍير، ۽ ڊاک جي منهہ وانگر ڪندس، ۽ سندس پهڻ ڪيرائي واديءَ ۾ اُڇلائيندس، تہ جيئن سندس بنياد ڏسڻ ۾ اچن.


پر هرڪو ماڻهو، پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ هيٺان ويهندو، ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو اهو فرمان آهي.


انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڊاک ۽ انجير جي وڻ هيٺان سڏيندو.


۽ جنهن ماڻهوءَ ڊاک جو منهہ لڳايو هجي، ۽ انهي جو ميوو نہ کاڌو هجيس، اهو بہ پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان اهو جنگ ۾ ماريو وڃي، ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهي جو ميوو کائي.


تون جنهن زال سان مڱڻي ڪندين، تنهن سان ٻيو ماڻهو سمهندو: تون گهر جوڙيندين، پر انهي ۾ رهندين ڪين: تون ڊاک جو منهہ لڳائيندين، پر انهي جو ميوو تنهنجي ڪم ڪين ايندو.


۽ دائود ڪاهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ سچ ٿو چوان تہ هي گذريا ٽي ڏينهن زالون اسان کان پري رهيون آهن؛ جڏهن آءٌ ٻاهر آيس تڏهن انهن جوان ماڻهن جا باسڻ پاڪ هئا، جيتوڻيڪ اهو فقط رواجي پنڌ هو؛ تڏهن اڄ هنن جا ٿانوَ ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ هوندا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ