يرمياہ 30:18 - Sindhi Bible18 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ يعقوب جي تنبن کي قيد مان موٽائي آڻيندس، ۽ ان جي رهڻ جي جاين تي رحم ڪندس؛ ۽ اهو شهر پنهنجي ڦٽل ڍڳ تي اڏيو ويندو، ۽ محلات دستور موجب قائم رهندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible18 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي نسل تي رحم ڪندس، ۽ سندن گھرن ۾ وري خوشحالي آڻيندس، يروشلم شهر پنهنجي دڙي تي وري اڏيو ويندو، ۽ انهيءَ جو قلعو پنهنجي اصلي هنڌ تي وري قائم ٿيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس.