Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:31 - Sindhi Bible

31 خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اسرائيل جي گهراڻي سان ۽ يهوداہ جي گهراڻي سان نئون عهد اقرار ڪندس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 خداوند ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، اهو وقت اچي ٿو جڏهن آءٌ اسرائيل توڙي يهوداہ ملڪ وارن سان هڪڙو نئون عهد ٻڌندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:31
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند فرمائي ٿو تہ انهن سان منهنجو هي عهد آهي، تہ منهنجو روح جو توتي آهي، ۽ منهنجو ڪلام جو مون تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، سو تنهنجي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي اولاد جي وات مان، اڄ کان وٺي هميشہ تائين ڪين نڪرندو، خداوند ٿو فرمائي.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سچائي جو ڏار کڙو ڪندس، ۽ اُهو بادشاهہ ٿي راڄ ڪندو، ۽ ڏاهپ سان هلندو، ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ڪندو.


ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل ۽ يهوداہ جو قيد وري ڦيرائي ڇڏيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي موٽائي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جو مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو، ۽ هو انهي جا مالڪ ٿيندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اسرائيل جي گهر ۾، ۽ يهوداہ جي گهر ۾ ماڻهوءَ ۽ جانور جو ٻج پوکيندس.


۽ آءٌ هنن سان مدامي عهد اقرار ڪندس، ۽ آءٌ هنن سان چڱائي ڪرڻ کان ڪين ڦرندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو خوف هنن جي دل ۾ وجهندس تہ هو مون کان پري نہ وڃن.


تنهن کان سواءِ آءٌ هنن سان سلامتيءَ جو عهد اقرار ڪندس: اُهو هنن سان مدامي عهد اقرار ٿيندو؛ ۽ آءٌ هنن کي اُتي رکندس ۽ وڌائيندس، ۽ پنهنجو پاڪ مڪان هميشہ لاءِ هنن جي وچ ۾ قائم ڪندس.


ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن هر کيڙڻ وارو لڻڻ واري کي اچي پهچندو، ۽ ڊاک جي لتاڙڻ وارو ٻج پوکڻ واري کي؛ ۽ جبلن تان مٺو شراب ٽمندو، ۽ سڀ ٽڪريون پگهري وينديون.


ڇالاءِ جو هيءُ عهد جو منهنجو اُهو رت آهي، جو گهڻن جي گناهن جي معافيءَ واسطي وهائجي ٿو.


۽ چيائين تہ عهد جو هيءُ منهنجو رت آهي، جو گهڻن لاءِ وهائجي ٿو.


۽ ساڳيءَ ريت کائڻ کانپوءِ پيالو کڻي چيائين تہ هيءُ پيالو منهنجي رت ۾ اُهو نئون عهد آهي، جو اوهان لاءِ وهائجي ٿو.


ساڳيءَ طرح ماني کائڻ کان پوءِ هن پيالو بہ کنيو، ۽ چيائين تہ هي پيالو منهنجي رت ۾ نئون عهد آهي؛ جڏهن بہ اوهين اهو پيئو، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.


جنهن اسان کي نئين عهد جي خادم ٿيڻ جو لائق ڪيو، نہ لفظن جو پر روح جو؛ ڇالاءِ جو لفظ ماري ٿا وجهن، پر روح جياري ٿو.


۽ جيڪي بہ انهي قاعدي تي هلندا، تن تي ۽ خدا جي اسرائيل تي، شل رحم ۽ اطمينان هجي.


آءٌ رڳو توسان هي عهد نٿو ڪريان، ۽ هي قسم نٿو کڻان؛


ڇالاءِ تہ سچا مختون تہ اسين آهيون جي خداوند جي روح جي هدايت سان عبادت ٿا ڪريون، ۽ مسيح يسوع تي فخر ٿا ڪريون، ۽ جسماني ڳالهين تي ڪوبہ اعتقاد نٿا رکون؛


۽ نئين عهد جي درميانيءَ يسوع وٽ، ۽ اُنهي ڇڻڪيل رت وٽ، جو هابل جي رت کان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪري.


هاڻي خدا جو اطمينان جو چشمو آهي، جنهن رڍن جي وڏي چرواهي کي، يعني اسان جي خداوند يسوع کي، هميشہ جي عهد جي رت جي وسيلي مُئلن مان وري جياري اُٿاريو،


ڇالاءِ جو جڏهن ڪهانت بدلجي ويئي، تڏهن ضرور شريعت بہ بدلجڻ گهرجي.


۽ انهي ڪري هو نئين عهد جو درمياني آهي، تہ پهرئين عهد جي زماني ۾ جيڪي قصور ٿيا هئا تن جي معافيءَ لاءِ، اُهو موت جو هن سَٺو، تنهن جي وسيلي، جي ماڻهو سڏيل آهن، سي واعدي موجب هميشہ جو ورثو حاصل ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ