Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 30:10 - Sindhi Bible

10 تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊپ نہ ڪر؛ نڪي اي اسرائيل تون پريشان ٿي: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي پري کان بچائيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي هنن جي قيد جي ملڪ کان؛ ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ امن ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ هن کي نہ ڊيڄاريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 سو، اي منهنجي قوم بني اسرائيل! اوهين نہ ڊڄو، نڪي اوهين پريشان ٿيو. آءٌ اوهان کي يقيناً ڏورانهن هنڌن کان بچائيندس، يعني اوهان جي نسل کي جلاوطنيءَ وارن ملڪن کان موٽائي آڻيندس. آءٌ اوهان کي وري امن ۽ سلامتي عطا ڪندس، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڊيڄاري نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 30:10
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان.


۽ اُنهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند توکي تنهنجي ڏک، ۽ تنهنجي تڪليف، ۽ جنهن سخت پورهئي ۾ تون پيو هئين تنهن کان آرام ڏيندو،


اتي شينهن ڪونہ هوندو ۽ نہ ڪو ڦاڙيندڙ جانور انهيءَ تي چڙهي ويندو، اهي اتي نہ لڀندا؛ پر جيڪي ڇڏايا ويا آهن سي اتي هلندا.


ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: آءٌ تنهنجو نسل اُڀرندي کان آڻيندس، ۽ اُلهندي کان توکي گڏ ڪندس؛


انهي هوندي بہ اي منهنجا بندا يعقوب؛ اي منهنجا چونڊيل اسرائيل، هاڻي ٻڌ:


جنهن خداوند توکي بنايو، ۽ ماءُ جي پيٽ کان ئي توکي جوڙيو، ۽ جو تنهنجي مدد ڪندو؛ سو هيئن ٿو فرمائي تہ اي منهنجا بندا يعقوب، اي منهنجا چونڊيل يسورون، ڊڄ نہ.


آءٌ اُڀرندي يعني ڏورانهين ملڪ کان هڪڙو عقاب، يعني اهڙو شخص سڏيندس جو منهنجي مرضي پوري ڪندو؛ هائو، مون ڳالهايو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس؛ مون ارادو ڪيو آهي، ۽ آءٌ اهو پورو ڪندس.


آءٌ پنهنجي راستبازي ويجهي ٿو آڻيان، اها پري نہ ٿيندي، ۽ منهنجي نجات کي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي؛ آءٌ صيون ۾ نجات موڪليندس ۽ اسرائيل کي پنهنجو جلال بخشيندس.


ڏس، اُهي پري کان ايندا: ڏس، اهي اُتر کان، ۽ اُلهندي کان، ۽ سينيم جي ملڪ کان ايندا.


پر خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ زور وارن جا قيدي بہ کسيا ويندا، ۽ زبردستن جو شڪار بہ ڇڏايو ويندو: ڇالاءِ تہ جيڪو تو سان وڙهي ٿو، تنهن سان آءٌ وڙهندس، ۽ آءٌ تنهنجن ٻارن کي بچائيندس.


ڊپ نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو تون شرمندي نہ ٿيندينءَ: پريشان نہ ٿي؛ ڇو جو تون بدنام نہ ٿيندينءَ، تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي ڏهاڳ جو مهڻو وري ياد نہ ڪندينءَ.


۽ جن جن ملڪن ۾ مون پنهنجي ڌڻ مان باقي بچيلن کي هڪالي ڇڏيو آهي، اُتان انهن کي اُڻي گڏ ڪندس، ۽ سندن واڙي ۾ موٽائي آڻيندس؛ ۽ هو ڦردار ٿيندا ۽ وڌندا ويجهندا.


۽ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن تي ڌنار مقرر ڪندس، جي انهن کي چاريندا: ۽ هو وري اڳتي نڪي ڊڄندا نڪي خوف ڪندا، ۽ نہ ڪو ڪو انهن مان گهٽ ٿيندو.


انهي جي ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ اسرائيل صحيح سلامت رهندو: ۽ جنهن نالي سان هو سڏبو سو هي آهي تہ خداوند اسان جي راستبازي آهي.


پر چوندا تہ انهيءَ خداوند جو قسم، جنهن اسرائيل جي گهراڻي جي نسل کي اُتر واري ملڪ مان، ۽ جن جن ملڪن ۾ مون هنن کي هڪالي ڇڏيو هو، اُتان هنن کي ڪڍي وٺي آيو؛ پوءِ هو خود پنهنجي ملڪ ۾ رهندا.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي اوهان جي حق ۾ منهنجا خيال آهن، سي آءٌ ڄاڻان ٿو، اُهي خير سلامتيءَ جا خيال آهن نہ خرابي جا، يعني تہ اوهان جي پڇاڙيءَ ۾ اوهان کي اُميد ڏيان.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کان لڀندس ۽ اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان کي انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن مان آڻي گڏ ڪندس، جن ڏي مون اوهان کي هڪالي ڪڍيو آهي؛ ۽ جنهن هنڌان اوهان کي مون قيد ڪرائي ڪڍيو آهي انهيءَ هنڌ اوهان کي موٽائي آڻيندس.


انهن ڏينهن ۾ يهوداہ جو گهراڻو اسرائيل جي گهراڻي سان هلندو، ۽ اهي گڏجي اُتر واري ملڪ مان نڪري انهي ملڪ ۾ ايندا، جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ورثو ڪري ڏنو آهي.


ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل ۽ يهوداہ جو قيد وري ڦيرائي ڇڏيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي موٽائي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جو مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو، ۽ هو انهي جا مالڪ ٿيندا.


افسوس! ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن اهڙو وڏو آهي جو ڪوبہ انهي جهڙو ناهي: بلڪ اهو يعقوب جي مصيبت جو وقت آهي؛ پر هو انهي مان بچايو ويندو.


انهن ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ يروشلم سلامتيءَ سان رهندو؛ ۽ جنهن نالي سان هوءَ سڏبي سو هي آهي: خداوند اسان جي راستبازي آهي.


تو جو پنهنجين ڀينرن لاءِ فتويٰ ڏني آهي، سو تون پنهنجي خواري بہ پاڻ تي کڻ؛ تو هنن کان وڌيڪ ڪراهت جهڙا گناهہ ڪيا آهن، تنهنڪري هو تو کان وڌيڪ سچيون آهن: ها، تون بہ لڄي ٿي ۽ پنهنجي خواري پاڻ کڻ، جو تو پنهنجين ڀينرن کي بي گناهہ ثابت ڪيو آهي.


۽ تون چوندين تہ آءٌ انهن ڏانهن ويندس جي آرام ۾ آهن ۽ سلامتيءَ سان ٿا رهن؛ جي سڀ ڀِتين، ۽ درن، ۽ گزن کان سواءِ رهن ٿا؛ ۽ آءٌ انهي کليل ملڪ ۾ ويندس:


۽ انهي وقت اُهو وڏو سردار، جو تنهنجي قوم جي اولاد لاءِ قائم آهي، سو اُٿي بيهندو: ۽ اهڙو تڪليف جو وقت پيش ايندو جهڙو ڪنهن بہ قوم جي شروعات کان وٺي انهي وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو: ۽ انهي وقت تنهنجي قوم جو ڇوٽڪارو ٿيندو، يعني هرهڪ جو، جنهن جو نالو ڪتاب ۾ لکيل هوندو.


۽ انهي ڏينهن آءٌ هن جي پاران جهنگ جي جانورن، ۽ آسمان جي پکين، ۽ زمين جي سرندڙ شين سان عهد اقرار ڪندس: ۽ آءٌ انهي زمين مان ڪمان، ۽ ترار، ۽ لڙائي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان آرام ۾ ليٽائيندس.


هائو، آءٌ توکي پنهنجي وفاداريءَ ۾ پنهنجي مڱ ڪندس، ۽ تون خداوند کي سڃاڻندينءَ.


اي يهوداہ، تنهنجي لاءِ بہ هڪڙو فصل تيار رکيو ويو آهي، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جا قيدي موٽائي آڻيندس.


اي ملڪ نہ ڊڄ، سرهو ٿيءُ ۽ خوشي ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن.


سو هاڻي تون ڇو ٿي رڙيون ڪرين؟ تو ۾ ڪو بادشاهہ ناهي ڇا، يا تنهنجو ڪو صلاحڪار مري ويو آهي ڇا، جو توکي ويم جي سورن اچي ورايو آهي؟


انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڊاک ۽ انجير جي وڻ هيٺان سڏيندو.


”اي صيون جي ڌيءَ، ڊڄ نہ: ڏس، تنهنجو بادشاهہ کودڙي تي چڙهيو پيو اچي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ