Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 30:23 - Sindhi Bible

23 ڏس، خداوند جو طوفان، يعني سندس ڪاوڙ جو ٻهاريندڙ طوفان نڪتو آهي: اُهو شريرن جي سر تي اچي ڪڙڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو، هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 30:23
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جي ديڳڙن کي ڪنڊن جي باهہ جو سيڪ اچي، تنهن کان اڳي هو انهن ساون ۽ سڪن کي واچوڙي سان اُڏائي کڻي ويندو.


جڏهن اوهان تي ڊپ طوفان وانگر ايندو، ۽ اوهان جي مصيبت واچوڙي وانگر ايندي؛ جڏهن تنگي ۽ ڏک اوهان تي ايندو؛


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، هڪڙي قوم کان ٻي قوم ڏي خرابي نڪري پکڙندي ويندي، ۽ زمين جي ازحد ڀاڱن کان هڪڙو وڏو طوفان اُٿاريو ويندو.


انهيءَ وقت انهي قوم کي، ۽ يروشلم کي چيو ويندو، تہ بيابان ۾ اُگهاڙين ٽڪرين تان منهنجي قوم جي ڌيءَ ڏانهن جهولو لڳندو، نہ واءُ هڻڻ يا صاف ڪرڻ جي لاءِ؛


اڙي اوهين سڀ، جي هتان لنگهو ٿا، تن جي لاءِ هي ڪجهہ بہ نہ آهي ڇا؟ نظر ڪريو ۽ ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ڏک آهي ڇا؟ جو ڏک خداوند پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ جي ڏينهن مون کي رسايو آهي.


۽ خداوند هنن جي مٿان ڏيکاري ڏيندو ۽ سندس تير بجليءَ وانگر نڪرندو: ۽ خداوند خدا قرناءِ وڄائيندو ۽ ڏکڻ جي واءُ وانگر ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ