Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 29:20 - Sindhi Bible

20 تنهن ڪري اوهين جي آهيو، ۽ سڀ قيدي جن کي مون يروشلم مان بابل ڏي موڪلي ڇڏيو آهي، خداوند جو ڪلام ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تنهنڪري هاڻي اي جلاوطنؤ! اوهين جن کي مون يروشلم کان بابل ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، سي سڀ مون خداوند جو فرمان ڌيان سان ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 29:20
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هنن چڱن انجيرن وانگي آءٌ يهوداہ جي انهن قيدين کي سمجهندس جن کي مون هن هنڌان ڪڍي سندن چڱائي لاءِ ڪسدين جي ملڪ ڏي موڪليو آهي.


هاڻي جيڪو خط يرمياہ نبيءَ يروشلم مان باقي رهيلن قيدي بزرگن ڏي، ۽ ڪاهنن ۽ نبين ۽ انهن سڀني ماڻهن ڏي موڪليو، جن کي نبوڪدنضر قيد ڪري يروشلم مان بابل ڏي وٺي ويو هو، تنهنجا هي لفظ آهن:


(يعني انهي کان پوءِ تہ يڪونياہ بادشاهہ، ۽ والدہ ملڪہ، ۽ ناظر، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم جا امير، ۽ واڍا، ۽ لوهار يروشلم مان روانا ٿيا)


تہ سڀني قيدين کي چوائي موڪل تہ خداوند سمعياہ نخلاميءَ جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ سمعياہ اوهان وٽ نبوت ڪئي آهي پر مون هن کي ڪونہ موڪليو آهي، ۽ هن اوهان کي ڪوڙ تي ڀروسو ڪرايو آهي،


۽ آءٌ اوهان کي انهي منجهان ڪڍي ڌارين جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اوهان ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس.


۽ وڃ انهن قيدين کي، يعني پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وڃي چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي؛ پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن.


تنهن کانپوءِ آءٌ تل ابيب ۾ قيدين وٽ ويس، جي ڪبار نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا، ۽ آءٌ ستن ڏينهن تائين انهن منجهہ حيران ٿيو ويٺو هوس.


اي صيون جي ڌيءَ سور جهل، ۽ ويم واري زال وانگر تڪليف سهي ڪجهہ ڄڻ: ڇالاءِ جو هاڻي تون شهر مان نڪرندينءَ ۽ ميدان ۾ ۽ بابل ۾ ايندينءَ، ۽ اُتي تون ڇڏائي ويندينءَ؛ اُتي خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي هٿ مان ڇڏائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ