Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 29:23 - Sindhi Bible

23 ڇالاءِ جو هنن اسرائيل ۾ بي عقليءَ جو ڪم ڪيو، ۽ پنهنجي پاڙيسرين جي زالن سان زناڪاري ڪئي، ۽ ڪوڙ ڪري منهنجي نالي سان اهڙيون ڳالهيون ڪيون جي مون هنن کي نہ چيون هيون: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اهو آهيان جو ڄاڻان ٿو ۽ شاهد آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 انهيءَ سبب جو هنن مون کي ڪاوڙائڻ جهڙا ڪم ڪيا، يعني ٻين ماڻهن جي زالن سان زناڪاري ڪيائون ۽ منهنجي نالي تي ڪوڙيون ڳالهيون ڪيائون جيڪي مون کين نہ چيون هيون. مون کي اها سڄي خبر آهي ۽ آءٌ خداوند پاڻ ان جو گواهہ آهيان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 29:23
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن تون منهنجين ڌيئرن کي ڏکيو رکندين، يا جيڪڏهن تون منهنجين ڌيئرن کان سواءِ ٻيون زالون پرڻبين، تہ جيتوڻيڪ ٻيو ڪو ماڻهو اسان سان ڪونهي، پر ڏس، خدا منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد آهي.


۽ يعقوب جا پٽ بہ اها ڳالهہ ٻڌي جهنگ مان موٽي آيا: اهي تمام رنج ٿيا ۽ ڏاڍي ڪاوڙ آين؛ ڇالاءِ جو هن يعقوب جي ڌيءَ سان سمهڻ ڪري اسرائيل ۾ بي عزتي جو ڪم ڪيو هو، جو بلڪل بي واجب هو.


تڏهن هن ورندي ڏني تہ نہ ادا، مون کي زور نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو اسرائيل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ نہ گهرجي: اهڙي بي عقلي نہ ڪر.


ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جا رستا خداوند جي اکين اڳيان آهن، ۽ هو انهيءَ جون سڀ واٽون سڌيون ٿو ڪري.


مون تنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم، يعني تنهنجون زناڪاريون، ۽ هڻڪارون، ۽ حرامڪاريءَ جي شهوت بازي، ميدان ۽ ٽڪرن جي مٿان ڏٺي آهي. اي يروشلم، ويل هجي توسان؛ تون پاڪ ڪين ٿيندينءَ؛ ڪيستائين اڃا بہ اهو حال رهندو؟


ڇالاءِ جو منهنجون اکيون هنن جي سڀني رستن تي آهن: هو منهنجي منهن کان لڪل نہ آهن، نڪي هنن جي بدڪاري منهنجي اکين کان لڪل آهي.


يروشلم جي نبين ۾ بہ مون هڪڙي هيبت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي؛ هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙن تي ٿا هلن، ۽ بدڪارن جي هٿن کي اهڙو مضبوط ٿا ڪن، جو ڪوبہ پنهنجي شرارت کان باز نٿو اچي: اُهي سڀ منهنجي نظر ۾ سدوم جهڙا، ۽ انهي جا رهاڪو عمورہ جهڙا ٿي پيا آهن.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي نبي اوهان وٽ نبوت ڪن ٿا تن جي ڳالهين ڏي ڪن نہ ڏيو؛ اُهي اوهان کي باطل ڳالهيون سيکارين ٿا؛ هو پنهنجي دل جا خيال خواب ٻڌائين ٿا، نہ جيڪي خداوند جي وات مان آهي.


مون اُنهن نبين کي نہ موڪليو، تہ بہ هو پئي ڊوڙيا: مون انهن سان ڪلام ڪين ڪيو، تہ بہ انهن نبوت پئي ڪئي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن جي برخلاف آهيان جي ڪوڙا خواب نبوت ڪري ٻڌائين ٿا، ۽ انهن کي بيان ڪري پنهنجن ڪوڙن سان، ۽ پنهنجن اجاين ٻٽاڪن سان منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا: خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هنن کي نہ موڪليو ۽ نڪو حڪم ڏنو مان؛ نڪي اُنهن مان هن قوم کي ڪو فائدو ٿيندو.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، اخي اب بن قولاياہ، ۽ صدقياہ بن معسياہ، جي بابت جي منهنجي نالي سان نبوت ڪري اوهان کي ڪوڙ ٿا ٻڌائين، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪندس، جو هنن کي اوهان جن اکين آڏو قتل ڪري ڇڏيندو؛


تہ سڀني قيدين کي چوائي موڪل تہ خداوند سمعياہ نخلاميءَ جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ سمعياہ اوهان وٽ نبوت ڪئي آهي پر مون هن کي ڪونہ موڪليو آهي، ۽ هن اوهان کي ڪوڙ تي ڀروسو ڪرايو آهي،


هو ڍاول گهوڙن جهڙا هئا جي عام رلن ٿا: هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پئي هڻڪيو.


هيءُ گهر جو منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي، سو اوهان جي نظر ۾ ڌاڙيلن جي پاٿاري ٿي پيو آهي ڇا؟ خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، مون، هائو مون اهو ڏٺو آهي.


۽ اوهان پنهنجي وات سان منهنجي مقابلي ۾ پنهنجي وڏائي ڪئي آهي، ۽ منهنجي برخلاف گهڻيون ڳالهيون ڪيون اٿوَ: اهي سڀ مون ٻڌيون آهن.


هن جا نبي هلڪا ۽ دغاباز شخص آهن؛ ان جي ڪاهنن پاڪ مڪان کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ شريعت جي برخلاف هلت ڪئي اٿن.


تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ڪهڙو سبب آهي؟ انهي ڪري جو خداوند تنهنجي ۽ تنهنجي جوانيءَ جي زال جي وچ ۾ شاهد آهي: جيتوڻيڪ هوءَ تنهنجي رفيق ۽ متعهدي زال آهي، تہ بہ تو انهيءَ سان بي وفائي ڪئي آهي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس.


اهڙي ڪابہ مخلوق ڪانهي جا هن کان ڳجهي آهي؛ بلڪ جنهن سان اسان جو واسطو آهي، انهي جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛


۽ لوديڪيہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جو آمين، وفادار ۽ سچو شاهد، ۽ خدا جي خلقت جو شروع آهي، سو هيئن ٿو چوي تہ


جلعاد جي بزرگن افتاح کي چيو تہ انهيءَ لاءِ خداوند اسان جي وچ ۾ شاهد رهندو؛ يقين ڄاڻ تہ جيئن تون چوين ٿو، تيئن اسين ڪنداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ