Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 30:2 - Sindhi Bible

2 خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي هڪڙي ڪتاب ۾ لک،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ هڪڙي ڪتاب ۾ لک.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 30:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اها ڳالهہ يادگيري جي لاءِ هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏ.


هاڻي وڃي اهو هن جي اڳيان هڪڙيءَ تختيءَ تي لک، ۽ هڪڙي ڪتاب ۾ داخل ڪر، تہ هو ايندڙ وقت لاءِ، ۽ هميشہ جي واسطي قائم رهي.


۽ خداوند مون کي فرمايو تہ هڪڙي وڏي تختي کڻ ۽ انهي تي صاف اکرن ۾ لک تہ مهير شالال حاش باز لاءِ:


۽ آءٌ انهي زمين تي اُهي سڀ ڳالهيون آڻيندس جي انهن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪيون آهن، يعني اُهي سڀ جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، جي يرمياہ سڀني قومن جي برخلاف نبوت ڪري ٻڌايون آهن.


اُهو ڪلام جو خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


تون ٻي ويڙهي کڻ ۽ جيڪي اڳوڻيون ڳالهيون اُنهي پهرين ويڙهي ۾ لکيل هيون، جا يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ساڙي ڇڏي هئي، سي سڀ انهي ۾ لک.


تڏهن يرمياہ ٻي ويڙهي کڻي باروڪ بن نيرياہ ڪاتب کي ڏني؛ جنهن يرمياہ جي واتان انهي ۾ اُنهي ڪتاب جون سڀ ڳالهيون لکيون، جو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو هو: ۽ انهن کان سواءِ ٻيون انهن جهڙيون گهڻيون ئي ڳالهيون انهي ۾ گڏيون ويون.


پر اي داني ايل، تون پنهنجون ڳالهيون بند ڪر، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين پنهنجي ڪتاب تي مهر ڪر: گهڻا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا، ۽ علم زيادہ ٿيندو.


ڇالاءِ تہ جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون هيون، سي اسان جي تعليم لاءِ لکيون ويون، تہ صبر جي ڪري، ۽ پاڪ لکيتن جي تسلي جي ڪري، اسان کي اُميد حاصل ٿئي.


هاڻي اهي ڳالهيون اُنهن سان ٿيون تہ هو عبرت وٺن، ۽ اسين جي آخرين زماني ۾ آهيون تن جي نصيحت لاءِ اهي لکيون ويون.


تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجي لاءِ هي گيت لکو، ۽ اهو تون بني اسرائيل کي سيکار: ۽ کين ياد ڪراءِ تہ ڀلي اهو گيت بني اسرائيل تي منهنجي پاران شاهد هجي.


ڇالاءِ جو ڪابہ پيشنگوئي ڪڏهن بہ ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي؛ پر ماڻهو پاڪ روح جي چورڻ تي خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.


جنهن چيو تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو ڪتاب ۾ لک، ۽ اُهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل؛ يعني افسس ڏانهن، ۽ سمرنہ ڏانهن، ۽ پرگمن ڏانهن، ۽ ٿواتيرہ ڏانهن، ۽ سرديس ڏانهن، ۽ فلدلفيہ ڏانهن، ۽ لوديڪيہ ڏانهن.


تنهنڪري اهي ڳالهيون جي تو ڏٺيون، ۽ اهي ڳالهيون جي آهن، ۽ اهي ڳالهيون جي هن کانپوءِ جلد ٿيڻيون آهن، سي لک؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ