Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:17 - Sindhi Bible

17 ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ تنهنجي پڇاڙيءَ جي لاءِ اميد آهي؛ ۽ تنهنجا ٻار پنهنجي ملڪ ۾ موٽي ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 مستقبل ۾ آءٌ انهن بابت تنهنجيون اميدون پوريون ڪندس. بيشڪ تنهنجو اولاد موٽي پنهنجي وطن ۾ ايندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:17
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڏهين حصي جيترو رهجي ويندو هوندو، تہ اهو بہ وري کاڄي ويندو: جيئن ڪو تارپين ۽ شاهہ بلوط جو وڻ وڍجي جنهن کي وڍڻ کان پوءِ هن جو ٿُڙ بچيل هجي تيئن پاڪ نسل هن جو ٿُڙ آهي.


۽ مون چيو تہ منهنجي سگهہ ناس ٿي ويئي آهي، ۽ منهنجي اميد خداوند مان نڪري ويئي آهي.


اها ڳالهہ آءٌ پنهنجي دل تي ٿو آڻيان، تنهن ڪري مون کي اميد آسرو آهي.


ائين چڱو آهي تہ ماڻهو اُميد رکي، ۽ خداوند جي نجات لاءِ منتظر رهي.


هن کي کپي تہ پنهنجو وات مٽيءَ تي رکي؛ شايد انهيءَ ۾ ڪا اُميد هجي.


۽ انهن کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بني اسرائيل کي انهن قومن مان ڪڍي وٺندس جن ۾ هو وڃي پيا آهن، ۽ هر طرف هنن کي گڏ ڪندس، ۽ کين سندن ملڪ ۾ آڻيندس:


۽ جيڪا زمين مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا رهندا هئا، تنهن ۾ هو رهندا؛ ۽ انهي ۾ هو ۽ سندن اولاد، ۽ سندن اولاد جو اولاد هميشہ لاءِ رهندو: ۽ منهنجو ٻانهو دائود هميشہ لاءِ هنن جو بادشاهہ ٿيندو.


۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، جو مون هنن کي قومن ۾ قيد ڪري موڪليو، ۽ وري هنن کي خود پنهنجي زمين ۾ آڻي گڏ ڪيو؛ آءٌ انهن مان اڳتي وري ڪنهن کي بہ اُتي نہ ڇڏيندس؛


۽ انهي کان پوءِ آءٌ هن کي سندس ڊاک جا منهہ ڏيندس، ۽ عڪور جي وادي اُميد جو در ڪري ڏيندس: ۽ هوءَ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر اُتي جواب ڏيندي، ۽ اُنهي ڏينهن وانگر جڏهن هوءَ مصر جي زمين مان نڪري آئي هئي.


تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.


آءٌ اوهان کي اڄ ٻڌايان ٿو تہ اوهان کي ٻيڻو اُجورو ڏيندس، تنهنڪري جي اوهين اُميدوار قيدي آهيو تہ موٽي قلعي ۾ اچو.


۽ جيڪڏهن اُهي ڏينهن گهٽايا نہ وڃن ها تہ جيڪر ڪوبہ انسان نہ بچي ها، پر چونڊيلن جي خاطر اُهي ڏينهن گهٽايا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ