Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:28 - Sindhi Bible

28 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون هنن تي نگهباني ڪري هنن کي پٽي ڪڍيو ۽ ڀڃي ڇڏيو، ۽ اونڌو ڪري ناس ڪيو ۽ ڏکويو؛ تيئن آءٌ هنن تي نگهباني ڪري هنن کي اڏيندس ۽ پوکيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 جهڙيءَ طرح مون مٿن چوڪسي رکندي سندن پاڙون پٽيون، کين ٽڪرا ٽڪرا ڪيم، سندن تختو اونڌو ڪيم ۽ کين تباهہ وَ برباد ڪيم، تهڙيءَ ئي طرح آءٌ انهن کي پوکڻ ۽ نئين سر اڏڻ ۾ مٿن چوڪسي رکندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:28
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڙي جيڪڏهن آءٌ اهڙو هجان ها جهڙو اڳين مهينن ۾ هوس، يعني انهن ڏينهن ۾ جڏهن خدا منهنجي حفاظت ڪندو هو.


ڇو جو خداوند صيون کي اڏايو آهي، ۽ هو پنهنجي جلال ۾ ظاهر ٿيو آهي.


خداوند پاڻ يروشلم کي اڏيو آهي؛ هو اسرائيل جي دربدر ٿيلن کي گڏ ٿو ڪري.


ڇو تہ خدا صيون کي بچائيندو؛ ۽ يهوداہ جا شهر جوڙيندو؛ ۽ اُهي اُتي رهندا ۽ قبضو ڪندا.


ڏس، اڄوڪي ڏينهن مون توکي قومن تي ۽ حڪومتن تي مقرر ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون پٽين ۽ ڀڃي ڊاهي وجهين، ۽ ناس ڪرين، ۽ اونڌو ڪري ڪيرائين؛ اڏائين ۽ پوکين.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ تو چڱو ڏٺو آهي: ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ڪلام کي پوري ڪرڻ لاءِ اُن جي سنڀال ٿو ڪريان.


ڇالاءِ جو آءٌ هنن تي چڱائي لاءِ پنهنجي نظر رکندس ۽ انهن کي موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس: ۽ آءٌ انهن کي اڏيندس ۽ ڊاهي ڪين ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي ڄمائيندس ۽ پٽي ڪين ڇڏيندس.


هائو هنن سان چڱائيءَ ڪرڻ لاءِ آءٌ هنن تي راضي رهندس، ۽ يقيناً آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل ۽ پنهنجي سموري روح سان هنن کي هن زمين تي ڄمائيندس.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيئن مون هي وڏي خرابي هن قوم تي آندي آهي تيئن آءٌ هنن تي جنهن چڱائي جو ساڻن انجام ڪيو اٿم سا سڀ هنن تي آڻيندس.


جيڪڏهن اوهين هن زمين ۾ رهندا ايندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس ۽ ڊاهيندس ڪين، ۽ آءٌ اوهان کي پوکيندس ۽ پٽيندس ڪين: ڇالاءِ جو جيڪا خرابي مون اوهان سان ڪئي آهي تنهن کان آءٌ ڦريو آهيان.


ڏس، آءٌ انهن تي نظرداري ڪريان ٿو، نہ چڱائيءَ لاءِ پر بڇڙائيءَ لاءِ: ۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ آهن، سي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا، جيسين ڪ سندن پڄاڻي ٿيندي.


تون هن کي هيئن چئج، خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي مون اڏيو آهي سو آءٌ ڀڃي ڊاهي ڇڏيندس، ۽ جيڪي مون پوکيو آهي سو آءٌ پٽي ڇڏيندس؛ ۽ سڄي ملڪ ۾ ائين ڪندس.


پر اُها ڪاوڙ ۾ پَٽي ويئي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي، ۽ اُڀرندي جي واءُ ان جو ڦر سُڪائي ڇڏيو: ان جون مضبوط ڪاٺيون ڀڄي ڪومائجي ويون، ۽ باهہ انهن کي ساڙي ٻاري ڇڏيو.


۽ آءٌ اوهان جا ماڻهو، يعني اسرائيل جو سڄو گهراڻو، وڌائيندس: ۽ شهر وسندا ۽ ويران جايون اڏجي وينديون.


تنهنڪري خداوند ڄاڻي ٻجهي اها خرابي اسان تي آندي آهي: ڇالاءِ جو خداوند اسان جو خدا جيڪي ڪم ڪري ٿو، تن سڀني ۾ هو سچو آهي؛ ۽ اسان هن جو حڪم نہ مڃيو آهي.


تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.


اُنهيءَ ڏينهن دائود جو تنبو، جو ڪِري پيو آهي، سو آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦٽل هنڌ وري جوڙي ٺاهيندس، ۽ اڳين ڏينهن وانگي اُنهي کي اڏيندس؛


۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جا قيدي موٽائي آڻيندس، ۽ اُهي غير آباد شهر وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا؛ ۽ اُهي ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ انهن جو شراب پيئندا؛ اُهي باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جو ڦر بہ کائيندا.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جهڙي طرح اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڪاوڙايو ۽ مون اوهان تي برائي آڻڻ جو خيال ڪيو، ۽ آءٌ پنهنجي خيال تان نہ لٿس، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ


اهڙيءَ طرح مون هنن ڏينهن ۾ يروشلم ۽ يهوداہ جي گهراڻي سان ڀلائي ڪرڻ جو خيال ڪيو آهي: تنهنڪري ڊپ نہ ڪريو.


”هنن ڳالهين کانپوءِ آئون موٽي ايندس، ۽ دائود جو تنبو، جو ڪِري پيو آهي، سو وري کڙو ڪندس؛ ۽ ڦاٽل ٽٽل جي مرمت ڪري انهي کي وري کڙو ڪري بيهاريندس؛


۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي هٿ جي ڪمن کي، ۽ تنهنجي اولاد کي، ۽ تنهنجي چوپائي مال کي، ۽ تنهنجي ٻنيءَ جي پيداوار کي گهڻو وڌائي، توکي سکي ڪندو: ڇالاءِ تہ جيئن خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن تي خوش هو، تيئن هو وري توتي خوش ٿيندو، ۽ توسان ڀلائي ڪندو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ