Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 3:22 - Sindhi Bible

22 اي بي وفا ٻارو، موٽي اچو، آءٌ اوهان جيءَ بي وفائيءَ جو علاج ڪندس. ڏس اسين تو وٽ آيا آهيون ڇالاءِ جو تون خداوند اسان جو خدا آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اي ڦري ويل قوم وارؤ! خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، هو اوهان جي گمراهيءَ جو علاج ڪندو. اوهين هي چئو تہ ”اسين خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هو ئي خداوند، اسان جو خدا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 3:22
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.


اي آسمان ٻڌو، ۽ اي زمين ڪن ڏي، ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي: تہ ٻارن کي مون پالي وڏو ڪيو آهي، پر اهي مون کان باغي ٿيا آهن.


جڏهن تو هن کي ڪڍيو، تڏهن تو انصاف سان ساڻس حجت ڪئي؛ اُڀرندي واري واءُ جي ڏينهن هن پنهنجي سخت طوفان سان انهي کي ڪڍي ڇڏيو آهي.


اي بني اسرائيل اوهين انهي ڏانهن ڦرو، جنهن سان اوهان سخت بغاوت ڪئي آهي.


هن جي لالچ جي برائيءَ جي ڪري مون کي ڪاوڙ آئي، ۽ مون هن کي ماريو، مون ڪاوڙجي پنهنجو منهن لڪايو: ۽ هو بيحيائي ڪري پنهنجي دلپسند رستي تي هلندو رهيو.


وڃ ۽ اهي ڳالهيون اُتر ڏانهن پڌريون ڪر، ۽ چئُہ تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ اي بي وفا اسرائيل موٽي اچ، آءٌ ڪاوڙ ۾ اوهان تي نظر نہ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ رحم وارو آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙ نہ ڌاريندس.


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ توکي وري تندرست ڪندس ۽ تنهنجا ڦٽ ڇُٽائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن توکي رد ڪيل سڏيو آهي، ۽ چيو اٿن تہ اهو صيون آهي جنهن جي ڪوبہ ڳولا ڪانہ ٿو ڪري.


يقين مون افرائيم کي ماتم ڪندو ٻڌو آهي جو چوي ٿو تہ تو مون کي سيکت ڏني آهي، ۽ مون انهي گابي وانگي سيکت پاتي جو پاڃاريءَ جو هريل نہ هو: تون مون کي ڦيراءِ تہ آءٌ ڦران: ڇالاءِ جو تون خداوند منهنجو خدا آهين.


ڏس، آءٌ انهي جي لاءِ شفا ۽ علاج آڻيندس، ۽ انهن کي تندرستي بخشيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي گهڻي سلامتي ۽ سچائي ظاهر ڪندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ اي اسرائيل، جي تون موٽندين، تہ مون ڏي موٽي ايندين: ۽ جي تون پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون منهنجي نظر کان پاسي ڪندين، تہ پوءِ تون برطرف نہ ڪيو ويندين؛


تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ اوهان مان هر ڪنهن جي راهہ جي موجب سندس عدالت ڪندس. اوهين موٽو ۽ پنهنجي سڀني گناهن کان توبهہ ڪريو؛ انهي طرح گناهہ اوهان جي ناس ٿيڻ جو سبب نہ ٿيندو.


انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ مون کي شرير جي موت سان ڪا خوشي حاصل نٿي ٿئي؛ پر هن ڳالهہ مان ٿي ٿئي تہ اُهو شرير پنهنجي رستي کان ڦري ۽ جيئرو رهي: پنهنجن خراب رستن کان اوهين ڦرو، اوهين ڦرو؛ ڇالاءِ جو، اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين ڇو ٿا مرڻ گهرو؟


انهي هوندي بہ آءٌ مصر جي زمين کان وٺي خداوند تنهنجو خدا آهيان، تون ڪنهن ٻئي معبود کي نہ ڄاڻندو هئين، ڇالاءِ جو مون کان سواءِ ٻيو نجات ڏيندڙ ڪونهي.


اي اسرائيل، خداوند پنهنجي خدا وٽ موٽ، ڇالاءِ جو تون پنهنجي بدڪاريءَ سبب ڪِريو آهين.


آءٌ هنن جي ڪوتاهيءَ جو علاج ڪندس، ۽ هنن کي کلي دل سان پيار ڪندس، ڇالاءِ جو منهنجي ڪاوڙ هنن کان ڦري ويئي آهي.


آءٌ اسرائيل جي لاءِ ماڪ جهڙو ٿيندس: هو سوسن وانگر گل ڪندو، ۽ لبنان وانگر پنهنجون پاڙون هڻندو.


افرائيم چوندو تہ اڳتي وري بُتن سان منهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ مون خداوند هن کي جواب ڏنو آهي، ۽ آءٌ مٿس نگاهہ ڪندس: آءٌ صنوبر جي سائي وڻ جهڙو آهيان؛ مون کان توکي پنهنجو ميوو حاصل ٿيندو.


تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.


انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هينئر بہ اوهين پنهنجي سموري دل سان، ۽ روزي ۽ روڄ، ۽ ماتم سان مون ڏي ڦرو:


۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ