Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 3:11 - Sindhi Bible

11 ۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ بي وفا اسرائيل، دغاباز يهوداہ کان پاڻ کي وڌيڪ سچو ثابت ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 خداوند مون کي فرمايو تہ ”اهو ئي سبب آهي جو اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم پنهنجو پاڻ کي يهوداہ ملڪ جي بي‌وفا قوم کان وڌيڪ سچو ثابت ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 3:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي گناهن ڏي ڦري ويا آهن، جن منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ويا آهن: اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي، منهنجو اهو عهد جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ڀڳو آهي.


اي بي وفا ٻارو، موٽي اچو، آءٌ اوهان جيءَ بي وفائيءَ جو علاج ڪندس. ڏس اسين تو وٽ آيا آهيون ڇالاءِ جو تون خداوند اسان جو خدا آهين.


۽ هوءَ اُهي سڀ ڪم ڪري چڪي تنهن کان پوءِ مون چيو تہ هوءَ موٽي مون ڏي ايندي؛ پر نہ موٽي: ۽ سندس دغاباز ڀيڻ يهوداہ اهو حال ڏٺو.


۽ جڏهن هن ڏٺو تہ بي وفا اسرائيل جي زنا ڪرڻ تي مون هن کي ڪڍي ڇڏيو هو ۽ طلاق نامو ڏنو هومانس، انهي هوندي بہ سندس ڀيڻ دغاباز يهوداہ ڊني ڪين؛ پر پاڻ بہ وڃي ڪسب ڪرڻ لڳي.


انهي هوندي بہ تون هنن جي راهہ تي نہ هلينءَ، ۽ نہ رڳو هنن جهڙا بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، ڄڻ تہ اها تمام ٿوري ڳالهہ هئي، پر تو پنهنجن سڀني ڪمن ۾ هنن کان بہ وڌيڪ برائي ڪئي آهي.


۽ سندس ڀيڻ اهوليبہ اهو حال ڏٺو، پر اُها هن کان بہ وڌيڪ پنهنجي عشقبازيءَ ۾ خراب هئي، ۽ پنهنجين زناڪارين ۾ بہ، جي سندس ڀيڻ جي زناڪارين کان وڌيڪ هيون.


۽ منهنجي قوم ڪوتاهي ڪرڻ تي مائل آهي: جيتوڻيڪ هو انهن کي انهي وٽ اچڻ لاءِ سڏين ٿا جو بلنديءَ تي آهي، تہ بہ ڪو انهي کي تعظيم نہ ٿو ڏئي.


ڇالاءِ جو اسرائيل پٺتي هٽندڙ گابيءَ وانگر پٺتي ٿو هٽي: هاڻي خداوند انهن کي هڪڙي ڪشادي هنڌ رڍن وانگر چاريندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ