Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:32 - Sindhi Bible

32 خداوند ٿو فرمائي، تہ نہ انهي عهد اقرار موجب جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان انهي ڏينهن ڪيو هو جڏهن هنن جو هٿ وٺي هنن کي مصر جي زمين مان ڪڍي آيس؛ جو عهد اقرار هنن ڀڳو، جيتوڻيڪ آءٌ هنن جي لاءِ مڙس جي بجاءِ هوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 اهو عهد انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو، جڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندي کين مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. هنن اهو عهد ٽوڙي ڇڏيو هو، توڙي جو آءٌ سندن مالڪ هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:32
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صندوق ۾ ٻيو ڪي ڪين هو، سواءِ اُنهن ٻن پٿر جي تختين جي، جي موسيٰ حورب ۾ اُتي رکيون هيون جڏهن خداوند بني اسرائيل سان، سندن مصر جي ملڪ مان نڪرڻ مهل عهد اقرار ڪيو هو.


تڏهن بہ آءٌ هميشہ تو سان ٿو رهان: تو منهنجو ساڄو هٿ جهليو آهي.


ڇو جو انهن جي دل هن سان برابر نہ هئي، نڪي اهي سندس عهد تي وفادار رهيا.


تنهنڪري هاڻي پڪ سمجهو تہ جيڪڏهن اوهين منهنجو چيو مڃيندا، ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين ٻين سڀني قومن منجهان منهنجي لاءِ هڪڙو خاص خزانو ٿيندا: ڇالاءِ جو ساري زمين منهنجي آهي:


جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن؛ هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو جوڙيو آهي، ۽ انهي جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهي جي لاءِ قربانيون چاڙهيون اٿن، ۽ چيو اٿن تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


اها ڪير آهي جو پنهنجي محبوب تي ٽيڪ ڏيو بيابان مان هلي اچي؟ صوف جي وڻ هيٺ مون توکي جاڳايو: اُتي تنهنجي ماءُ کي تنهنجي ڄڻڻ جا سور ٿيا ۽ اتي جنهن توکي ڄڻيو، تنهن کي سور ٿيا.


زمين سندس رهاڪن ڪري پليت ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هو شريعت جون حدون لنگهي ويا آهن، ۽ قانون بدلايو اٿن، ۽ دائمي عهد اقرار ڀڳو اٿن.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند، تنهنجو خدا، تنهنجو ساڄو هٿ جهلي توکي چوندس تہ ڊڄ نہ؛ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس.


ڇالاءِ جو جنهن توکي جوڙيو آهي، سو تنهنجو مڙس آهي؛ انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي: اسرائيل جو قدوس تنهنجو ڇڏائيندڙ آهي؛ هو ساري زمين جو خدا سڏيو ويندو.


۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ لعنت هجي انهيءَ ماڻهوءَ تي جو هن عهد اقرار جون ڳالهيون نٿو ٻڌي.


هن بابت مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي انهي ڏينهن حڪم ڏنو جنهن ڏينهن مون هنن کي مصر جي ملڪ مان، ۽ لوهہ جي کوري مان ٻاهر ڪڍيو، ۽ چيو مان تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو، ۽ جيڪو بہ حڪم آءٌ ڏيان اُن موجب تعميل ڪريو: انهي ڪري اوهين منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس:


وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.


تڏهن هو ورندي ڏيندا تہ ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي خدا جو عهد اقرار ڇڏي ڏنو ۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪيائون، ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪيائون.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بي وفا ٻار، موٽي اچو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي مڙس وانگي آهيان: ۽ آءٌ اوهان کي شهر مان هڪ هڪ، ۽ قبيلي مان ٻہ ٻہ ڪري وٺندس، ۽ اوهان کي صيون ۾ وٺي ايندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اسرائيل جي سڀني قبيلن جو خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا.


خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي آندو، انهي ڏينهن مون انهن سان عهد اقرار ڪري چيو، تہ


ستن ورهين کان پوءِ اوهان جو ڀاءُ عبراني جو اوهان وٽ وڪڻيو ويو هجي، ۽ جنهن ڇهہ ورهيہ اوهان وٽ خدمت چاڪري ڪئي هجي، تن کي اوهان مان هرڪو آزاد ڪري ڇڏي: پر اوهان جي ابن ڏاڏن منهنجي نہ ٻڌي ۽ نہ ڪن ڏنائون.


هاڻي جڏهن آءٌ تو وٽان لنگهيس ۽ توتي منهنجي نظر پيئي، تڏهن تنهنجو وقت محبت پيدا ٿيڻ جو وقت هو؛ ۽ مون پنهنجو دامن توتي پکيڙيو، ۽ تنهنجي اوگهڙ ڍڪيم: هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توسان قسم کنيو ۽ توسان عهد اقرار ڪيم، ۽ تون منهنجي ٿئينءَ.


۽ آءٌ اوهان کي لٺ جي هيٺان لنگهائيندس، ۽ اوهان کي عهد جي قبضي ۾ آڻيندس.


۽ انهن مان وڏيءَ جو نالو اهولہ هو ۽ ان جي ننڍي ڀيڻ جو اهوليبہ هو: اُهي منهنجون ٿيون، ۽ پٽ ۽ ڌيئرون ڄڻيائون. هاڻي اهولہ آهي سامريا ۽ اهوليبہ آهي يروشلم.


جڏهن اسرائيل اڃا ٻار هو، تڏهن آءٌ هن کي پيار ڪندو هوس، ۽ پنهنجي پٽ کي مصر مان سڏيم.


اوهين پنهنجي ماءُ سان حجت دليل ڪريو، ڀلي حجت دليل ڪريو؛ ڇالاءِ جو هوءَ منهنجي زال نہ آهي، نڪي آءٌ هن جو مڙس آهيان: ۽ ڀلي تہ هوءَ پنهنجي منهن کان زناڪاريون ۽ پنهنجين ڇاتين کان حرامڪاريون پاسي ڪري؛


۽ خداوند مون کي چيو تہ اڃا بہ وڃ، وڃي هڪڙي زال سان محبت رک، جا پنهنجي يار جي پياري ۽ زناڪار هجي، جهڙي طرح خداوند بني اسرائيل سان محبت رکي ٿو، جيتوڻيڪ هو ڦري ٻين معبودن ڏانهن منهن ڪن ٿا، ۽ ڪشمش جون ٽڪيون پسند ڪن ٿا.


۽ جيڪڏهن اوهين منهنجا قانون رد ڪندا، ۽ جيڪڏهن اوهان جي دل منهنجين عدالتن کي ناپسند ڪندي، جنهن ڪري اوهين منهنجن سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا، پر منهنجو عهد ڀڃندا؛


هن انهي انڌي کي هٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاهر آندو، ۽ سندس اکين تي ڦيڻي لائي ۽ مٿس پنهنجا هٿ رکي پڇيائينس، تہ ڪي ڏسڻ ۾ اچيئي ٿو؟


جنهن جي ڪنوار آهي، سو ئي گهوٽ آهي: پر گهوٽ جو دوست، جو بيٺو سندس ٻُڌي، سو گهوٽ جي آواز تي ڏاڍو سرهو ٿو ٿئي: سو اُها منهنجي سرهائي پوري ٿي.


تڏهن پلٽڻ جي سردار هٿ کان وٺي پاسي ڪري خلاصو ٿي پڇيس تہ مون کي ڇا چوڻو اٿيئي؟


ڇالاءِ تہ مون کي اوهان لاءِ غيرت آهي جهڙي خدا جي غيرت آهي: هن ڪري جو مون اوهان کي هڪڙي مڙس سان مڱايو، انهي لاءِ تہ اوهان کي پاڪ دامن ڪنواريءَ وانگر مسيح وٽ حاضر ڪريان.


۽ بيابان ۾ بہ اوهان ڏٺو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي کڻي هلندو آهي، تيئن خداوند اوهان جو خدا، اوهان کي ساري رستي ۾ کڻي آيو، جيسين اوهين اچي هن هنڌ پهتا آهيو.


حورب ۾ خداوند جيڪو عهدنامو بني اسرائيل سان ڪيو هو، تنهن کان سواءِ موآب جي ملڪ ۾ انهن سان جيڪو عهد ڪرڻ لاءِ هن موسيٰ کي فرمايو، تنهن جون ڳالهيون هن ريت آهن.


۽ عهد جون سڀ لعنتون جيڪي هن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن موجب سزا ڏيڻ لاءِ خداوند انهي کي اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ڪڍي ڌار ڪندو.


تڏهن اهي سڀ قومون پڇنديون، تہ خداوند هن ملڪ سان ائين ڇو ڪيو آهي؟ هيڏيءَ وڏيءَ ڪاوڙ جو سبب ڪهڙو آهي؟


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ سمهي پوندين؛ ۽ ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ جي لاءِ وڃن ٿا، اُتي جي ڌارين معبودن جي پيروي ڪري زناڪاري ڪندا، ۽ مون کي ڇڏي ڏيندا، ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ڪيو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


ڇالاءِ تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ ۽ جڏهن هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا؛ تڏهن هو ٻين معبودن ڏانهن ڦرندا، ۽ انهن جي عبادت ڪندا، ۽ منهنجي حقارت ڪندا، ۽ منهنجو عهد ڀڃندا.


خداوند اسان جي خدا حورب ۾ اسان سان هڪڙو عهد ڪيو.


خداوند اهو عهد اسان جي ابن ڏاڏن سان نہ ڪيو، پر خود اسان سان ڪيائين، جيڪي اسين سڀ اڄ هتي جيئرا آهيون.


نہ انهي عهد وانگر جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان انهي ڏينهن ڪيو، جڏهن مصر جي ملڪ مان کين ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جهليم؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي عهد تي قائم نہ رهيا، ۽ خداوند فرمائي ٿو تہ مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ