Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 30:19 - Sindhi Bible

19 ۽ انهن مان شڪرگذاري ۽ خوشي ڪندڙ جو آواز نڪرندو: ۽ آءٌ انهن کي وڌائيندس، ۽ اُهي ٿورا ڪونہ ٿيندا؛ آءٌ انهن کي عزت وارو بہ ڪندس ۽ هو ذليل نہ ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ماڻهو شڪرگذاري ڪندا ۽ خوشيون ملهائيندا. آءٌ انهن جو تعداد وڌائيندس، سو هو گھٽبا ئي ڪين. آءٌ انهن کي عزت وارو ڪندس، سو هو ذليل نہ ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 30:19
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن ست ڏينهن خوشيءَ سان بي خميري مانيءَ جي عيد ڪئي: ڇالاءِ جو خداوند هنن کي خوش ڪيو هو، ۽ اسور جي بادشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي هئي، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي خدا جي گهر جي ڪم ۾ هنن جي هٿن کي مضبوط ڪري.


۽ سڀ ماڻهو پنهنجي منهن هليا ويا، تہ وڃي کائن پيئن، ۽ ٻين کي ڪجهہ موڪلين، ۽ گهڻي خوشي ڪن، ڇالاءِ جو جيڪو ڪلام کين پڙهي ٻڌايو ويو هو، سو هنن سمجهيو هو.


۽ جيڪي ماڻهو قيد مان وري نڪري آيا هئا، تن جي سڄي جماعت لانڍيون جوڙيون، ۽ انهن لانڍين ۾ رهڻ لڳا: ڇالاءِ جو يشوع بن نون جي ڏينهن کان وٺي انهيءَ ڏينهن تائين بني اسرائيل ائين نہ ڪيو هو. ۽ ڏاڍي خوشي ٿي.


شل اسرائيل جي نجات صيون مان اچي! جڏهن خدا پنهنجيءَ اُمت جي قيدين کي موٽائي آڻيندو، تڏهن يعقوب خوشي ڪندو، ۽ اسرائيل سرهو ٿيندو.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


تو قوم کي وڌايو آهي، اي خداوند، تو قوم کي وڌايو آهي؛ تون جلال وارو آهين، تو ملڪ جون سڀ سرحدون وڌائي وڏيون ڪيون آهن.


ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب پاڙ هڻندو؛ ۽ اسرائيل ٻور جهليندو، ۽ گل ڪندو: اهي ساري دنيا ميون سان ڀري ڇڏيندا.


خداوند جا خريد ڪيل موٽندا، ۽ ڳائيندا صيون ۾ ايندا: ۽ انهن جي مٿن تي هميشہ جي خوشي هوندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، ۽ غم ۽ ماتم ڪونہ رهندو.


اهي خداوند جا ڇڏايل موٽندا، ۽ ڳائيندي صيون ۾ ايندا؛ ۽ انهن جي مٿان هميشہ جي خوشي ٿيندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، غم ۽ رنج ڪونہ رهندا.


ڇالاءِ جو خداوند صيون کي تسلي ڏني آهي: ۽ هن اتي جي سڀني ويران جاين کي تسلي ڏني آهي، ۽ انهي جي بيابانن کي عدن جهڙو ڪيو اٿس، ۽ انهي جي رڻ پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪيو اٿس؛ انهي ۾ خوشي ۽ سرهائي، ۽ شڪرگذاري، ۽ ڳائڻ جو آواز موجود رهندو.


اي يروشلم جون ويران جايون اوهين گڏجي خوشيءَ جا گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، هن يروشلم کي ڇڏايو آهي.


ڏس، تون انهيءَ قوم کي سڏيندين جنهن کي تون نٿو سڃاڻين، ۽ اها قوم جا توکي نٿي سڃاڻي سا تو وٽ ڊوڙندي ايندي، اهو خداوند تنهنجي خدا، ۽ اسرائيل جي قدوس جي ڪري ٿيندو؛ ڇالاءِ جو انهي توکي جلال بخشيو آهي.


اڳتي وري توکي ڏينهن جي سوجهري لاءِ سج جي ضرورت ڪانہ پوندي، نڪي چنڊ روشنائيءَ لاءِ توتي چمڪندو: پر خداوند تو لاءِ هميشہ جي روشني ٿيندو، ۽ تنهنجو خدا تنهنجو جلال ٿيندو.


هڪڙي ننڍڙي مان هزار ٿيندا، ۽ ٿوري مان زبردست قوم ٿيندي: آءٌ خداوند پوري وقت تي جلد اهو ڪندس.


يقين آهي تہ ٻيٽ مون لاءِ منتظر ٿيندا، ۽ ترسيس جا جهاز پهرين تنهنجن پٽن کي سندس سون ۽ روپي سميت، خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ، ۽ اسرائيل جي قدوس لاءِ، پري کان آڻيندا، ڇالاءِ جو هن توکي جلال بخشيو آهي.


۽ هو يهوداہ جي شهرن مان، ۽ يروشلم جي آس پاس وارن هنڌن مان، ۽ بنيمين جي زمين مان، ميدان ۽ جبلن مان، ۽ ڏکڻ مان ايندا، ۽ سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون، ۽ نذرانا ۽ لوبان آڻيندا ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون بہ خداوند جي گهر ۾ آڻيندا.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين وڌندا ۽ اوهين ملڪ ۾ گهڻا ٿيندا، تڏهن خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڏينهن ۾ هو وري اڳتي ائين نہ چوندا تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق؛ نڪا اها ڳالهہ دل ۾ ايندي: نڪي انهي کي هو ياد ڪندا؛ نڪي هو انهي جي زيارت ڪندا؛ نڪي وري اڳتي ائين ڪرڻ ۾ ايندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اسرائيل جي گهر ۾، ۽ يهوداہ جي گهر ۾ ماڻهوءَ ۽ جانور جو ٻج پوکيندس.


اي اسرائيل جي ڪنواري آءٌ وري بہ توکي اڏيندس ۽ تون اڏبينءَ: وري تون پنهنجن کنجرين سان سينگاري ويندينءَ ۽ خوشي ڪندڙن جي ناچن سان نڪرندينءَ.


جيئن آسمان جو لشڪر شمار ڪري سگهڻ جو ناهي، نڪي سمنڊ جي واري ماپي سگهڻ جي آهي؛ تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي، ۽ پنهنجن خدمتگارن لاوين کي وڌائيندس.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهن کان سواءِ اسرائيل جي گهراڻي وارا مون کي عرض ڪندا تہ آءٌ سندن لاءِ ائين ڪريان؛ آءٌ هنن کي ماڻهن سان ڌڻ وانگر وڌائيندس.


تڏهن جيئن مون کي حڪم مليو هو، تيئن مون نبوت ڪئي ۽ هنن ۾ ساهہ پيو ۽ هو زندہ ٿي پيون، ۽ هڪڙو تمام وڏو لشڪر ٿي پيرن ڀر اُٿي بيٺيون.


تنهن کان سواءِ آءٌ هنن سان سلامتيءَ جو عهد اقرار ڪندس: اُهو هنن سان مدامي عهد اقرار ٿيندو؛ ۽ آءٌ هنن کي اُتي رکندس ۽ وڌائيندس، ۽ پنهنجو پاڪ مڪان هميشہ لاءِ هنن جي وچ ۾ قائم ڪندس.


آءٌ سيٽي وڄائي کين گڏ ڪندس؛ ڇالاءِ تہ مون سندن قيمت ڏني آهي: ۽ هو ائين وڌندا ويجهندا جيئن اڳي هئا.


انهيءَ ڏينهن خداوند يروشلم جي رهاڪن جو بچاءُ ٿيندو؛ ۽ انهن مان سڀ ڪنهن کان ضعيف دائود وانگر ٿيندو، ۽ دائود جو گهراڻو خدا وانگر يعني خدا جي فرشتي وانگر ٿيندو، جو سندن اڳيان اڳيان هلي ٿو.


۽ انهيءَ کي چيائين تہ ڊوڙ، ۽ انهيءَ جوان ماڻهوءَ کي چئُہ تہ يروشلم ڀتين بنا ڳوٺن وانگر، ماڻهن ۽ جانورن جي گهڻائيءَ سبب آباد ٿيندو.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ چوٿين، ۽ پنجين، ۽ ستين، ۽ ڏهين مهيني جو روزو يهوداہ جي گهراڻي جي لاءِ خوشي ۽ خورميءَ جو ڏينهن ۽ شادمانيءَ جي عيد ٿيندي؛ تنهنڪري سچائيءَ ۽ صلح سان محبت رکو.


۽ جلال جو تو مون کي ڏنو آهي، سو مون کين ڏنو آهي؛ تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين هڪ آهيون.


انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان، جو باهہ سان پرکيل فاني سون کان زيادہ قيمتي آهي، سو مسيح جي ظاهر ٿيڻ وقت، تعريف ۽ جلال ۽ عزت جي لائق ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ