Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 29:21 - Sindhi Bible

21 لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، اخي اب بن قولاياہ، ۽ صدقياہ بن معسياہ، جي بابت جي منهنجي نالي سان نبوت ڪري اوهان کي ڪوڙ ٿا ٻڌائين، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪندس، جو هنن کي اوهان جن اکين آڏو قتل ڪري ڇڏيندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا اخي‌اب ولد قولاياہ ۽ صدقياہ ولد معسياہ، جيڪي منهنجي نالي تي اوهان اڳيان ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪن ٿا، تن بابت چوان ٿو تہ آءٌ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو کين اوهان جي اکين اڳيان قتل ڪرائي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 29:21
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي سڀني دوستن جي لاءِ خوف جو سبب ڪندس: ۽ اُهي پنهنجن دشمنن جي ترار سان مرندا ۽ تنهنجون اکيون اهو ڏسنديون: ۽ آءٌ يهوداہ کي بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس، ۽ هو انهن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويندو ۽ کين ترار سان قتل ڪري ڇڏيندو.


۽ تون، اي فشحور، ۽ جيڪي تنهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي سڀ قيد ٿي ويندا: ۽ تون بابل ۾ ويندين، ۽ اتي تون مرندين ۽ اُتيئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر سڀيئي تنهنجا دوست جن وٽ تو ڪوڙي نبوت ڪئي آهي.


يروشلم جي نبين ۾ بہ مون هڪڙي هيبت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي؛ هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙن تي ٿا هلن، ۽ بدڪارن جي هٿن کي اهڙو مضبوط ٿا ڪن، جو ڪوبہ پنهنجي شرارت کان باز نٿو اچي: اُهي سڀ منهنجي نظر ۾ سدوم جهڙا، ۽ انهي جا رهاڪو عمورہ جهڙا ٿي پيا آهن.


ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ خداوند اسان جي لاءِ بابل ۾ نبي اُٿاريا آهن.


تنهنجن نبين تنهنجي لاءِ اجاين ۽ بي عقليءَ جهڙين ڳالهين جا خواب ڏٺا آهن؛ ۽ انهن تنهنجي بدڪاري ڳولي نہ لڌي آهي، جو تنهنجا قيدي موٽائي آڻين: پر هنن تنهنجي لاءِ بيهودا مضمون ۽ شهر نيڪاليءَ جا سبب ڏٺا آهن.


پر انهيءَ اُمت ۾ بہ ڪوڙا نبي پيدا ٿيا، جيئن ڪ اوهان ۾ بہ ڪوڙا اُستاد پيدا ٿيندا، جي ڳجهہ ڳوهہ ۾ برباد ڪندڙ بدعتون شروع ڪندا، ۽ ايتري قدر جو انهي ڌڻيءَ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين خريد ڪيو، ۽ هو پاڻ کي جلد ئي برباد ڪري ڇڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ