غريب ۽ محتاج پاڻي ڳولين ٿا پر اهو نٿو ملين، انهن جي زبان اُڃ جي ڪري خشڪ ٿي وئي آهي؛ آءٌ خداوند انهن کي ورندي ڏيندس، آءٌ اسرائيل جو خدا انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.
خداوند خدا مون کي شاگردن جي زبان ڏني آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ٿڪل هجي تنهن کي ڪلام سان مدد ڏيڻ اچيم: هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، هو منهنجو ڪن کولي ٿو تہ آءٌ شاگردن وانگي ٻڌان.
آءٌ هنن کي چڱو چارو چاريندس، ۽ انهن جو واڙو اسرائيل جي مٿانهن جبلن تي ٿيندو: اُتي هو هڪڙي چڱي واڙي ۾ آرام ڪنديون ۽ اسرائيل جي جبلن تي عمدو چارو چرنديون.
پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.