Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:16 - Sindhi Bible

16 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ رئڻ کان پنهنجو آواز روڪ، ۽ لڙڪن کان پنهنجن اکين کي جهل: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي تنهنجو اجر ملندو: ۽ هو دشمن جي ملڪ مان موٽي ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اي راخل! تون روئڻ بند ڪر، ۽ لڙڪ وهائڻ ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند تو سان واعدو ٿو ڪريان تہ تو کي پنهنجي ٻارن ڄڻڻ جو اجر ضرور ملندو، جو تنهنجو اولاد دشمنن جي ملڪن مان موٽي تو وٽ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:16
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ پنهنجو منهن ڌوئي ٻاهر آيو ۽ پاڻ کي روڪي چيائين تہ ماني کڻي اچو.


تڏهن يوسف انهن جي اڳيان، جيڪي وٽس بيٺا هئا، پاڻ کي جهلي نہ سگهيو؛ ۽ واڪو ڪري چيائين تہ سڀني ماڻهن کي مون وٽان ٻاهر موڪليو. جڏهن يوسف پاڻ کي پنهنجي ڀائرن ۾ ظاهر ڪيو، تڏهن اتي ٻيو ڪوبہ ماڻهو حاضر ڪونہ هو.


پر اوهين مضبوط ٿيو، ۽ پنهنجن هٿن کي ڍرو ٿيڻ نہ ڏيو: ڇالاءِ جو اوهان جي ڪمن جو اجر اوهان کي ملندو.


جيڪي ڳوڙها ڳاڙيندي پوکين ٿا سي خوشي ڪندي لڻندا.


ڇو جو هن جو غصو رڳو هڪڙي پل جو آهي؛ ۽ سندس ٻاجهہ ۾ زندگي آهي: سڄي رات شايد روئڻ هجي، پر صبح جو سرهائي ٿيندي.


پنهنجي رستي تي پيو هل ۽ پنهنجي ماني خوشيءَ سان پيو کاءُ، ۽ سرهي دل سان پنهنجو شراب پيو پيءُ؛ ڇالاءِ جو خدا اڳئي تنهنجا ڪم قبول ڪيا آهن.


هن هميشہ لاءِ موت کي فنا ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ خداوند خدا سڀني جي منهن تان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي قوم جي ملامت ساري زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.


اي يروشلم ۾ صيون تي رهندڙ اُمت، تون اڳتي نہ رئندينءَ؛ هو تنهنجي دانهن جو آواز ٻڌي ضرور توتي رحم ڪندو؛ هو ٻڌندو ۽ توکي جواب ڏيندو.


ڏسو، خداوند، خدا طاقت مند وانگي ايندو ۽ هن جي ٻانهن سندس لاءِ حڪم هلائيندي: ڏسو، هن جو انجام ساڻس آهي، ۽ هن جو عيوضو سندس اڳيان آهي.


۽ جن جن ملڪن ۾ مون پنهنجي ڌڻ مان باقي بچيلن کي هڪالي ڇڏيو آهي، اُتان انهن کي اُڻي گڏ ڪندس، ۽ سندن واڙي ۾ موٽائي آڻيندس؛ ۽ هو ڦردار ٿيندا ۽ وڌندا ويجهندا.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کان لڀندس ۽ اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان کي انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن مان آڻي گڏ ڪندس، جن ڏي مون اوهان کي هڪالي ڪڍيو آهي؛ ۽ جنهن هنڌان اوهان کي مون قيد ڪرائي ڪڍيو آهي انهيءَ هنڌ اوهان کي موٽائي آڻيندس.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ يعقوب جي تنبن کي قيد مان موٽائي آڻيندس، ۽ ان جي رهڻ جي جاين تي رحم ڪندس؛ ۽ اهو شهر پنهنجي ڦٽل ڍڳ تي اڏيو ويندو، ۽ محلات دستور موجب قائم رهندا.


ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل ۽ يهوداہ جو قيد وري ڦيرائي ڇڏيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي موٽائي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جو مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو، ۽ هو انهي جا مالڪ ٿيندا.


اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس.


۽ آءٌ يهوداہ جي قيدين ۽ اسرائيل جي قيدين کي موٽائي آڻيندس ۽ انهن کي اڏيندس، جيئن اُهي شروع ۾ هئا.


۽ انهن کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بني اسرائيل کي انهن قومن مان ڪڍي وٺندس جن ۾ هو وڃي پيا آهن، ۽ هر طرف هنن کي گڏ ڪندس، ۽ کين سندن ملڪ ۾ آڻيندس:


۽ بني يهوداہ ۽ بني اسرائيل گڏ ٿيندا، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو سردار مقرر ڪندا، ۽ انهي زمين مان نڪري ويندا، ڇالاءِ جو يزرعيل جو ڏينهن وڏو ٿيندو.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اسان جو اعتقاد آهي تہ يسوع مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اُٿيو، تہ جيڪي يسوع جي ايمان ۾ گذري ويا آهن، تن کي بہ خدا وري ساڻس گڏ وٺي ايندو.


۽ ايمان کانسواءِ هن کي پسند اچڻ ناممڪن آهي: ڇالاءِ جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنهن کي ايمان آڻڻ گهرجي تہ هو موجود آهي، ۽ جيڪي سندس طالب آهن، تن کي اجر ٿو ڏئي.


ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو.


شل خداوند توکي تنهنجي ڪم جو اُجورو ڏئي، ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا کان توکي پورو انعام ملي، جنهن جي کنڀن هيٺ تو اچي پناهہ ورتي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ