Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 30:9 - Sindhi Bible

9 پر هو خداوند پنهنجي خدا جي، ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود جي، جنهن کي آءٌ هنن جي لاءِ برپا ڪندس، خدمت ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ان جي برعڪس هو مون خداوند پنهنجي خدا جي ۽ دائود جي نسل واري بادشاهہ جي خدمت ڪندا، جنهن کي آءٌ هنن لاءِ کڙو ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 30:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند تنهنجون اڳيون رحمتون ڪٿي آهن، جن بابت تو دائود سان پنهنجيءَ وفاداريءَ جو قسم کنيو هو؟


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سچائي جو ڏار کڙو ڪندس، ۽ اُهو بادشاهہ ٿي راڄ ڪندو، ۽ ڏاهپ سان هلندو، ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ڪندو.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي اوهان جي حق ۾ منهنجا خيال آهن، سي آءٌ ڄاڻان ٿو، اُهي خير سلامتيءَ جا خيال آهن نہ خرابي جا، يعني تہ اوهان جي پڇاڙيءَ ۾ اوهان کي اُميد ڏيان.


۽ انهن جو سردار انهن منجهان ئي ٿيندو، ۽ انهن جو حاڪم سندن وچ مان ئي ٿيندو؛ ۽ آءٌ انهي کي ويجهو ڪوٺيندس ۽ هو مون کي نزديڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو ڪير آهي جو جرئت ڪري مون کي نزديڪ ٿيندو؟


انهن ڏينهن ۾، ۽ انهيءَ وقت آءٌ دائود جي لاءِ سچائيءَ جي هڪڙي شاخ ڦٽائيندس؛ ۽ اُهو انهي ملڪ ۾ عدالت ۽ سچائي جا ڪم ڪندو.


تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.


۽ چوڻ لڳا تہ يهودين جو بادشاهہ جو پيدا ٿيو آهي سو ڪٿي آهي؟ ڇالاءِ جو اسان ان جو تارو اُڀرندي ۾ ڏٺو آهي: تنهنڪري کيس سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.


۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي گهراڻي ۾، اسان لاءِ نجات جو سڱ کڙو ڪيو اٿس،


جيئن خدا واعدو ڪيو هو، تيئن ئي هن دائود جي نسل مان اسرائيل وٽ هڪڙو ڇوٽڪارو ڏيندڙ، يعني يسوع کي موڪليو؛


باقي اها ڳالهہ تہ هن اُنهي کي اهڙيءَ طرح مُئلن مان جياريو جو هو وري مرڻ جو ناهي، تنهن بابت هن هيئن چيو آهي، تہ ”آئون توکي دائود واريون پاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.“


هو نبي هو، ۽ خبر هيس تہ خدا مون سان انهيءَ ڳالهہ جو قسم کڻي چيو آهي تہ آئون تنهنجي نسل مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ