Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:18 - Sindhi Bible

18 يقين مون افرائيم کي ماتم ڪندو ٻڌو آهي جو چوي ٿو تہ تو مون کي سيکت ڏني آهي، ۽ مون انهي گابي وانگي سيکت پاتي جو پاڃاريءَ جو هريل نہ هو: تون مون کي ڦيراءِ تہ آءٌ ڦران: ڇالاءِ جو تون خداوند منهنجو خدا آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 يقيناً مون اسرائيل وارن کي روئندي رڙندي ۽ هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’اي خداوند! تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني آهي، جهڙي جڙ گابي کي ڏبي آهي، ۽ اسين سکي ويا آهيون. سو تون اسان کي توفيق ڏي تہ هاڻ اسين تو آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:18
54 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جنهن کي خدا تاب ٿو ڏئي: تنهنڪري قادر مطلق جي سيکت کي نہ ڌڪار.


خداوند مون کي گهڻي سيکت ڏني آهي: پر مون کي موت جي حوالي نہ ڪيو اٿس.


مون تي مصيبتون آيون تنهن کان اڳي آءٌ گمراهہ هوس؛ پر هاڻي تنهنجي ڪلام تي عمل ٿو ڪريان.


اي خداوند مون کي خبر آهي تہ تنهنجا فيصلا سچا آهن، ۽ تو پنهنجيءَ وفاداريءَ جي ڪري مون کي ڏک ڏنا آهن.


منهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن تنهنجي هٿ ۾ آهن: مون کي منهنجي دشمنن ۽ ستائيندڙن کان ڇڏاءِ.


اوهين گهوڙي يا خچر وانگي بي سمجهہ نہ ٿيو: جنهن کي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ لغام ۽ واڳ وجهبي آهي، نہ تہ اُهي تو وٽ ڪين ايندا.


اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر؛ پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.


اي خدا اسان کي وري بحال ڪر؛ پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.


اي لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر، پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.


اي اسان جي نجات جا خدا، اسان کي بحال ڪر، ۽ پنهنجو ڏمر اسان تان لاهي ڇڏ.


اي خداوند مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي تون سيکت ٿو ڏين، ۽ پنهنجي شريعت ٿو سيکارين؛


چهبڪ گهوڙي لاءِ، لغام گڏهہ لاءِ، ۽ لڪڻ بي عقلن جي پٺيءَ لاءِ.


جيڪو گهڻي ملامت کان پوءِ بہ پنهنجي گردن سخت ڪري ٿو، سو اوچتو برباد ٿيندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس.


اي منهنجا پٽ، خداوند جي سيکت کي نہ ڌڪار؛ نڪي هن جي فهمائش، کان بيزار ٿيءُ:


ڇالاءِ اڃا بہ اوهين مار کائيندا، جو وڃو وڌيڪ فساد ڪندا؟ سارو مٿو بيمار آهي ۽ سڄي دل ماندي آهي.


تنهنجا پٽ سڀني گهٽين جي منهن تي ائين بيهوش پيا آهن جيئن هرڻ ڄار ۾ ڦاسندو آهي؛ اهي خداوند جي ڪاوڙ، ۽ تنهنجي خدا جي ملامت سان ڀريل آهن.


هو مظلوم هو، تہ بہ هن پاڻ کي نماڻو ڪيو، ۽ پنهنجو وات نہ پٽيائين؛ جيئن ڪو گهيٽو ڪوس تي ويندو آهي، ۽ جيئن ڪا رڍ اُن ڪترڻ وارن جي اڳيان ماٺ ڪري بيهندي آهي؛ تيئن هن بہ پنهنجو وات نہ پٽيو.


تون اسان جو پيءُ آهين، جيتوڻيڪ ابرهام اسان کي نٿو سڃاڻي، ۽ اسرائيل اسان کي قبول نٿو ڪري: تون اي خداوند اسان جو پيءُ آهين؛ ازل کان تنهنجو نالو آهي اسان جو ڇڏائيندڙ.


انهيءَ هوندي بہ ماڻهو انهيءَ ڏانهن نہ لڙيا آهن جنهن هنن کي ماريو، نڪي هنن لشڪرن جي خداوند کي ڳوليو آهي.


اي خداوند، مون کي شفا ڏي، تہ آءٌ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندس؛ مون کي بچاءِ تہ آءٌ بچندس؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو فخر آهين.


بي فائدي مون اوهان جي اولاد کي ماريو ڪُٽيو، پر انهن کي ڪابہ سيکت نہ آئي: خود اوهان جي ترار ناس ڪندڙ شينهن وانگي، اوهان جن نبين کي ڳهي وئي آهي.


اچو تہ اسين پنهنجي شرم ۾ پئجي رهون، ۽ اسان جي خواري اسان کي ڍڪي ڇڏي: ڇالاءِ جو اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ پئي ڪيو آهي: ۽ اسان خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ پئي مڃيو آهي.


ڇالاءِ جو هڪڙو اهڙو ڏينهن ٿيندو جو افرائيم جي ٽڪرن تي پهري وارو پڪاري چوندو تہ اوهين اُٿو، هلو تہ صيون ڏي خداوند پنهنجي خدا وٽ هلون.


هو رئندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، ۽ آءٌ سندن رهبري ڪندس: آءٌ هنن کي پاڻيءَ جي ندين جي ڪنارن سان اهڙي سنئين رستي تي هلائيندس، جنهن تي هو ٿاٻو نہ کائيندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جو پيءُ آهيان، ۽ افرائيم منهنجو پهريون ڄاول ٻار آهي.


اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.


اي خداوند، تون اسان کي پاڻ ڏانهن ڦيراءِ، تہ اسين ڦرون؛ اسان جا ڏينهن قديم زماني وانگر نئين سر جاري ڪر.


۽ اُتي اوهين پنهنجين راهن ۽ پنهنجن سڀني ڪمن کي ياد ڪندا، جن سان اوهان پاڻ کي ناپاڪ ڪيو آهي؛ ۽ جيڪي خرابيون اوهان ڪيون آهن تن سڀني لاءِ اوهين خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي ڌڪاريندا.


جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تيئن ئي هيءَ سڀ خرابي اسان تي آئي آهي؛ انهي هوندي بہ اسان منٿ ڪري خداوند پنهنجي خدا جو فضل نہ گهريو آهي، تہ پنهنجين بدڪارين کان باز اچون، ۽ هن جي سچ جي سمجهہ رکون.


۽ افرائيم هڪڙي گابي آهي جا هيرائي ويئي آهي، ۽ جا اَن ڳاهڻ پسند ٿي ڪري؛ پر مون انهي جي سهڻي ڳچيءَ تي سزا وڌي آهي؛ ۽ آءٌ افرائيم تي هڪڙو سوار ويهاريندس. يهوداہ هر کيڙيندو، يعقوب انهي جا ڀتر ڀڃندو.


ڇالاءِ جو اسرائيل پٺتي هٽندڙ گابيءَ وانگر پٺتي ٿو هٽي: هاڻي خداوند انهن کي هڪڙي ڪشادي هنڌ رڍن وانگر چاريندو.


آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.


۽ خدا هنن جا ڪم ڏٺا، جو هو پنهنجي خراب رستي کان باز آيا؛ ۽ خدا انهي خرابيءَ کان ڦريو، جا هن چيو هو تہ هنن سان ڪندس، ۽ ائين ڪين ڪيائين.


هن حڪم نہ مڃيو؛ هن سيکت نہ ورتي؛ هن خداوند تي ڀروسو نہ رکيو؛ هو پنهنجي خدا جي ويجهو نہ ويو.


تڏهن جيڪي خدا ترس هئا، تن هڪٻئي سان گفتگو ڪئي: ۽ خداوند ڪَن ڏنو ۽ ٻُڌو، ۽ جن کي خداوند جو خوف هو، ۽ جن سندس نالي تي ڌيان ٿي ڏنو، تن جي لاءِ سندس حضور ۾ يادگاريءَ جو ڪتاب لکيو ويو.


۽ هو پيءُ جي دل پٽ ڏانهن، ۽ پٽ جي پيءُ ڏانهن ڦيرائيندو؛ متان آءٌ اچان ۽ ملڪ تي لعنت وجهان.


الهندي واري پاسي افرائيم جي منزلگاهہ جو جهنڊو، سندن لشڪرن موجب هجي: ۽ عميهود جو پٽ اليسمع بني افرائيم جو سردار ٿئي:


۽ سندس اڳيان ايلياہ جي روح ۽ طاقت سان هلندو، تہ پيئرن جي دلين کي اولاد ڏانهن ڦيري، ۽ نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ ۾ هلائي، ۽ خداوند لاءِ هڪڙي اُمت ٺاهي تيار ڪري.


۽ هو اُٿي پيءُ وٽ آيو، پر اڃا پري ئي هو تہ پڻس ڏٺس، ۽ مٿس ڪهل اچي ويس، ۽ ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چُميائينس.


سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.


ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري.


۽ اوهان اُها نصيحت وساري ڇڏي آهي جا پٽن وانگر اوهان کي ڪئي ويئي هئي، تہ ”اي منهنجا فرزند، خداوند جي سيکت کي ڪين جهڙو نہ ڄاڻ، جڏهن اهو تو کي ڇينڀي، تڏهن دل نہ لاهہ؛


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ