Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 3:25 - Sindhi Bible

25 اچو تہ اسين پنهنجي شرم ۾ پئجي رهون، ۽ اسان جي خواري اسان کي ڍڪي ڇڏي: ڇالاءِ جو اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ پئي ڪيو آهي: ۽ اسان خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ پئي مڃيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 اسان کي خواريءَ سبب شرم ۾ ٻڏي مرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ۽ نافرماني پئي ڪئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 3:25
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا آهن، اسان خطا ڪئي آهي، ۽ بڇڙائي ڪئي اٿئون.


اسان جي ابن ڏاڏن مصر جي ملڪ ۾ تنهنجي عجيب ڪمن کي ڪين سمجهيو؛ انهن تنهنجي بيحد رحمتن کي ياد نہ ڪيو؛ پر سمنڊ وٽ، يعني ڳاڙهي سمنڊ وٽ، فساد ڪيائون.


شل منهنجا دشمن بي عزتيءَ جي پوشاڪ پائين، ۽ پنهنجيءَ شرمندگيءَ کي چادر وانگي ڍڪين.


جيڪو سيکت قبول نٿو ڪري تنهن کي غريبي ۽ شرمندگي حاصل ٿيندي: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو سو عزت حاصل ڪندو.


نڪي مون پنهنجن استادن جو چيو مڃيو آهي، ۽ نہ پنهنجي تعليم ڏيندڙن ڏانهن مون پنهنجو ڪن ڏنو!


هائو، تو نہ ٻڌو؛ هائو تو نہ ڄاتو؛ هائو، قديم وقت کان تنهنجا ڪن کليل نہ هئا: ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تنهنجي هلت تمام دغابازيءَ جي آهي، ۽ ماءُ جي پيٽان تون گنهگار ٿو سڏجين.


ڏسو، اوهين سڀ جي باهہ ٻاريو ٿا، ۽ اُماڙيون چيلهہ سان ٻڌو ٿا: سي پنهنجي باهہ جي شعلي ۾، ۽ جيڪي اُماڙيون ٻاريون اٿوَ تن منجهہ هلو. اهو ئي منهنجي هٿان اوهان کي ملندو ۽ اوهين ڏک ۾ ليٽي رهندا.


ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن؛ ۽ جيتريون يروشلم جون گهٽيون آهن اوتريون اوهان انهيءَ شرم جهڙي شيءِ جي لاءِ قربانگاهون ٺاهيون آهن، يعني بعل جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي قربانگاهون.


هنن ڪڻڪ پوکي آهي پر ڪنڊا لڻيا اٿن: هنن سور سٺا آهن پر حاصل ڪجهہ بہ نہ ڪيو اٿن: ۽ اوهين خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ جي سبب پنهنجي حاصلات کان شرمندا ٿيندا.


اي خداوند اسين پنهنجي بڇڙائي قبول ڪريون ٿا، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاري بہ: ڇالاءِ جو اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


جيتوڻيڪ اسان جون بدڪاريون اسان تي شاهدي ٿيون ڏين، تہ بہ اي خداوند، تون پنهنجي نالي جي خاطر ڪجهہ ڪر: ڇالاءِ جو اسان وري وري ڏوهي ٿيا آهيون: اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


تو اهو پنهنجي مٿان پاڻ نہ آندو آهي ڇا، جو جڏهن تنهنجي خداوند خدا رستي ۾ تنهنجي سونهپ ڪئي، تڏهن تو هن کي ڇڏي ڏنو آهي؟


خداوند، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ خود تنهنجي شرارت توکي سيکت ڏيندي، ۽ تنهنجون ڪوتاهيون توکي ملامت ڪنديون: تنهن ڪري ڄاڻ ۽ ڏس، تہ تو جو خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ توکي منهنجو ڊپ ڪونهي، سو اها هڪڙي خراب ۽ ڪَرڙي ڳالهہ آهي.


وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.


جيئن ڪو چور لڀي پوڻ وقت شرمندو ٿيندو آهي، تيئن اسرائيل جو گهراڻو بہ شرمندو آهي؛ هو پاڻ، ۽ سندن بادشاهہ، ۽ سندن امير، ۽ سندن ڪاهن، ۽ سندن نبي؛


ڇالاءِ آءٌ پيٽ مان نڪتس، تہ تڪليف ۽ ڏک ڏسان، ۽ منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن خواريءَ ۾ گذري وڃن؟


تنهنجي سک جي وقت مون تو سان ڳالهايو پر تو چيو تہ آءٌ ڪين ٻڌندس، ننڍي هوندي کان اها تنهنجي عادت ٿي رهي آهي تہ تون منهنجو آواز نٿو مڃين.


خداوند ٿو فرمائي، تہ رڳو پنهنجو گناهہ قبول ڪر، تہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم عدولي ڪئي اٿيئي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ پنهنجا رستا پکيڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي ڪلام جي تابعداري نہ ڪئي اٿيئي.


يقين آهي تہ پنهنجي ڦرڻ کان پوءِ مون توبهہ ڪئي؛ ۽ تعليم ملڻ کان پوءِ مون پنهنجي ران تي ڌڪ هنيو؛ آءٌ شرمندو ٿيس، هائو، بلڪ منجهي پيس، ڇالاءِ جو مون پنهنجي جوانيءَ جي خواري کنئي آهي.


اي منهنجي قوم جي ڌيءَ، تون کٿو چيلهہ سان ٻڌ، ۽ خاڪ ۾ ليٽ: ماتم ڪري زار زار روءُ: جيئن هڪڙي ئي هڪڙي پٽ لاءِ روئبو آهي؛ ڇالاءِ جو ڦرلٽ ڪرڻ وارو اوچتو اسان تي ايندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ هو مون کي ڪاوڙجڻ لاءِ چورين ٿا، يا پاڻ کي ٿا چيڙائين تہ سندن منهن ڦڪا ٿين؟


اسين ڇو ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ اوهين اُٿي گڏ ٿيو، هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ۾ هلي ويهون ۽ اُتي ماٺ ڪري ويهو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ماٺ ڪرائي آهي، ۽ اسان کي ڪَڙو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو جو اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.


۽ جلدي ڪري اسان جي لاءِ اوسارڻ قبول ڪن، تہ اسانجين اکين مان ڳوڙها وهن، ۽ اسان جن ڇپرن مان پاڻي جاري ٿئي.


ڇٽ اسان جي مٿي تان ڪري پيو آهي: افسوس آهي اسان جي حال تي! جو اسان گناهہ ڪيو آهي.


اسان جن ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا ۽ اُهي نابود ٿيا آهن؛ ۽ اسان هنن جا گناهہ کنيا آهن.


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، آءٌ توکي بني اسرائيل ڏانهن ٿو موڪليان، ۽ انهن قومن ڏانهن جي باغي ٿيون آهن، ۽ جن منهنجي برخلاف بغاوت ڪئي آهي: هنن ۽ سندن ابن ڏاڏن اڄ تائين منهنجي حڪم جي عدولي پئي ڪئي آهي.


خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهان کي خبر هجي تہ اهو ڪم آءٌ اوهان جي ڪمن ڪري نٿو ڪريان: اي اسرائيل جا گهراڻا، پنهنجي ڪمن جي ڪري شرمندا ۽ لڄي ٿيو.


پر هو ڪاهنن جي عهدي جي خدمت لاءِ منهنجي ويجهو نہ اچن، نڪي هو منهنجي پاڪ شين کي ويجهو اچن، يعني انهن شين کي جي تمام پاڪ آهن: پر هو پنهنجي خواري ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا اٿن سي پاڻ کڻندا.


هو پنهنجي چيلهہ سان کٿا بہ ٻَڌندا، ۽ خوف هنن کي ڍڪي ڇڏيندو؛ ۽ سڀني جي منهن تي شرم هوندو، ۽ انهن سڀني جا مٿا گنجا هوندا.


۽ جيڪي زمين جي مٽيءَ ۾ سُتل آهن، تن مان گهڻا وري جاڳندا، ۽ ڪن کي هميشہ جي حياتي ملندي، ۽ ڪي شرمندا ۽ هميشہ لاءِ خوار ٿيندا.


مون اسرائيل کي بيابان ۾ ڊاک وانگر لڌو؛ مون اوهانجن ابن ڏاڏن کي اهڙو ڏٺو جهڙو انجير جي وڻ جي پهرين موسم جو پهريون پڪل ڦر: پر هو بعل فغور وٽ ويا، ۽ انهي ڪراهت جهڙي شيءِ جي لاءِ هنن پاڻ کي ڌار ڪري رکيو، ۽ انهي وانگر ڪراهت جهڙا ٿيا جنهن کي پيار ڪندا هئا.


۽ آءٌ ماڻهن تي اهڙي مصيبت آڻيندس جو هو انڌن وانگي هلندا، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي: ۽ مٽيءَ وانگي هنن جو رت وهايو ويندو، ۽ هنن جو گوشت ڇيڻي وانگي.


پوءِ جن ڪمن جي ڪري اوهان کي هاڻي شرم ٿو اچي، تن مان اُنهي وقت اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڇالاءِ جو انهن ڪمن جو نتيجو آخر موت آهي.


۽ اوهين هن ملڪ جي رهاڪن سان ڪوبہ عهد اقرار نہ ڪجو، ۽ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو: پر اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي: ڇو اوهان ائين ڪيو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ