Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 29:19 - Sindhi Bible

19 ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن منهنجون اهي ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، جي مون صبح جو سوير اُٿي پنهنجن ٻانهن نبين جي وسيلي موڪليون: پر خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان ٻڌڻ جي نہ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ان جو سبب هي آهي جو هنن منهنجي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي بار بار کين ٻڌائيندو رهيو آهيان. هنن تہ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ئي گوارا نہ ڪيون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 29:19
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون،


۽ جن پنهنجن ٻانهن نبين کي صبح جو سوير اُٿي اوهان ڏي موڪليان ٿو، پر جن جي اوهان نہ ٻڌي آهي تن جون ڳالهيون جي اوهين نہ ٻڌندا؛


۽ هنن منهن ڦيرائي مون ڏي پٺ ڪئي آهي: ۽ جيتوڻيڪ صبح جو سوير اُٿي مون هنن کي تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ڌيان ڪونہ ڏنو آهي.


تنهن ڪري خداوند، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجو حڪم نہ ٻڌو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پڌري طرح آزاد ڪري نہ ڇڏيو آهي: ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي ترار جي، ۽ مرض جي، ۽ ڏڪار جي آزاديءَ جي خبر ٿو ڏيان؛ ۽ آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هيڏي هوڏي رلائيندس:


تنهنجو سبب هيءُ آهي تہ هنن جي شرارت مون کي ڪاوڙ ڏياري، جو هنن وڃي ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيا ۽ انهن جي عبادت ڪيائون، جنهن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، يعني نہ اوهان نہ اوهان جي ابن ڏاڏن.


اي زمين، ٻڌ: ڏس آءٌ هن قوم تي خرابي آڻيندس، يعني سندن خيالن جو نتيجو، ڇالاءِ جو هنن منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي اصل رد ڪري ڇڏيو اٿن.


۽ هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان هي سڀ ڪم ڪيا آهن، ۽ مون اوهان سان سوير اُٿي ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو: ۽ مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو:


خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ