Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:19 - Sindhi Bible

19 يقين آهي تہ پنهنجي ڦرڻ کان پوءِ مون توبهہ ڪئي؛ ۽ تعليم ملڻ کان پوءِ مون پنهنجي ران تي ڌڪ هنيو؛ آءٌ شرمندو ٿيس، هائو، بلڪ منجهي پيس، ڇالاءِ جو مون پنهنجي جوانيءَ جي خواري کنئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 گمراهيءَ کان پوءِ اسان توبهہ ڪئي. سمجھي وٺڻ کان پوءِ اسان پنهنجي گوڏن تي هٿ هنيا. اسين شرمندا ٿياسين ۽ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيوسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي قوم شروع کان ئي ذلت کنئي هئي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:19
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيم تہ اي منهنجا خدا آءٌ شرمندو آهيان، ۽ اي منهنجا خدا، آءٌ تو ڏانهن پنهنجي منهن کڻڻ کان لڄي ٿيو آهيان، ڇالاءِ جو اسان جا گناهہ اسان جي مٿي تي گهڻا ٿي ويا آهن، ۽ اسان جو ڏوهہ وڌي آسمان تائين چڙهي ويو آهي.


ڇالاءِ جو تون منهنجي برخلاف ڪَڙيون ڳالهيون ٿو لکين، ۽ مون کي پنهنجي جوانيءَ جي قصورن جو وارث ٿو ڪرين:


هن جا هڏا جوانيءَ سان ڀريل آهن، پر اها ساڻس گڏ مٽيءَ ۾ ليٽندي.


مون تي مصيبتون آيون تنهن کان اڳي آءٌ گمراهہ هوس؛ پر هاڻي تنهنجي ڪلام تي عمل ٿو ڪريان.


منهنجيءَ جوانيءَ جي ڏوهن، ۽ منهنجن گناهن کي ياد نہ ڪر: پر پنهنجي ٻاجهہ سارو ڀلائي ڪري مون کي ياد ڪر.


ڊپ نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو تون شرمندي نہ ٿيندينءَ: پريشان نہ ٿي؛ ڇو جو تون بدنام نہ ٿيندينءَ، تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي ڏهاڳ جو مهڻو وري ياد نہ ڪندينءَ.


تنهنجي سک جي وقت مون تو سان ڳالهايو پر تو چيو تہ آءٌ ڪين ٻڌندس، ننڍي هوندي کان اها تنهنجي عادت ٿي رهي آهي تہ تون منهنجو آواز نٿو مڃين.


اچو تہ اسين پنهنجي شرم ۾ پئجي رهون، ۽ اسان جي خواري اسان کي ڍڪي ڇڏي: ڇالاءِ جو اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ پئي ڪيو آهي: ۽ اسان خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ پئي مڃيو آهي.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب هئا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل پنهنجن هٿن جي ڪم سان مون کي رڳو ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.


اي آدمزاد، دانهون ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو اُها منهنجي قوم تي آئي آهي، اُها اسرائيل جي سڀني سردارن تي آهي: اُهي منهنجي قوم سان گڏ ترار جي حوالي ڪيا ويا آهن: تنهنڪري واويلا ڪر.


آءٌ بہ تاڙيون وڄائيندس ۽ پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


انهن مصر ۾ زناڪاري جا ڪم ڪيا؛ بلڪ انهن جوانيءَ جي ڏينهن ۾ زناڪاريءَ جا ڪم ڪيا؛ اُتي هنن جون ڇاتيون مليون ويون، ۽ اُتي هنن جي ڪنوارپڻ جا ڏُڪ نپوڙيا ويا.


آءٌ اوهان کي نئين دل بہ ڏيندس ۽ اوهان ۾ نئون روح وجهندس: ۽ اوهان جي بدن مان اها پٿر جهڙي دل ڪڍي وٺندس ۽ گوشت جي دل ڏيندس.


تڏهن اوهين پنهنجا خراب رستا ياد ڪندا، ۽ پنهنجا ڪم جي چڱا نہ هئا، ۽ پنهنجي ڪراهت جهڙن ڪمن، ۽ پنهنجين بدڪارين جي ڪري خود پنهنجي نظر ۾ اوهين پاڻ کي ڌڪاريندا.


۽ جيڪي اوهان مان ڀڄي نڪرندا، سي جن قومن ۾ قيد ٿي کڄي ويندا، تن ۾ مون کي ياد ڪندا، تہ ڪيئن نہ مون سندن زناڪار دل، جا مون کان پري ٿي آهي، ۽ سندن اکيون، جي سندن بُتن جي پٺيان زناڪاري ڪنديون وتن، تن کي ڀڃي ڇڏيو آهي: ۽ جيڪي خرابيون هنن پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سان ڪيون آهن، تن جي ڪري هو خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي نفرتي ڄاڻندا.


۽ آءٌ دائود جي گهراڻي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، فضل ۽ دعا جو روح نازل ڪندس؛ ۽ هو انهيءَ تي جنهن کي هنن گهايل ڪيو، نگاهہ ڪندا: ۽ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي لاءِ ڪندو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ سخت ڏک ڪندا، جيئن ڪو پهريتي لاءِ ڪندو آهي.


پر جڏهن هي تنهنجو پٽ آيو آهي، جنهن تنهنجي ملڪيت ڪڃرين ۾ برباد ڪري ڇڏي آهي، تڏهن اُنهي لاءِ متارو وهڙو ڪُٺو اٿيئي.


پر هن ٺيڪيدار پري بيهي مٿي آسمان ڏانهن اکيون بہ نہ کنيون، پر ڇاتي ڪُٽي چوڻ لڳو، تہ اي خدا، مون گنهگار تي رحم ڪر.


پوءِ جن ڪمن جي ڪري اوهان کي هاڻي شرم ٿو اچي، تن مان اُنهي وقت اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڇالاءِ جو انهن ڪمن جو نتيجو آخر موت آهي.


۽ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين، ۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏيان، تن سڀني موجب تون پنهنجن ٻارن ٻچن سميت، پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان، هنن جي فرمانبرداري ڪندين؛


۽ جيڪي مخالف آهن تن کي حلم سان سمجهائي، شايد خدا انهن کي توبهہ جي توفيق بخشي تہ هو سچ کي سڃاڻن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ