Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 29:9 - Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو اُهي منهنجي نالي سان ڪوڙي نبوت ڪن ٿا: خداوند ٿو فرمائي تہ مون انهن کي نہ موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 هو منهنجي نالي تي ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪن ٿا، جڏهن تہ مون انهن کي ڪين موڪليو آهي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 29:9
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون اُنهن نبين کي نہ موڪليو، تہ بہ هو پئي ڊوڙيا: مون انهن سان ڪلام ڪين ڪيو، تہ بہ انهن نبوت پئي ڪئي.


۽ اوهين انهن نبين جون ڳالهيون نہ ٻڌو جي اوهان کي چون ٿا تہ اوهين بابل جي بادشاهہ جي خدمت نہ ڪندا: ڇالاءِ جو اُهي اوهان کي ڪوڙي نبوت ٿا ٻڌائين.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هنن کي ڪونہ موڪليو آهي پر اهي ڪوڙ ڪري منهنجي نالي نبوت ٿا ڪن؛ انهي لاءِ تہ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍان، ۽ اوهين ۽ اُهي نبي بہ، جي اوهان وٽ نبوت ٿا ڪن، چٽ ٿي وڃو.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، اخي اب بن قولاياہ، ۽ صدقياہ بن معسياہ، جي بابت جي منهنجي نالي سان نبوت ڪري اوهان کي ڪوڙ ٿا ٻڌائين، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪندس، جو هنن کي اوهان جن اکين آڏو قتل ڪري ڇڏيندو؛


ڇالاءِ جو هنن اسرائيل ۾ بي عقليءَ جو ڪم ڪيو، ۽ پنهنجي پاڙيسرين جي زالن سان زناڪاري ڪئي، ۽ ڪوڙ ڪري منهنجي نالي سان اهڙيون ڳالهيون ڪيون جي مون هنن کي نہ چيون هيون: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اهو آهيان جو ڄاڻان ٿو ۽ شاهد آهيان.


تہ سڀني قيدين کي چوائي موڪل تہ خداوند سمعياہ نخلاميءَ جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ سمعياہ اوهان وٽ نبوت ڪئي آهي پر مون هن کي ڪونہ موڪليو آهي، ۽ هن اوهان کي ڪوڙ تي ڀروسو ڪرايو آهي،


تنهنجن نبين تنهنجي لاءِ اجاين ۽ بي عقليءَ جهڙين ڳالهين جا خواب ڏٺا آهن؛ ۽ انهن تنهنجي بدڪاري ڳولي نہ لڌي آهي، جو تنهنجا قيدي موٽائي آڻين: پر هنن تنهنجي لاءِ بيهودا مضمون ۽ شهر نيڪاليءَ جا سبب ڏٺا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ