Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:15 - Sindhi Bible

15 خداوند ٿو فرمائي، تہ رامہ ۾ هڪڙو رئڻ ۽ رڙڻ جو آواز ٿو ٻڌجي؛ راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي ڇالاءِ جو اُهي موجود ناهن، ۽ هن کي ڪابہ تسلي نٿي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 خداوند فرمائي ٿو تہ ”رامہ شهر مان روئڻ ۽ رڙڻ جو هڪڙو آواز ٿو ٻڌجي، هائو، راخل پنهنجي اولاد لاءِ روئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهو وٽس موجود ناهي، سو هن کي ڪابہ تسلي نہ ٿي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:15
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو راخل مري ويئي ۽ کيس افرات يعني بيت الحم جي واٽ تي دفن ڪيائون.


۽ سندس سڀيئي پٽ ۽ ڌيون اٿي کيس دلاسو ڏيڻ لڳا، پر هن کي تسلي نٿي آئي؛ ۽ هو چوڻ لڳو تہ آءٌ ماتم ڪري ڪري پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس. انهيءَ طرح يوسف جي لاءِ سندس پيءُ روئندو رهيو.


تڏهن هنن چيس تہ اسين تنهنجا ٻانها، ڪنعان ملڪ جي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا ٻار آهيون ۽ ڏس، سڀني کان ننڍو اڄ اسان جي پيءُ وٽ آهي، ۽ هڪڙي جو پتو ڪونهي.


پوءِ سندن پيءُ يعقوب چين تہ اوهان مون کي بي اولاد ڪيو آهي: يوسف جو پتو ڪونهي، شمعون بہ آهي ڪونہ، ۽ هاڻي بنيمين کي بہ وٺي ويندا: اهي سڀ ڳالهيون منهنجي برخلاف آهن.


۽ حنوڪ خدا ساڻ هلندو رهيو ۽ گم ٿي ويو، ڇالاءِ جو خدا هن کي کڻي ورتو.


۽ ڇالاءِ تون منهنجو قصور معاف نٿو ڪرين، ۽ منهنجو گناهہ پاسي ڪري نٿو ڇڏين؟ ڇالاءِ جو آءٌ هيٺ مٽيءَ ۾ وڃي سمهندس، ۽ تون مون کي گهڻو ئي ڳولهيندين پر آءٌ ڪونہ هوندس.


پر جڏهن ڪو ماڻهو اتان لنگهيو، تڏهن اُهو هو ئي ڪين؛ مون سندس ڳولا ڪئي، پر هو لڌو ئي ڪونہ.


مون پنهنجي مصيبت جي ڏينهن خداوند کي ڳوليو: مون رات جو پنهنجا هٿ ڊگهيريا ۽ ڍرا ڪين ڪيم؛ پر منهنجيءَ جان کي تسلي ڪانہ آئي.


هو لنگهہ تان لنگهي ويا آهن؛ هو جبع ۾ رهي پيو آهي: رامہ ڏڪي ٿو؛ سائول جو جبع ڀڄي نڪتو آهي.


تنهن ڪري مون چيو تہ مون ڏي نہ نهاريو؛ آءٌ زار زار رئندس. مون کي پنهنجيءَ قوم جي ڌيءَ جي لٽجڻ ڪري تسلي ڏيڻ لاءِ تڪليف نہ ڪريو.


منهنجو تنبو لٽجي ويو آهي، ۽ منهنجون سڀ طنابون ڇڄي پيون آهن: منهنجا ٻار مون وٽان هليا ويا آهن ۽ موجود ناهن: ڪوبہ ڪونهي جو وري منهنجو تنبو هڻائي ۽ منهنجا پردا کڙا ڪري.


جڏهن پهري وارن جي سردار نبوزرادان يرمياہ کي زنجيرن سان ٻڌل، يروشلم ۽ يهوداہ جي سڀني قيدين سان قيد ڪري بابل ڏي وٺي ٿي ويو، تڏهن هن رامہ ۾ هن کي ڇڏي ڏنو، ۽ تنهن کان پوءِ خداوند وٽان يرمياہ تي هي ڪلام نازل ٿيو.


اسان جن ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا ۽ اُهي نابود ٿيا آهن؛ ۽ اسان هنن جا گناهہ کنيا آهن.


۽ هن اُها منهنجي اڳيان پکيڙي رکي؛ ۽ اُها اندران ٻاهران لکيل هئي: ۽ انهي ۾ زاريون ۽ ماتم ۽ ڏک جون ڳالهيون هيون.


۽ اُها افرائيم جي ڪوهستان ۾، رامہ ۽ بيت ايل جي وچ ۾ دبورہ جي کجيءَ هيٺ رهندي هئي: ۽ بني اسرائيل اُتي وٽس اچي پنهنجن معاملن جا فيصلا ڪرائيندا هئا.


۽ هو رامہ ۾ موٽي ايندو هو، ڇالاءِ جو سندس گهر اُتي هو؛ ۽ اُتي هو اسرائيل جو قاضي هو: ۽ اُتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ