Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:40 - Sindhi Bible

40 ۽ مڙهن ۽ ڪيريءَ جي سڄي وادي، ۽ سڀ ٻنيون قدرون جي نهر تائين، ۽ اُڀرندي ڏي گهوڙي واري دروازي جي ڪنڊ تائين، خداوند جي لاءِ پاڪ ٿينديون؛ اُهو پٽي ڪڍيو نہ ويندو، ۽ نہ وري ڪڏهن هيٺ اُڇلايو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 اها سڄي ماٿري جتي لاش ۽ رک اڇلائي ويندي آهي ۽ اوڀر طرف سڀ پوٺا قدرون جي برساتي نهر تائين، ويندي اوڀر طرف گھوڙي واري دروازي جي ڪنڊ تائين، مون خداوند جي نالي مخصوص ٿيندي. اهو شهر وري ڪڏهن بہ پاڙان نہ پٽبو، نہ وري ڪڏهن ڊاٿو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:40
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ساري ملڪ رڙيون ڪري رُنو ۽ ساري قوم لنگهي هلي: بادشاهہ بہ قدرون جي نهر لنگهيو ۽ سڀ ماڻهو بہ لنگهي بيابان جو رستو ڏئي هليا.


تڏهن هو اُنهيءَ ڏانهن هليا؛ ۽ هو گهوڙن جي لنگهڻ وارو رستو ڏيئي بادشاهہ جي گهر ڏانهن هلي: ۽ اُتي هنن وڃي قتل ڪيس.


۽ آخز جي مٿينءَ ڪوٺيءَ جي ڇت تي جي قربانگاهون يهوداہ جي بادشاهن جوڙايون هيون، ۽ جي قربانگاهون خداوند جي گهر جي ٻن ايوانن ۾ منسي جوڙايون هيون، سي بادشاهہ ڊهرائي خاڪ ڪري ڇڏيون، ۽ اُها خاڪ اُتان کڻائي قدرون جي نهر ۾ اُڇلارائي ڇڏي.


۽ هن خداوند جي گهر مان يسيرت ڪڍي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي نهر وٽ آڻي، انهي کي قدرون جي نهر تي ساڙيو ۽ لتاڙي خاڪ ڪيائين، ۽ اُها خاڪ عام ماڻهن جي قبرن تي اُڇلايائين.


انهيءَ طرح هنن انهيءَ کي لنگهڻ ڏنو؛ ۽ هوءَ بادشاهہ جي گهر جي گهوڙي واري دروازي جي لنگهہ ڏانهن ويئي: ۽ اُتي هنن قتل ڪري ڇڏيس.


گهوڙن واري دروازي جي مٿان وري ڪاهنن مرمت ڪئي، هرهڪ پنهنجي پنهنجي گهر جي سامهون مرمت ڪئي.


اي خدا اسان تنهنجيءَ هيڪل ۾، تنهنجيءَ ٻاجهہ تي غور ڪيو آهي.


خداوند، تنهنجو مالڪ ۽ تنهنجو خدا، جو پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ حجت دليل ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ڏس، مون تنهنجي هٿ مان سخت نشي جو پيالو، يعني منهنجيءَ ڪاوڙ جو وڏو پيالو ورتو آهي؛ تون وري اهو نہ پيئندينءَ.


ڏس، اڄوڪي ڏينهن مون توکي قومن تي ۽ حڪومتن تي مقرر ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون پٽين ۽ ڀڃي ڊاهي وجهين، ۽ ناس ڪرين، ۽ اونڌو ڪري ڪيرائين؛ اڏائين ۽ پوکين.


جنهن وقت آءٌ ڪنهن قوم جي نسبت ۾، ۽ ڪنهن بادشاهت جي نسبت ۾، اُن جي پٽي ڪڍڻ، ۽ ڀڃي ڊاهي وجهڻ، ۽ ناس ڪرڻ لاءِ ڪي ڳالهائيندس؛


۽ تنهن ڪري هاڻي جنهن شهر بابت اوهين چئو ٿا، تہ اُهو ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مرض سان بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، تنهن جي بہ نسبت خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ


۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا.


۽ هن مون کي آس پاس انهن جي چوڌاري گهمايو: ۽ ڏس، انهي کليل واديءَ ۾ تمام گهڻيون ۽ سُڪل هڏيون هيون.


۽ جيڪا زمين مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا رهندا هئا، تنهن ۾ هو رهندا؛ ۽ انهي ۾ هو ۽ سندن اولاد، ۽ سندن اولاد جو اولاد هميشہ لاءِ رهندو: ۽ منهنجو ٻانهو دائود هميشہ لاءِ هنن جو بادشاهہ ٿيندو.


نڪي آءٌ پنهنجو منهن وري هنن کان لڪائيندس: ڇالاءِ جو، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجو روح اسرائيل جي گهراڻي تي اوتي وڌو آهي.


اهو شهر چوڌاري ارڙهن هزار ڪانا ٿيندو: ۽ شهر جو نالو انهي ڏينهن کان پوءِ اهو ٿيندو خداوند اُتي آهي.


تڏهن اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، ۽ پنهنجي پاڪ جبل صيون ۾ ٿو رهان: تڏهن يروشلم پاڪ ٿيندو ۽ اڳتي وري ڪي بہ ڌاريا ماڻهو انهيءَ منجهان نہ لنگهندا.


۽ ماڻهو انهيءَ ۾ وسندا، ۽ وري لعنت نہ پوندي؛ پر يروشلم سک سلامتيءَ ۾ رهندو.


انهيءَ ڏينهن گهوڙن جي گهنگهرن تي لکيل هوندو تہ خداوند جي لاءِ پاڪ آهن؛ ۽ خداوند جي گهر جا باسڻ، قربانگاهہ جي پيالن وانگر ٿيندا.


جڏهن يسوع اهي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن پنهنجن شاگردن سان گڏ قدرون جي نهر جي پار لنگهي ويو، جتي هڪڙو باغ هو، جنهن ۾ پاڻ ۽ سندس شاگرد ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ