Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:2 - Sindhi Bible

2 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪا قوم ترار کان بچي وئي، تنهن بيابان ۾ فضل حاصل ڪيو؛ يعني اسرائيل، جڏهن آءٌ انهن کي آرام ڏيڻ ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خداوند اسرائيل وارن کي فرمائي ٿو تہ ”جيڪي ماڻهو قتل ٿيڻ کان بچي ويا، تن کي بيابان ۾ منهنجو فضل حاصل ٿيو. جيئن تہ گھڻو اڳي بيابان ۾ بني اسرائيل آرام جي ڳولا ۾ هئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:2
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو پنهنجي اُمت کي رڍن وانگي وٺي هليو، ۽ بيابان ۾ ڌڻ وانگيان سندن رهبري ڪيائين.


سو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ اهي منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.


۽ کين حڪم ڏيئي چيائين تہ جڏهن اوهين عبراني زالن کي ويم ڪرايو، تڏهن ويم جي هنڌ تي نگاهہ رکجو، جي پٽ ڄمي تہ انهيءَ کي ماري ڇڏجو، ۽ جي ڌيءَ ڄمي تہ انهيءَ کي جيئرو ڇڏجو.


پوءِ فرعون پنهنجن سڀني ماڻهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياهہ ۾ اُڇلايو، ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئري ڇڏيو.


پوءِ بني اسرائيل رعمسيس کان مسافري ڪندا سڪات تائين آيا، ۽ اهي ٻارن کان سواءِ فقط مرد ماڻهو ڇهہ لک هئا.


۽ ڳچ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جو بادشاهہ مري ويو، ۽ بني اسرائيل غلاميءَ جي ڪري آهون ڀرڻ ۽ روئڻ لڳا، ۽ هنن جو روئڻ، جو غلاميءَ جي مصيبت ڪري هو، سو خدا تائين پهتو.


تڏهن خداوند چيو تہ منهنجي حضوري تو سان گڏجي هلندي، ۽ آءٌ توکي آرام ڏيندس.


۽ انهن کي چيائون تہ شل خدا اوهان کي ڏسي، ۽ اوهان جو انصاف ڪري، ڇالاءِ جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ اهڙو نفرتي ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ هنن جي هٿ ۾ ترار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.


وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.


۽ آءٌ اوهان کي قومن جي بيابان ۾ آڻيندس ۽ اُتي اوهان سان روبرو حجت ڪندس.


مون هنن کي انساني رشتي سان ۽ محبت جي ڏورين سان ڇڪيو؛ آءٌ هنن جي لاءِ اهڙو هوس، جهڙا اُهي جي سندن ڄاڙن تان پاڃاري لاهي ڇڏين ٿا، ۽ مون هنن جي اڳيان کاڌو رکيو.


پوءِ هو خداوند جي جبل کان روانا ٿيا، ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪيائون، ۽ خداوند جي عهد جي صندوق ٽن ڏينهن جي پنڌ تائين، انهن جي واسطي آرام جي جاءِ ڳولڻ لاءِ سندن اڳيان پئي هلي.


تڏهن خداوند فرمايو تہ مون تنهنجي چوڻ موجب انهن کي معافي ڏني:


اوهين مڙيئي جي پورهيو ٿا ڪريو ۽ وڏي بار هيٺ دٻيا پيا آهيو، سي مون وٽ اچو، تہ آئون اوهان کي آرام ڏيندس.


خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي اڳيان ٿو هلي، سو ئي اوهان جي پاران جنگ ڪندو، جهڙيءَ طرح هن مصر ۾ اوهان جي اکين اڳيان هيترا سارا ڪم ڪيا؛


جو اوهان جي اڳيان ٿي هليو، تہ اوهان کي تنبن کوڙڻ جي لاءِ جاءِ ڳولي ڏئي، ۽ رات جو باهہ سان، ۽ ڏينهن جو ڪڪر سان اوهان کي رستو ڏيکاري.


ڇالاءِ جو اوهين اڃا انهي آرام ۽ انهي ميراث واري هنڌ نہ پهتا آهيو، جيڪو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو.


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا تنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي: ۽ هن وڏي بيابان ۾ تنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي بہ هن کي خبر آهي: هي چاليهہ ورهيہ خداوند تنهنجو خدا توساڻ رهيو؛ ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.


جنهن توکي بيابان ۾ اهڙي من کارائي، جنهن جي تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانہ هئي؛ انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ نيٺ تنهنجو ڀلو ڪري:


خداوند جي ٻانهي موسيٰ جيڪي اوهان کي حڪم ڏيئي چيو هو سو ياد ڪريو، اهو هي آهي تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آرام ٿو ڏئي، ۽ اوهان کي هيءُ ملڪ ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ