Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 29:26 - Sindhi Bible

26 خداوند توکي يهويدع ڪاهن جي جاءِ تي ڪاهن مقرر ڪيو آهي، تہ اوهين خداوند جي گهر ۾ عملدار ٿيو، ۽ جيڪو ماڻهو چريائي ڏيکاري ۽ پاڻ کي نبي بنائي تنهن کي تون ڪاٺ ۾ ۽ زنجيرن ۾ وجهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 ”خداوند تو کي يهويدع ڪاهن جي جاءِ تي ڪاهن مقرر ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون خداوند جي گھر جو نگران بڻجي هر انهيءَ چرئي ماڻهوءَ کي جيڪو پاڻ کي نبي چوائي، تنهن کي ڪاٺ ۾ وجھي زنجيرن سان جڪڙي ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 29:26
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سوَن جا سردار، جي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيا ويا هئا تن کي يهويدع ڪاهن حڪم ڏيئي چيو تہ هن زال کي گهلي قطارن جي وچ مان ٻاهر آڻيو؛ ۽ جيڪو هن جي پٺيان لڳي تنهن کي ترار سان ماري ڇڏيو: ڇالاءِ جو ڪاهن چيو تہ هن کي خداوند جي گهر ۾ نہ ڪُهو.


پوءِ ملڪ جا سڀ ماڻهو بعل جي گهر ڏانهن ويا ۽ اُنهيءَ کي وڃي ڊاٺائون؛ انهيءَ جون قربانگاهون، ۽ انهيءَ جون مورتون سڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ قربانگاهن جي اڳيان بعل جي پوڄاريءَ متان کي قتل ڪيائون. ۽ ڪاهن خدا جي گهر تي عملدار مقرر ڪيا.


تڏهن ياهو پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن وٽ موٽي آيو: ۽ هڪڙي چيس تہ ٻيو تہ خير آهي؟ اهو ديوانو ماڻهو ڇو تو وٽ آيو هو؟ ۽ هن اُنهن کي چيو تہ اوهان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي، ۽ جيڪي هن چيو، تنهن جي خبر آهي.


تڏهن آسا انهيءَ غيب دان تي ڪاوڙيو، ۽ انهيءَ کي قيد ۾ کڻي وڌائين؛ ڇالاءِ جو انهيءَ ڳالهہ ڪري هن تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس. ۽ ساڳئي وقت ۾ آسا ڪن ماڻهن تي ظلم بہ ڪيا.


۽ چئو تہ بادشاهہ هيئن ٿو چوي، تہ هن شخص کي قيد ۾ وجهو ۽ مصيبت جي ماني کارايوس ۽ مصيبت جو پاڻي پياريوس، جيستائين آءٌ صحيح سلامت موٽي اچان.


تنهن ڪري هاڻي تو ڇو يرمياہ عنتوتيءَ کي عتاب نہ ڏنو آهي، جو هو اوهان وٽ پاڻ کي نبي ٿو بنائي.


انهيءَ طرح يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهندو آيو، جيسين ڪ يروشلم جي وٺجڻ جو ڏينهن اچي پهتو. ۽ جڏهن يروشلم ورتو ويو تڏهن هيئن ٿيو، تہ


تڏهن هنن يرمياہ کي کڻي ملڪياہ شهزادي جي بهري ۾ وڌو، جو پهري وارن جي ايوان ۾ هو: ۽ يرمياهہ کي رسن سان انهي ۾ هيٺ لاهي وڌائون: ۽ انهي بهري ۾ پاڻي ڪونہ هو پر گپ هئي: ۽ يرمياہ گپ ۾ گپي ويو.


سزا جا ڏينهن آيا آهن، بدلي وٺڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن؛ اسرائيل پاڻهي ڄاڻندو: نبي بي عقل آهي، جنهن ماڻهوءَ ۾ روح آهي سو چريو آهي، اهو تنهنجي بدڪاريءَ جي گهڻائيءَ ڪري ٿيو آهي، ۽ هن ڪري جو دشمني وڏي آهي.


انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.


۽ جڏهن هو هيڪل ۾ آيو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ اُمت جي بزرگن وٽس اچي چيو تہ تون اهي ڪم ڪهڙيءَ اختياريءَ سان ٿو ڪرين؟ ۽ ڪنهن توکي اها اختياري ڏني آهي؟


۽ جڏهن سندس عزيزن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن کيس هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هي هوش کان ٻاهر آهي.


۽ منجهانئن گهڻا چوڻ لڳا تہ هن ۾ ڀوت آهي ۽ چريو آهي: اوهين ڇو ٿا سندس ڳالهيون ٻُڌو؟


يهودين جواب ڏنس تہ اسين توکي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ سنگسار نٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري؛ ڇالاءِ جو تون انسان ٿي پاڻ کي خدا ٿو ڪوٺين.


اسان جو ابو ابراهيم، جو مري ويو، تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ ۽ نبي مري ويا: تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجهين؟


تنهن هي حڪم ملڻ ڪري اُنهن کي اندرئين قيدخاني ۾ کڻي وڌو، ۽ سندن ٽنگون ڪاٺ ۾ قابو ڪري ڇڏيائين.


۽ سڀني عبادتخانن ۾، گهڻائي ڀيرا کين سزا ڏياري، زورازوريءَ کانئن ڪفر بڪائيندو هوس؛ بلڪ سندن برخلاف اهڙو ڇتو ٿي پيس، جو کين ٻين شهرن ۾ بہ وڃي ستائيندو هوس.


اڃا هن انهيءَ طرح پنهنجو بچاءُ پئي ڏنو، تہ فيستس واڪو ڪري چيو، تہ اي پولس، تون ديوانو ٿي پيو آهين؛ تنهنجي گهڻي علم توکي چريو ڪري ڇڏيو آهي.


پر پولس چيو، تہ جناب فيستس بهادر، آئون ديوانو نہ آهيان، پر سچ ۽ عقل جون ڳالهيون ٿو ڪريان.


اڃا هنن ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو تہ ڪاهن ۽ هيڪل جو صوبيدار ۽ صدوقي مٿن ڪاهي آيا،


۽ رسولن کي پڪڙي قيدخاني ۾ وڌائون.


هاڻي جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن هي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن انهن بابت اچي ڏاڍي فڪر ۾ پيا، تہ هن جو نتيجو ڪهڙو ٿيندو؟


پر مون کي هڪڙيءَ ٽوڪريءَ ۾ ويهاري هڪڙيءَ دريءَ مان ڀت تان لاهي ڇڏيائون، ۽ آئون هن جي هٿان بچي نڪتس.


جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ