Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:38 - Sindhi Bible

38 ڏس خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن حنن ايل جي ٺلهہ کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين خداوند جي لاءِ شهر اڏجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 خداوند ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن حنن‌ايل ٺُلهہ کان وٺي اولهہ پاسي جي ڪنڊ واري دروازي تائين مون خداوند جي نالي سان سڏيو ويندڙ شهر يروشلم وري تعمير ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:38
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس، يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ بن يهوآس بن اخزياہ کي بيت شمس ۾ گرفتار ڪري يروشلم ۾ آيو، ۽ يروشلم جي ڀت افرائيم جي در کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين، چار سؤ هٿ، ڊاهي ڇڏيائين.


تنهن کانسواءِ عزياہ يروشلم ۾ ڪنڊ واري در وٽ، ۽ واديءَ واري در وٽ، ۽ ڀت جي در وٽ، ٺلهہ ٺهرايا، ۽ انهن کي مضبوط ڪيائين.


تڏهن مون هنن کي چيو تہ اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو بڇڙو حال آهي ۽ ڪيئن يروشلم ويران ٿيو پيو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙيا پيا آهن: اچو تہ يروشلم جي ڀت اڏيون، تہ اڳتي خوار خراب نہ ٿيون.


تڏهن الياسب سردار ڪاهن پنهنجي ڀائرن ڪاهنن سميت اُٿيو، ۽ انهن رڍن وارو دروازو جوڙيو؛ ۽ هنن انهيءَ کي پاڪ ڪيو، ۽ انهيءَ جا در کڙا ڪيائون؛ همياہ جي ٺلهہ، بلڪ حنن ايل جي ٺلهہ تائين انهيءَ کي پاڪ ڪيائون.


هن بيوسن جي دعا ڏانهن ڌيان ڏنو آهي، ۽ انهن جي دعا کي حقير نہ سمجهيو اٿس.


جو خورس بابت چوي ٿو تہ هو منهنجو ڌنار آهي، ۽ منهنجي سموري مرضي پوري ڪندو: هو يروشلم جي بابت چوي ٿو تہ اهو وري اڏبو؛ ۽ هيڪل کي چوي ٿو تہ تنهنجو بنياد پوندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سچائي جو ڏار کڙو ڪندس، ۽ اُهو بادشاهہ ٿي راڄ ڪندو، ۽ ڏاهپ سان هلندو، ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ڪندو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ يعقوب جي تنبن کي قيد مان موٽائي آڻيندس، ۽ ان جي رهڻ جي جاين تي رحم ڪندس؛ ۽ اهو شهر پنهنجي ڦٽل ڍڳ تي اڏيو ويندو، ۽ محلات دستور موجب قائم رهندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اسرائيل جي گهر ۾، ۽ يهوداہ جي گهر ۾ ماڻهوءَ ۽ جانور جو ٻج پوکيندس.


اي اسرائيل جي ڪنواري آءٌ وري بہ توکي اڏيندس ۽ تون اڏبينءَ: وري تون پنهنجن کنجرين سان سينگاري ويندينءَ ۽ خوشي ڪندڙن جي ناچن سان نڪرندينءَ.


۽ آءٌ يهوداہ جي قيدين ۽ اسرائيل جي قيدين کي موٽائي آڻيندس ۽ انهن کي اڏيندس، جيئن اُهي شروع ۾ هئا.


تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.


۽ سڄو ملڪ، جبع کان رمون تائين، جو يروشلم جي ڏکڻ ۾ آهي، ميدان وانگر ٿي ويندو، پر يروشلم بلند ٿيندو، ۽ پنهنجي جاءِ ۾، بنيمين جي دروازي کان پهرين دروازي جي جاءِ تائين، يعني ڪُنڊ جي دروازي تائين، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ کان بادشاهہ جي انگوري حوض تائين، قائم رهندو.


ٻڌو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُتر واريءَ زمين کان ڀڄي وڃو، ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان کي آسمان جي چئن هوائن وانگر ڪشادو پکيڙي ڇڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ